15 ہفتہ , دسمبر 2018

انساني صحت جو خيال رکندڙ اسمارٽ بيلٽ تيار

beltلنڊن (ع آ نيوز) سام سنگ ڪمپني سينسر سان ليس هڪ اهڙو بيلٽ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو چيلهه جي ويڪر پر توهان جي ورزش ۽ کائڻ جي عادت کي نوٽ ڪري سگهي ٿو. ان کي بيلٽ بدران ويلنيس بيلٽ مطلب ”ويلٽ“جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو توهان جي کائڻ پيئڻ جي عادت، پيٽ وڌڻ جي عمل ۽ ٻين سرگرمين جي ڳڻپ به ڪري ٿو. ان کي ايندڙ سال جنوري ۾ ڪنزيومر اليڪٽرانڪس شو ۾ پيش ڪيو ويندو. بيلٽ کي سامسنگ جي ”سي ليب“ جي ماهرن تيار ڪيو آهي. توهان فٽنيس جو خيال رکندڙ اهو بيلٽ سولائي سان پائي سگهو ٿا. ان ۾ هڪ پيڊوميٽر به آهي، جيڪو هلڻ دوران توهان جي قدمن کي نوٽ ڪندو آهي ۽ اهو به ٻڌايندو ته اڄ توهان ڪيتري دير تائين ويٺل رهيا. ان کانسواءِ ويلٽ چيلهه جي ويڪر ۾ معمولي گهٽ وڌ بابت به آگاهه ڪندو، ڇو ته چيلهه وڌڻ سان صحت بابت ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا آهن. سام سنگ ويلٽ جون 4 ڊزائينون متعارف ڪرايون آهن، جيڪي مردن ۽ عورتن لاءِ آهن، جن کي جنوري 2017ع ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انسٽاگرام پاران واٽسپ ايپ جهڙو نئون زبردسٽ فيچر

ڪيليلورنيا(ويب ڊيسڪ)انسٽاگرام صارفين لاءِ واٽس ايپ جي طرح آڊيو پيغام” وائيس ميسج“ جي سهولت متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے