15 ہفتہ , دسمبر 2018

دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ انٽرنيٽ جي 25 هين سالگرهه

25 سال اڳ 12مارچ 1989 ۾ برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي ويب سائيٽ زريعي دنيا جي ڳانڍاپي جو خيال پيش ڪيو. دنيا جي ماڻهن کي پاڻ ۾ جوڙيندڙ انٽرنيٽ کي اڄ 25 سال گذري چڪا آهن.23 آگسٽ 1991 ۾ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي پهريون ڀيرو دنيا جي ماڻهن ويب سائيٽ ڳولڻ جي شروعات ڪئي.جيڪا ورلڊ وائيڊ ويب جي صورت ۾ برطانيه جي هڪ سائنسدان ٽِم برنلي جي ڪوششن جي نتيجي سان تيار ڪئي وئي.جنهن کي اڄ جي جديد دور ۾ انٽرنيٽ جو نالو ڏنو ويو.ان کان اڳ ۾ انٽرنيٽ پهريون ڀيرو 1969 ۾ رابطن لاءِ ۽ نيٽورڪنگ لاءِ جوڙي وئي. برطانيه سان تعلق رکندڙ سائنسدان ڊونلڊ ڊيوس مواصلاتي رابطي آرپنيٽ“ کي 1960ع ۾ ڊيزائين ڪيو هو،ان ڪري انٽرنيٽ جو پهريون نالو”آرپنيٽ رکيو ويو جنهن کي شروعات ۾ آمريڪي دفاعي کاتي جي رابطن لاءِ استمعال ڪيو ويندو هو.جنهن کي وسيع ڪرڻ لاءِ آمريڪي يونيورسٽين ۽ ريسرچ سينٽرن ۾ ان تي ڪم ڪيو ويو.يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا ۽ اسٽين فورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ پارانانهي نيٽ ورڪ کي جديد ۽ فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.سن 1973ع ۾ ”انٽر پروٽوڪول ڪميونيڪيشن سسٽم“ کي وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ڪرڻ جو ڪم ٿيو جنهن کانپوءِ انهي مواصلاتي رابطي سانمواصلاتي انقلاب ڀرپا ٿيو، برطانوي سائنسدان ٽِم برنلي 6 سالن کانپوءِ انهي رابطي کي استعمالڪندي 1990ع ۾ ” انٽر لنڪ هائپر ٽيڪسٽ ڊاڪيومينٽس“ ايجاد ڪيو .
رپورٽ آصف ٿيٻو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے