21 بدھ , نومبر 2018

۽ چنڊ اجهامي ويو

images           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن جي ڊاڙ پئي هنئي. اڄ عيد جو چنڊ بيهڻو هو، ان لاءِ اڳواٽ ننڍن وڏن ٻارن جي منهن تي مرڪ هئي! سول اسپتال جي ڀرسان هڪ عورت ويٺي آهي جنهن کي به ٻه معصوم مکڙي جهڙا پٽ آهن، ننڍو پٽ اڃا سمجهه ڀريو نه آهي. باقي وڏو پٽ ڳالهائڻ جو ايڏو ته پيارو آهي جو هر ماڻهو هن سان پيار ڪندو آهي! راجپوتانا اسپتال وڃڻ لاءِ سوزوڪيون به اتي بيهنديون آهن، ننڍڙن هٿن ۾ ڪپڙو کڻي انهن کي صاف ڪندو آهي پوءِ ڊرائيور رپيو ٻه ڏيندا اٿس!

اڄ جيئن ٻارن کان ٻڌائين ته شام جو عيد جو چنڊ بيهندو ته ماءُ کي اچي ڀاڪي پائي چيائين ” امي اڄ عيد آهي“ ماءُ جا ڦٽ چڪجي پيا، اکين مان ڳوڙهن کي لڪائيند چيائين ” ها! پٽ جي چنڊ بيٺو ته عيد آهي“ پوءِ امي، عيد جي رات اسان سيون کائينداسين“ اوچتو ڄڻ ماءُ کي يادگيري ڏياري هجائين ” هاءِ پٽ کوڙ سيون توهان لاءِ.“

اتان اٿي مارڪيٽ مان سيون وٺي آئي، کنڊ جي لاءِ سڄي مارڪيٽ رلي ڪا نه مليس، هن بي گهر وٽ راش ڪارڊ ته هو ئي ڪو نه لاچار ڳڙ وٺي آئي.

سروج آخري ٽٻي هڻي جبلن ۾ گم ٿي ويو. ڪافي ماڻهو، ٻار چنڊ کي تڪي ڏسڻ لڳا، ننڍڙو پپو به سول اسپتال کان نور محمد هاءِ اسڪول جي ڀت جي اوريان بيهي چنڊ کي ڏسڻ لڳو اوچتو ٻارن وڏن جون رڙيون پئجي ويون، چنڊ ڏسجي ويو، هي به ڊڪندو اچي ماءُ کي چنبڙيو امان چنڊ ڏسجي ويو! ماڻس هن کي ڀاڪي پائي پاڻ وٽ ويهاريو.

اڌ آنو گيهه جو ديڳڙي ۾ وجهي سيون رڌڻ لڳي، ننڍڙو پپو ويو شهر مان پاٺا ۽ ڪاغذ ميڙڻ باهه ٻارڻ جي لاءِ. موٽي آيو ته ڏٺائين ته ماڻس ڳڙ پاڻي ۾ ملائي رهي هئي، کيٽو ڪيائين ” ممي سيون ڳڙ سان مزو ڪو نه ڪنديون، کنڊ وجهينس“ ماڻس ٻڌايو ته ” پٽ! کنڊ ڪا نه ٿي ملي“ پاڻ سوزوڪي کي صاف ڪيو هئائين، اهي ٻه رپيا کيسي ۾ هئس کڻي ڀر وارن هوٽلن وارن وٽ ويو. پر ڪنهن کنڊ ڪانه ڏنس، ٿڪل قدمن سان ماءُ وٽ آيو. جيڪا ڳڙ سان سيون رڌي چڪي هئي. اچڻ شرط روئي ڏنائين، ماڻس! پرچائيندي چيس پٽ تون هيءُ کاءُ جڏهن وڏو ٿيندين، ڪمائيندين، پوءِ کائينداسين کنڊ واريون سيون.“

ماڻس ائين چئي بس ڪيو هن اٽلندو ماءُ کي سوچن ۾ جڪڙي ڇڏيو.” ممي اڄ عيد آهي!“ ها پٽ اڄ عيد آهي ” ممي پوءِ صبح جو ٻار نوان ڪپڙا پائيندا“ ها پٽ تون به نوان ڪپڙا پائيندين“ ”ممي ماڻهو ته نوان ڪپڙا پائي پنهنجي پيءُ سان گڏ نماز تي ويندا.“ ” ها پٽ“ ” پر ممي منهنجو بابا ڪٿي آهي، اڄ اچي نه ته سڀاڻي مون کي عيدگاهه تي وٺي وڃي.“ ننڍڙي ٻار ماءُ جي هنج ۾ ڄڻ ته ڪيئي غمن جا ڪنڊا اڇلائي ڇڏيا. پر مامتا پٽ جي مايوسي کي پرڀائڻ لاءِ چوڻ لڳي.

ٻچا توهان جو بابا حج تي ويو آهي ” ننڍڙي ٻار جي ذهن ۾ آيو ته مان به حج تي وڃان ۽ بابا کي وٺي اچان.“ ” ان لاءِ ماءُ کي چيائين – ممي پوءِ مان به ڀلا حج تي وڃان“ ماڻس کان رڙ نڪري ويس” ٻچا خير گهر- الله توکي وڏو ڪري.“ هن کي پنهنجي مڙس جو مرتيو ياد اچي ويو، ڪيئن نه وڏيري هن کي زمين تي قتل ڪرائي هن کي لوڌي ڪڍي ڇڏيو هئائين. هوءَ درد در ڀٽڪي هئي پر ڪو به انصاف پلئه ڪو نه پيو هو هي سوچن ۾ هئي ته وري پٽ جو آواز ڪن تي پيس. ” ممي ڀلاا بابا ڪڏهن ايندو“ ڪوڙو دلاسو ڏيندي چيائينس! ” پٽ مرچن جي ٻآرين ۾“ ننڍڙي ٻار کي اچي بک ورايو هو. سو اچي ديڳڙيءَ جي ڀرسان بيٺو. ٻئي ماءُ پٽ سمهي ويا ته ننڍڙي کي بک لڳي آهي، ان لاءِ ننڍڙي کي ڪن کان جهلي پپو چوڻ لڳو“ ” ادا ڪشو سيون ڳڙ وايون اٿئي“ هي اڃا سيون ڪڍي کائڻ لڳا ته سامهون هڪ سوزوڪي ڊرائيور جو گهر هو سو هنن لاءَ پلاءُ جي ڀت جي پليٽ کڻي آيو.

پپو ماني کائي، اچي ماءُ سان گڏ هيٺ ستو، هن جي نظر لبرٽي مارڪيٽ تي ٺهندڙ جاين تي پيئي ماءُ کي ڀاڪر پائيندي چيائين، ” امي ڀلا هي جيڪا نئين جاءِ ٺهي ٿي تنهن ۾ کڻي هڪڙي ڪوٺي اسان کي ڏين“ ماڻس چيو ” پپو جڏهن تون وڏو ٿي پئسا ڪندين ته پوءِ وٺنداسين“ ماءُ کي چيائين ” امي پئسا گڏ ڪڏهن ڪو نه ٿيندا، ڏس اسڪول ويو هوس ته به ماستر موچڙا هڻي ڪڍي ڇڏيو هو چيائين ” ڪٿان جو آهين ڇورا“ امي ڇو نه پنهنجي گهر هلون. ماءُ تي هنن ڳالهين ايترو اثر ڪيو جو پاڻ تي ضابطو رکي نه سگهي، ۽ اوچتو سڏڪا ڀري روئڻ لڳي، ننڍڙو ڪشو ماءُ کي ورئندو ڏسي روئڻ لڳو. پپو ٻنهي کي ڀاڪر پائي- روئندو به رهيو ۽ پرچائيندو هب رهيو. ائين ننڊ جي ديوي ٽنهي کي پنهنجي هنج ۾ کڻي وئي، صبح ٿيو. ڌرتيءَ تي سورج جا ڪرڻا پيا. هر ٻار معمول کان سوير اٿيو، هر گهر ۾ مائرون ننڍن ٻارن کي وهنجاري نوان ڪپڙا پارائي رهيون هيون، هن به سامهون واٽر سپلائي جي خيراتي نل مان پاڻي ڀري ڪپڙن ڌوئڻ جي صابڻ سان ٻنهي ٻارن کي وهنجاري. (نوان ڪپڙا وٺي رکيا هئائين) نوان ڪپڙا پارائين. هيءَ ٻنهي ٻارن کي تياري ڪي ڏاڍي خوش ٿي. اوچتو کيسي ۾ هٿ وڌائين، ٽڪو به ڪو نه هوس، پپو کان پئسا گهريائين، ان کيسي ۾ هٿ هنيو، پئسا رات ڪنهن هوٽل تي کنڊ وٺڻ وقت ڪري پيا هوس، مجبور ٿي پاڙي مان ٻارن لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي آئي. هاڻ ننڍڙن جي خرچي لاءِ اڻ تڻ هئس، اٿي سامان کوکن ۾ وجهي نڪري پئي شهر ڏانهن ته ڪو فطرو ملي ته ٻچن کي ڏيان. هيءَ تلڪ چاڙهي کان هيٺ لهي رهي هئي ته پريان ٻن ڪارن وارا تيز پي آيا. ٻچن کي بچائيندي پاڻ ڪار جي ڦيٿن ۾ اچي ويئي. سڄي رت  لت ڀت ٿي ويئي. سڀ ماڻهو عيدگاهه ۾ عيد نماز پڙهڻ لاءِ پنهنجن ٻارن کي وٺيو پئي ويا. پر ٻه معصوم ٻار ماءُ جي لاش مٿان زارو قطار روئي رهيا هيا پر ڪير به انهن ڏانهن وڌي ڪو نه ويو. ۽ هو ماءُ جي مٿان روئندا رهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چئو واٽو

           ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے