18 اتوار , نومبر 2018

چانور غذا سان گڏ شوگر جو سبب بڻجي سگھن ٿا…!

1329836074348ڪراچي(ع آنيوز) چانور هونءَ ته صحت بخشيندڙ غذا آهي پر تازي تحقيق ۾ اهاڳالهه سامهون آئي آهي ته پنهنجي انيڪ فائدن سان گڏ چانورن جو هڪڙو نقصان پڻ آهي. جي ها! هڪ سائنسي ۽ طبي تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته چانورن جو گھڻو استعمال شوگر جو سبب بڻجندو آهي. سري لنڪا جي ڪالج آف ڪيميڪل سائنسز جي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته اڇن چانورن جي گھڻي استعمال سان مٺي پيشاب (شوگر) جي بيماري ٿي ويندي آهي. ڇاڪاڻ جو چانورن جي هڪ پليٽ ۾ 200 ڪلوريز هجي ٿي، جنهن سان نشاستو ٺهيل هجي ٿو جيڪو جسم ۾ وڃي کنڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ جسماني چرٻي ۾ واڌارو پيدا ڪندو آهي. تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هڪ خاص طريقي سان چانورن کي پچائي ان ۾ موجود ڪيلوريز کي 50 سيڪڙو گھٽائي سگھجي ٿو جنهن سان شوگر جو خطرو گھٽجي ويندو آهي. تحقيق موجب چانورن ۾ ڪيلوريز گھٽائڻ لاءِ انهن کي پچائڻ کان اڳ چانورن لاءِ جيڪو پاڻي اٻاريو وينددو آهي ان ۾ سڀ کان پهرين ناريل جو تيل شامل ڪيو وڃي. ناريل جي تيل جي مقدار چانورن جي وزن جو 3 سيڪڙو هجڻ گھرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪافي پيئڻ سان توانائي ۾ اضافو ٿيندو آهي: تحقيق

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته ڪافي پيئڻ سان نه صرف انسان جي توانائي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے