15 ہفتہ , دسمبر 2018

ٽماٽن جو جوس فالتو چرٻي، واڌو وزن ۽ ڪينسر جو بهترين علاج

592571-Tomatojuice-1472329937-609-640x480تائيوان(ع آ نيوز) صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽماٽن جو جوس استعمال ڪرڻ سان جسماني چرٻي پگھرائڻ ۽ ڪينسر خلاف قوت مدافعت وڌائڻ ۾ مدد ملندي آهي. تائيوان جي يونيورسٽي جي ماهرن پاران ڪيل تحقيق موجب ٽماٽن جي جوس جي ڪري جسم مان واڌو چرٻي پگھرجي ويندي آهي. تحقيق ۾ وڌيڪ وزن وارين عورتن کي روزانو 250 ملي ليٽر ٽماٽن جو جوس ٻن مهينن تائين پياريو ويو ته ان جي نتيجي ۾ انهن عورتن جو وزن حيران ڪندڙ حد تائين گھٽجي ويو. تحقيق جي شروعات ۽ خاتمي تي انهن عورتن جي رت جا نمونا پڻ ورتا ويا جن سان اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن جي ڪوليسٽرول ليول به گھٽجي وئي آهي ۽ ان سان گڏ رت ۾ هڪ مادو لائسوفين وڌيو آهي جيڪو ڪينسر خلاف مقابلي واري قوت وڌائيندو آهي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي دماغ جا وڏا فائدا سامهون اچي ويا

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۽ هالينڊ جي ماهرن چيو آهي ته وڏو انساني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے