16 اتوار , دسمبر 2018

ٿر جو ٻاٻيهو؟:ارباب ڇڄڙو

ڪتاب ”ٿر“ مرتب عبدالقادر منگي، پڙهندي وڃي شاهنواز سوڍر جي لکيل مضمون ”ٿر ٻاٻيهو“ تي پهتس. وڏي چاھ سان مضمون پڙهڻ لڳس ڇو ته؟ ڀلاري ڀٽائيءَ ٿر جي ٻاٻيهي پکيءَ کي ڏاڍي سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. جو من مندر جو تارون ڇڙيو وڃن. اهي عاشق اچيو اکين جي اڳيان بيهن جن جو مرڻ به، محبوب جو مشاهدو هوندو آهي. ڀٽ ڌڻي چوي ٿو ته اي منهنجا جاني جي مان توکي وساريان ته، ٿر جي ٻاٻيهي وانگر ڦٿڪي مران، ڄڻ ته عاشق پنهنجو پاڻ کي پٽي ٿو.

دنيا ۾ هزارين قسمن جا پکي رهن ٿا. چون ٿا ته سنڌ ۾ به ٽي هزار کن پکين جا قسم آهن. ان کان سواءِ هر سال سياري ۾ اتر ملڪن جا ٻه ڪيترائي پکي اچيو سنڌ ۾ پر گهٽ ٿين ٿا. جن جي نالن جي به وڏي لسٽ آهي.

اتر کان آيل ڪيترائي پکي هت آنا لاهي مٽيءَ ۾ پوري واپس پنهنجي ديس هليا ويندا آهن. جڏهن ٻچا اڏامڪ ٿيندا آهن ته پوءِ اهي به، واپس اباڻي ديس هليا ويندا آهن. يعني ته انهن پکين جا ٻه ديس آهن. هڪ سنڌ جتي هو پيدا ٿين ٿا ٻيو اهو جتي وڃي رهن ٿا. اهڙيون پکين جون کوڙ ڪهاڻيون آهن.

سنڌ ۾ جيڪي پکي رهن ٿا. اڪثر اسان انهن جي نالن کان به واقف نه آهيون، ۽ وري پکي رهن به ٻهراڙيءَ ۾ ٿا. اسان جا شهري بابو اوڏانهن ته وڃن ئي ڪونه. نه وري ڪا اهڙي جاچ پڙتال ئي ڪن ٿا. سنڌ ۾ به ڪيترن ئي پکين جا وري ٻه ٻه قسم به آهن جيئن ڪٻر جا ٻه قسم، هيڙهي جا ٻه قسم، ڦوسڙن جا ٻه قسم وغيره.

اڄ کان ٽي سئو سال اڳ حضرت شاھ عبداللطيف رح پکين جي نالن ۽ سندن عادتن وغيره کان چڱيءَ طرح واقف هئو. جن جو ذڪر پنهنجي لافاني شاعريءَ ۾ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوھ سان ڪيو اٿس. جو اهو ٻڌڻ سان اڄ به ماڻهن جي ناليج ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ۽ روح کي راحت پڻ رسي ٿي.

جڏهن ته، هن دور جو شاعر اهڙين خوبين کان وانجهيل آهي. جنهن جو مشاهدو اسان ڪيترن کي آهي.

سوڍر صاحب پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو.

”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي ته، سنڌي ٻاٻيهو يا تاڙو ۽ هنديءَ جو پپيهو ساڳيو ئي پکي آهي“ سنڌي ٻاٻيهو يعني ته، ٻاٻيهو پنجابي ۽ بلوچ به ٿيندو آهي ڇا؟!

هت بلوچ صاحب ٽن جدا جدا پکين جي قسم کي هڪ ئي قسم چئي ڇڏيو آهي. هاڻي سوڍر صاحب تي حيران ٿيون يا ڊاڪٽر بلوچ تي حيران ٿيون ڇا ڪجي؟

اها خبر سنڌ جا عام ماڻهو ڄاڻن ٿا ته، ٻاٻيهو پکي ڪڙڇيءَ پکيءَ جيترو ٿيندو آهي. جيڪو مٿان کان ڪارو ۽ هيٺان اڇو ٿئي ٿو. مٿي تي کنڀن جو ڪارو موڙ به هوندو اٿس.

تازو به ان جيترو پکي ٿيندو آهي. پر ان جو رنگ ڦڪاڻ مايل  ميرو ٿيندوآهي. جيڪو برسات جي موسم ۾ تنواري پنهنجي ياد هر هڪ ماڻهوءَ کي ڪرائيندو آهي. ماڻهو هن جي تنوار ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا آهن ۽ تاڙي کي پنهنجو همدرد ۽ ساٿي سمجهندا آهن.

پپيهو به ساڳي وزن جو پکي آهي. جنهن کي سنڌ ۾ ڪوئل چوندا آهن. هي پکي ڪارو ٿيندو آهي. جڏهن انبن ۾ انب ۽ کبڙن ۾ ۾ پيرون ٿيندا آهن. تڏهن هي مٺيون ٻوليون ٻولي ماڻهن ۾ خوشي ورهائيندو آهي. هي پکي پنهنجو آکيرو ڪو نه ٺاهيندو آهي ۽ لڪي ڇپي ڪانوَ جي آکيري ۾ آنو لاهي ايندو آهي. ۽پوءِ آرو ڪرڻ ۽ ٻچي کي چڳائڻ جو ڪم ڪانوَ کي ڪرڻو پوندو آهي. هي ٻئي پکي هڪ ئي موسم ۾ آنا لاهيندا آهن. ان ڪري هنن ٻنهي پکين جو پاڻ ۾ جهيڙو هلندو رهندوآهي.

سوڍر صاحب وري ڪمال جو ٻيو به ڪم ڪيو آهي اهو هي ته سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جو هڪ هائيڪو به، شاهدي لاءِ ڏنو اٿس.

ههڙي ڪاريءَ اُس ۾!

ٻول مَ ٻاٻيها.

اسان جو شاعر به ٻاٻيهي ۽ ڪوئل کي هڪ پکي سمجهي ٿو جڏهن اسان جي وڏي اديب ڊاڪٽر بلوچ ۽ وڏي شاعر جو هي حال هجي اتي سوڍر صاحب  جو ڪهڙو ڏوھ؟!

سنڌ ديس جا ڪجهه پکي اهڙا آهن جيڪي پنهنجو آسڻ ڪو نه ڇڏيندا آهن ڀلي ڏُڪار هجي يا سُڪار. انهن پکين ۾ هيڙهو ۽ ٻاٻيهو اچي وڃن ٿا. ٻاٻيهو ته سڄي سنڌ ۾ آهي. هن پکيءَ جو پاڻيءَ کانسواءِ جيئڻ مشڪل ٿيندو آهي. جڏهن لڪ لڳندي آهي. تڏهن هي وفادار پکي ٽاريءَ تاڪري ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي.

شاھ کي هن پکيءَ جي مرڻ تي ڏک ٿيو آهي ۽ پوءِ ان جو ذڪر ڪيو اٿس. چوي ٿو.

منجهان منهنجي روح، جي وڃي ساڄن وسري،

ته مر لڳي لوھ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران.

وفادار ٻيو پکي آهي هيڙهو. هي به پنهنجا پٽ ڪو نه ڇڏي مٽي کوٽيو پيو گـذر ڪندو. جڏهن ٿري ڏڪار جي ڪري ماڳ ڇڏي هليا ويندا ۽ وري جڏهن ڏڪاريل ڏيهه تي ڪرم جو ڪڻيون پونديون آهن. تڏهن وري وٿاڻن تي موٽي ايندا آهن ان وقت هيڙ هوئي اهڙو پکي آهي جيڪو ٽيون ٽيون ڪري، انهن جي آجيان ڪندو آهي ڀلاري ڀٽائيءَ کي هونئن به پکي ڏاڍا پيارا آهن. جن لاءِ چيو هئائين ڏسو ماڻهن کان وڌيڪ پيار ۽ ٻڌي پکين ۾ آهي.

جڏهن ڪا ڪونج ڪٿي مارجي ويندي آهي ته پوءِ هر سال ڪونجون اچي ڦيرا ڏينديون آهن تڏهن ٿي ته  شاھ کي پياريون هيون

هي به ڏسي سگهو ٿا

محمد حفيظ ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ سيريز يادگار نه بڻائي سگهيو!:سرمد سولنگي

نيٺ محمد حفيظ اهو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن  جو هرڪنهن کي انتظار هو ، ڇاڪاڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے