18 اتوار , نومبر 2018

گھر ۾ تيار ڪيو مزيدار چڪن حليم

maxresdefaultشيون: ڪڪُڙ (هَڏيءَ کان سواءِ، اڌ انچ جو چار عدد ٻوٽيون ٺاهي وٺو) ڪڻڪ 3 کاڌي جا چمچا، ساوا ڦوٽا 3 عدد، لونگ، 5 کان 6 عدد، دال چيني، هڪ چانهه جو چمچو، بصر سلائز ڪيل 3عدد، ادرڪ ۽ ٿوم جي پيسٽ ٻه کاڌي جا چمچا، چڻن جي دال، 2 کاڌي جا چمچا، ڏارو 2 کاڌي جا چمچا (ٽنهي کي ڀڄائي ڇڏيو) هيڊ اڌ چانهن وارو چمچو، ڳاڙها مرچ پائوڊر، هڪ کاڌي جو چمچو، لوڻ ضرورت موجب، گرم صالحو پائوڊر اڌ چانهه جو چمچو، تازا ساوا ڌاڻا، ٻه کان ٽيکاڌي جا چمچا، ڦودنو 10 کان 12 پَتا، گيهه، ضرورت موجب. ترڪيب:  ديڳڙيءَ ۾ گيهه گرم ڪري ان ۾ ساوا ڦوتا وجھو، گڏ ئي لونگ، دال چيني، تيز پَتا ۽ بصر وجھو، انهن کي ايستائين فرائي ڪيو جيستائين بصر سونهري نه ٿي وڃن، پوءِ ٿوم ادرڪ جو پيسٽ وجھي اڃا فراءِ ڪريو. ان کان پوءِ ان ۾ چڻن جي دال، منڱن جي دال وجھي مڪس ڪيو، پوءِ هيڊ ۽ ڳاڙهن مرچن جو پائوڊر وجهو، اڌ ڪوپ پاڻي وجھي ٻن کان ٽن منٽن تائين پچايو. ان کان پوءِ ان ۾ ڪڪڙ جون ٻوٽيون ۽ لوڻ وجھي مڪس ڪيو. چار ڪوپ پاڻي وجھي ان کي بوائل اچڻ تائين پچايو. ان ۾ گرم مصالحو وجھو، گڏ ئي ساوا ڌاڻا ۽ ڦودنو وجھي مڪس ڪيو، هٿ واري بلينڊر جي مدد سان مڪسچر کي بلينڊ ڪيو. ڍڪ ڏئي پچڻ ڏيو، جڏهن حليم گھاٽو ٿي وڃي ته چلهو بند ڪري ڇڏيو، گرما گرم چڪن حليم تيار آهي. تياريءَ جو وقت ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ، پچڻ جو وقت 50 منٽ، چئن ماڻهن لاءِ.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

وار ڪارا ۽ مضبوط ڪرڻ جو سئولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڇن وارن سبب اڪثر مرد ۽ عورتون پريشان آهن، جيڪڏهن وار عمر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے