19 پیر , نومبر 2018

لاهور جو لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحو

 

لڳي ٿو ته دهشت گردي اسان جي سماج ۾ ناسور جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جنهن جو علاج ڏکيو مورڳو ناممڪن لڳي ٿو ۽ اهي دعوائون ته دهشت گردن جي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي به دعوائون ئي لڳن ٿيون، جنهن جو ثبوت آچر ڏينهن پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ گلشن پارڪ ۾ پيش آيل دهشت گرديءَ جو واقعو آهي. هن واقعي ۾ ميڊيائي اطلاعن موجب ستر کان وڌيڪ ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن، جن ۾ ٽيهن جي لڳ ڀڳ ٻارڙا به شامل آهن، جيڪي گهمڻ جو مزو وٺڻ آيا هئا.

                         هيءُ ملڪ هونئن ته ٻه ٽن ڏهاڪن کان وٺي جنگي حالت مان گذري رهيو آهي، پر ٻن ٽن سالن کان دهشت گرديءَ خلاف قبيلائي علائقن ۾ جيڪو آپريشن جاري آهي، تنهن کانپوءِ اميد جاڳي هئي ته هن ملڪ جي چئني ڏسائن ۾ رهندڙ ماڻهن کي هاڻي پرامن ۽ سڪون واري زندگي نصيب ٿيندي پر اهو پنڌ اڃا گهڻو پري ٿو ڀانئجي. لاهور واري سانحي کانپوءِ سياسي ۽ فوجي قيادت ايئن ئي سرگرم ٿي وئي آهي، ايئن ئي وچَنُ ورجائي رهي آهي، جيئن 16 ڊسمبر 2014ع تي پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل دهشت گرد حملي کانپوءِ گڏ ٿي هئي ۽ جنهن عزم جو اظهار ڪيو ويو هو، تنهن تحت سڄي مڪ اندر دهشت گردن خلاف ڪارروايون به تيز ڪيون ويون هيون.

ايئن به ناهي ته اهي ڪارروايون ڪي مڪمل بي نتيجا ۽ بي فائده ثابت ٿيون آهن، انهن ڪاررواين رنگ ضرور لاتو آهي، دهشت گرديءَ جي وارداتن ۾ گهٽتائي ضرور آئي آهي پر ايئن چئي نه ٿو سگهجي ته دهشت گردي جي مڪمل پاڙ پٽجي وئي آهي. هي آپريشن ۽ ڪارروايون هلندي، رکي رکي اهڙي ته واردات، اهڙو ته سانحو ٿي ٿو وڃي جو ڏوههَ ئي ڏڪي ٿا وڃن ۽ ماڻهن جو ساههُ ئي مُٺ ۾ اچي ٿو وڃي.

بدقسمتيءَ سان ملڪ جي ڪابه ڪنڊ، ڪابه ڏِسا ۽ ڪوبه پاسو، ڪوبه شعبو دهشت گرديءَ کان محفوظ ناهي. شهرن ۾ دهشت گردي روڪڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويا ته دهشت گردن جيڪب آباد جهڙن ملڪ جي اندرين علائقن جو رُخُ ڪيو، تعليمي ادارن جي تحفظ لاءِ قدم کڄيا ته هاڻي تفريحي هنڌ نشاني تي آهن، مطلب ته هڪڙو پاسو سنڀالجي ٿو ته ٻيو خطري ۾ اچي ٿو وڃي ۽ جڏهن جاچ لهجي ٿي ته ان جو واسطو سڌو سنئون مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسنديءَ سان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سو ملڪ کي دهشت گرديءَ جي جيڪا بيماري لڳل آهي، سا آپريشن واري علاج سان وقتي طور ته ايئن قابوءَ ۾ آڻي سگهجي ٿي جيئن اينٽي بايوٽڪ دوائن جي استعمال سان جسم جي ڪنهن به بيماريءَ تي ڪنٽرول ڪجي ٿو، پر دهشت گرديءَ واري مرض مان دائمي ڇوٽڪاري لاءِ ايئن ئي مسلسل رياستي پاليسي تبديل ڪرڻ وارو ڪورس اختيار ڪرڻو پوندو، جيئن ڪنهن به موتمار بيماريءَ مان جند ڇڏائڻ لاءِ مهينن جا مهينا يا سالن جا سال دوائن جا ڪورس کائڻا پوندا آهن.

سنڌ خاص ڪري ان جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن کانپوءِ حالتون اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي بهتر ڀانئجن ٿيون، بلوچستان ته ڏهاڪن کان وٺي آهي ئي آپريشنن جي ور چڙهيل، خيبر پختونخواهه ۽ قبيلائي علائقن ۾ به قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪاررواين ۾ رُڌل آهن، باقي رهيو ٿي پنجاب، جنهن جي لاءِ به سماج جي مختلف طبقن مان آواز اُٿي رهيا هئا ته اتي به دهشت گردي ۽ دهشت گردن سان نبرڻ لاءِ قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪيو ويو پر اهڙن آوازن تي ڌيان نه ڌريو ويو، نتيجي طور گلشن پارڪ جهڙو لونءَ ڪانڊاريندڙ سانحو ٿيو.

اطلاع آهن ته هن واقعي کانپوءِ وزيراعظم ميان محمد نواز شريف اسلام آباد ۽ لاهور، جڏهن ته پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جنرل هيڊ ڪواٽرز ۾ اهم اجلاس ڪيا آهن. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي يعني آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوه  سوشل ميڊيا جي ذريعي ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته لاهور واقعي کانپوءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ ڳجهن ادارن لاهور، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ پنج ڪارروايون ڪيون آهن، جن ۾ وڏي مقدار ۾ هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پنجاب ۾ به دهشت گردن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سو انهيءَ فيصلي کي ”دير آيد درست آيد“ چئي سگهجي ٿو، ڇو جو ملڪ جڏهن جنگي صورتحال مان گذري رهيو هجي، تڏهن هڪڙي پاسي آپريشن ۽ ٻئي پاسي ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ مان آپريشن واري علائقي مان نڪري ڏوهاري انهن علائقن ۾ پنهنجي ساٿين ۽ سهولت ڏيندڙن وٽ پناهه لاءِ وڃي سگهن ٿا. جتي آپريشن نه ٿي رهيو هجي. پنجاب خاص ڪري ڏکڻ پنجاب ته انتهاپسند ۽ جنوني قوتن جي ڳڙهه طور نه رڳو ملڪ پر سڄي دنيا ۾ نشانبر ٿي چڪو آهي، ۽ اتي نرمُ رويي مان ڪم وٺڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو لاهور ۾ سير ۽ تفريح لاءِ آيلن کي رت ۾ وهنجاريو ويو. خودڪش بمبار جي سڃاڻپ به مظفرڳڙهه واسي ٽيهن سالن کان به گهٽ عمر واري نوجوان طور ٿي آهي. سو چئي سگهجي ٿو ته پنجاب ۾ بهرحال اهڙيون نرسريون موجود آهن، جيڪي ڪچي ذهن جي نوجوانن جو برين واش ڪري کين خودڪش بمبار بڻائي، هڪ طرف کين ۽ سندن خاندانن کي جهنم ۾ ڌڪي رهيون آهن ته ٻئي طرف امن کي به تاراج ڪري رهيون آهن.

دهشت گردي اسان جي ملڪ لاءِ هڪ اهڙو ناسور بڻجي وئي آهي، جنهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ سٺي ۽ خراب، پنهنجي ۽ پرائي جي چَڪر ۾ پوڻ بدران بنا ڪنهن رک رکاءَ جي هڪ طرف سخت ڪارروائيءَ جي ضرورت آهي ته ٻئي طرف انتهاپسنديءَ واري سوچ جي ٽوڙ لاءِ سياسي جماعتن کي به ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزاد ڇڏڻ جي ضرورت آهي ته اهي ملڪ ۾ جتي به چاهن، جنهن هنڌ به چاهن وڃي پنهنجي پروگرام جي پرچار ڪن، نصاب کي جديد دور جي گهرجن سان ٺهڪندڙ بڻائڻ پڻ انهيءَ سلسلي ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. رياست تي ۽ حڪومت تي اها ذميواري اچي ٿي ته اها ”جيڪي ٿيو گهڻو ٿيو“ وارو اصول اختيار ڪري ڪارروائي ڪري نه رڳو ايترو پر جنونيت جي سوچ کي ڪراچي توڙي اسلام آباد ۾ لاقانونيت پکيڙيندڙ، ميڊيا ۽ سرڪاري ملڪيتن تي حلا ڪندڙن خلاف به سخت ڪارروائي جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے