20 منگل , نومبر 2018

زيتون جي َپنن سان وار ڪِرڻ بند

zetoonاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماهرن جو چوڻ آهي ته زيتون جا پَنَ استعمال ڪري وارن کي ڪِرڻ کان بچائي سگهجي ٿو. اهڙي تحقيق آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي  جي ماهرن ڪئي آهي، جن جو چوڻ آهي ته زيتون جي پَنن ۾ موجود وٽامن ڊي وارن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. زيتون جا پَنَ 20 منٽن تائين پاڻي ۾ اُٻاري اهو ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ مٿي ۾ هڻي ڇڏيو ۽ ٻن کان ٽن ڪلاڪن لاءِ ڇڏي ڏنو، پوءِ عام پاڻي سان مٿو ڌوئي ڇڏيو. بهترين طريقو اهو آهي ته رات جو سمهڻ کان اڳ زيتون جي پَنن جو اُٻريل پاڻي مٿي ۾ وجهو ۽ صبح جو مٿو ڌوئي ڇڏيو. ان عمل سان ڪجهه ڏينهن ۾ توهان جا وار ڪِرڻ بند ٿي ويندا، جڏهن ته نوان وار پڻ ڦُٽندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے