18 اتوار , نومبر 2018

چئو واٽو

images           ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته پپو لاءِ سوچيم ڪو رانديڪو وٺيو وڃان. شهر مان ننڍڙو جهاز ورتم. واٽ تي سوچيندو رهيس، پپو جهاز ڏسي ڪيترو نه خوش ٿيندو!

گهر ۾ گهڙيس ته صفا ماٺ ڇانيل هئي. ننڍڙو پپو کٽ تي پيو هو. سڪي ڪاٺي ٿي ويو هو. مانس مٿان پکو هڻي رهي هيس. مون کي ڏسي منهنجي ڀيڻ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا” ادا پپو خدا جو مهمان آهي“ مون ڏٺو پپو جو ساهه لڪيءَ ۾ هو. پپو ڪري سڏ ڪيم ته نماڻيون اکيون کڻي ڏٺائين. مون جهاز اڳيان وڌايومانس. هٿ ڊگهيري وري هيٺ ڪري ڇڏيائين. منهنجي اکين ۾ به پاڻي اچي ويو.

گهر ۾ امڙ ٻڌايو ته ” ابا پپو کي سيکاري ويو هئين، ٽاءِ ٽاءِ“ سو هو هر ڪنهن کي پيو ٽاءِ، ٽاءِ ڪري هر ڪو پيو چوي ته ٽن سالن جو ٻار ڪيترو نه چالاڪ ٿي ويو آهي. ماڻس چيو ” ادا تنهنجي ڀاڻج کي نظر لڳي آهي. ملياڻي چيو آهي ته نظر به لڳي اٿس ۽ پريءَ جو پاڇو به پيو اٿس! ۽ ملان چيو آهي ته جنڙيءَ ڏيکارو ڏنو اٿس. مان ڪاٺ ڪيو ٻڌندو رهيس. رات ٿي امڙ چئو واٽي تان مٽي کڻي آئي. ان سان گڏ ڦٽڪي کنيائين ننڍڙي پپوءَ جي مٿان ست ڀيرا وجهي گهمائي مٽيءَ کي گهٽيءَ ۾ ست موچڙا هڻي آئي ۽ ڦٽڪي کي باهه ۾ وجهي ڇڏيائين! ۽ پوءِ ڦٽڪي ڪڍي چوڻ لڳي. ڏسو ڦٽڪيءَ ۾ مائي ٺهي پئي آهي. ڪنهن چيو ته پريءَ جو مهانڊو آهي. مان ماٺ ڪيو ڏسندو رهيس! صبح ٿيو سوچيم ڊاڪٽر وٽ پپوءَ کي کڻي وڃان! ڏسان ته امڙ پپو کي تئي جي ڪارنهن منهن تي هڻي رهي آهي ۽ ان کان پوءِ زناني جتيءَ سان ٽي چار ڀيرا سنوڻ ڪيائين.

مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو.  هڪ معصوم ٻيو بيمار- ٽيون ان سان اها تعدي- سڀ ڪوڻ ساٺ ڪري ماٺ ڪيائون. مون ڀيڻ کي سڏ ڪري سمجهايو مانس ”اجايو پنهنجي پٽ کي مارين ٿي، امڙ پراڻي جڳ جي آهي. ان کي ڇڏي ڏي- کڻي هلينس ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريون“ اسان پپو کي کنيو ته امڙ چيو ” اجايو ڊاڪٽر وٽ کڻي ٿا وڃو. هينئر خدا جي شئي آهي- بيماري ڪا نه اٿس. پري جو پاڇو پيو اٿس. اسان زوري پپو کي ڊاڪٽر وٽ کڻي وياسين. ڊاڪٽر پهرين پپو جي ڳلي ۾ تعويذن جا انبار ڏسي چيو – ننڍڙي  جي وزن کان وڌيڪ هي تعويذ وڌا اٿو، مون کلي ڏنو. ڊاڪٽر ڪينچي سان سڀ ڌاڳا ڪٽي ڇڏيا.

ننڍڙي پپوءَ کي ڏسي دوائون لکي ڏنائين ۽ چيائين ٻه هفتا کن لڳندس ٺيڪ ٿيڻ ۾ ڇو ته بخار وڏو ٿي ويو اٿس! اسين دوائون وٺي گهر آياسين. امڙ ڪاوڙيل هئي مون تي ۽ منهنجي ڀيڻ تي، ڇو ته پپوءَ کي امڙ نپايو هو ۽ ڏهٽاڻ هونئن به مٺو ٿيندو آهي.

دوا پيارڻ سان پپو کي الٽي اچڻ لڳي. امڙ چيو ڏٺو. مون ڪڇيو ڪو نه، سڌو ڊاڪٽر وٽ ويس. جنهن کان ٻي دوا وٺي آيس. ٻه ٽي ڏينهن ڳوٺ رهي، واپس حيدرآباد هليو آيس. پپوءَ جي اها خبر پئي ته اڳي کان هاڻ خوش آهي!

مهيني کان پوءِ وري ڳوٺ ويس. اڃا گهر جي ٻاهران کان چئو واٽي تي هوس  جتان امڙ مٽي کڻي پپو جي مٿان گهمائيندي هئي ته پريان آواز ٻڌم ماما ٽاءِ ٽاءِ ننڍڙو پيو جيڪو ٻارن سان گڏ کيڏي رهيو هو. سو هينئر ٺيڪ هو. مون ٿيلهو رکي وڃي کنيو مانس. امڙ کي پري کان ڏسي چيم. امان ڏٺو ئي پريءَ جي پاڇي کي ڊاڪٽر جي ڀڄائي ڇڏيو. امڙ ڪا نه ڪڇي. ڀيڻ ڀاڪر پائيندي چيو ادا تون نه اچين ها ته منهنجو پٽ ائين وڃي ها هليو. مون پپوءَ ڏانهن ڏٺو جيڪو  کلي رهيو هو ۽ مون کي ڏسي رهيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے