13 جمعرات , دسمبر 2018

اسلام آباد ۾ مقدس نالي تي غير مقدس ڪم ڪيو ويو: تکيون مٺيون ڳالهيون

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) لاهور واقعو  جمهوري قوتن کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي، اسلام آباد تي ڪاهه ڪندڙن جو طريقو عمران خان ۽ طاهر القادري وارو آهي، ادارن کي اڌ سچ ۽ اڌ ڪوڙ واري پاليسي ختم ڪرڻ گهرجي،  جنرل ضيا جي سوچ کي دفن ڪرڻ کانسواءِ ملڪ مان بدنيتون ۽ بڇڙايون ختم نه ٿينديون، عوامي آواز ٽي وي جي تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر لاهور دهشت گردي، اسلام آباد تي ڪاهه ۽ ڪراچي پريس ڪلب تي حملي وارن پرتشدد وار ڪانڊاريندڙ واقعن تي ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ 38 سالن کان انصاف جي نالي تي ناانصافيون ٿيون آهن، جنرل ضيا جي وقت ۾هزارين ماڻهن کي ڦاهيون، ڦٽڪا، ڪوڙا هڻي بي رحمي جو راڄ قائم رکيو ويو، پر هاڻي رياست پهريون، ڀيرو محسوس ڪيو آهي ته دهشت گردي ملڪ جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهي آهي، هنن چيو ته دهشت گردي تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي، ڇاڪاڻ  ته آمريڪا سميت ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جون ٽيڪون نڪري ويون اٿن، هنن چيو ته اسلام آباد ۾ مقدس نالي تي غير مقدس ڪم ڪري ڏوهن کي لڪايو پيو وڃي، هنن چيو ته  اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ مذهبي جماعتن جي مطالبن ۾ ڪوبه منطق نه آهي، نظام مصطفيٰ جو مطالبو ڪرڻ جو مطلب 1977ع واري ساڳي ڳالهه کي ورجائي ملڪ کي ساڳين حالت ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش آهي، هنن چيو ته  جنرل ضيا واري سوچ کي دفن ڪري ملڪ ۾ تعليم جي ڦهلاءُ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي ۽  ادارن کي هڪ سوچ ۽ هڪ رستي تي هلڻ جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

23 مارچ پاڪستان جو ڏينهن | پروگرام : تکيون ميٺيون ڳالهيون

عوامي آواز | 23 مارچ پاڪستان جو ڏينهن | پروگرام : تکيون ميٺيون ڳالهيون | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے