15 ہفتہ , دسمبر 2018

سنڌي ٻوليءَ کي پاڻ ارپيندڙ پهريون انگريز عملدار ڪيپٽن جارج اسٽيڪ :مختيار احمد ملاح

سنڌ جي تاريخ جا ورق اٿلائيندي خبر پوي ٿي ته ڪيترا اهڙا مشرقي ۽ مغربي عالم هت آيا، جن پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي سنڌ جي مختلف پهلوئن تي تحقيق ڪئي. ارنيسٽ ٽرمپ لاءِ ته مشهور آهي ته هن پنهنجو گهر گروي رکي ”شاھ جو رسالو“ شايع ڪرايو هو، ان کان اڳ ۾ هڪ ٻيو انگريز عملدارن هو ڪئپٽن جارج اسٽيڪ جنهن سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندي پنهنجيجان ڏيئي ڇڏي، 9 ڊسمبر 2016ع تي سندس 163 هين ورسي آهي. سنڌ جي عالمن ۽ اديبن هن سرگهوريندڙ عملدار کي وساري ڇڏيو آهي، جنهن سنڌي زبان جون پهريون لغتون تيار ڪيون، گرامر لکيو، سنڌي ٻوليءَ لاءِ نظريو ڏنو ۽ سنڌي صورتخطي لاءِ نظريو ۽ سوچ ڏني. هو سنڌي زبان ۾ ڊڪشنري لاءِ جاکوڙ ڪندي پنهنجي زندگيءَ جي پرواھ نه ڪندي، 9 ڊسمبر 1853ع تي هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو..

اسٽيڪ جي زندگيءَ جو مختصر احوال:

ڪيپٽن اسٽيڪ جي حياتيءَ جو برجستو احوال ته نه ٿو ملي. گهڻي ورق گرداني ۽ انٽرنيٽ تي ڳولا ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته سندس جنم 8 نومبر 1821ع ۾ ايڊورڊ اسٽيڪ جي گهر ۾ آئرلينڊ جي فرمينگهه جي شهر ٽيوبرڊ ۾ ٿيو. هو پنهنجي والد جو پنجون نمبر پٽ هو ۽ سندس والده جو نالو ايلزبيٿ اسيٿر هو سندس والد مسٽر ايڊورڊ اسٽيڪ آئرلينڊ جو وڏو پادري هو. ان حساب سان جارج اسٽيڪ جي پرورش مذهبي ماحول ۾ ٿي.هو  1840ع ۾ صرف اڻويهين جي سالن جي ڄمار ۾ انڊين آرمي جي 24 ريجمينٽ بمبئي نيٽو انفيٽري ۾  شموليت اختيار ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان هندستاني ٻولين سان خاص دلچسپي هئي. جنهن ڪري اردو، پنجابي، هندي، سنسڪرت ۽ ٻين هندستاني ٻولين جو هن خاص مطالعو ڪيو. هندستاني ٻولين جي ڄاڻ ڪري ايسٽ انڊيا ڪمپني لاءِ ترجمان طور به ڪم ڪيائين.

هو سنڌ ۾ انگريزن جي ان فوج سان گڏ آيو هو، جنهن چارلس نيپيئر جي اڳواڻي هيٺ، حيدرآباد ويجهو ٽالپرن کي شڪست ڏيئي سنڌ ۾ انگريز حڪومت جو پايو وڌو هو. سرڪاري رڪارڊ مان خبر پوي ٿي ته هو چارلس نيپيئر جو ڄاٽو/نياڻو هو. جڏهن رٿبورن حيدرآباد جو ڪيلڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1847ع کان پوءِ سنڌ ۾ مسٽر پرنگل ڪمشنر مقرر ٿي آيو، تڏهن به جارج اسٽيڪ جو خدمتون حيدراباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ طور جاري رهيون. سرڪار خطن ۾ کيس ڪڏهن ڪئپٽن ته ڪڏهن ليفٽيننٽ ڄاڻايو يو آهي. بارٽل فريئر جي ڪمشنري ۾ هن ٿوري عرصي لاءِ سندس معاون يعني اسسٽنٽ ڪمشنر طور به خدمتون سرانجام ڏنيون.

ڪئپٽن جارج اسٽيڪ 15 جولاءِ 1848ع ۾ چيلسيا نالي ڇوڪري سان ڪراچي ۾شادي ڪئي، جيڪا سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ميجر گرين، اسسٽنٽ ايڊيجورنٽ جنرل سنڌ جي سڳي ڀائٽي هئي. 4 جولاءِ 1830ع ۾  ٽيوبرڊ، آئرلينڊ ۾ کيس هڪ پٽ پيدا ٿيو. ان عرصي دوران هو موڪل ڪري پنهنجي ملڪ هليو ويو هو. هو ذاتي زندگيءَ ۾ مذهبي شخص هو. مختلف مذهبن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهندو هو. هن صاحب عيسائين جي مقدس ڪتاب گاسپل آف سينٽ ميٿيوز (Gospal of Sait Mathews) جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. هي ترجمو ديوناگري رسم الخط ۾ ڪيل هو. هي ڪتاب ان وقت جي اسڪول ۾ پڙهايو ويندو هو. هي مذهبي ڪتاب بمبئي جي آگزيليئري ۽فارن بائيبل سوسائٽي پاران 1850ع  ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ ڪل 134 صفحا هئا ۽ ان جو 500 ڪاپيون شايع ڪرايون ويون. هي ترجمو ان وقت انتهائي مشهور سمجهيو ويندو هو.

ڪيپٽن جارج اسٽيڪ هڪ عالم، اديب هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو آفيسر به هو. سرڪاري فائيلن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت آفيسرن ۾ سندس وڏي عزت هئي. سندس مٿيان آفيسر هن جو وڏو خيال رکندا هئا. جڏهن به ڪنهن معاملي ۾ صلاح وٺڻي هوندي هئي جارج اسٽيڪ کي خط لکي رهنمائي گهرندا هئا. سندس ڪليڪٽر مسٽر رٿبورن به سندس وڏي عزت ڪندو هو. 14 جون 1848ع ۾ ڪمشنر آفيس وارن ڪيپٽن رٿبورن کي خط لکيو ته اسان کي ڪنهن ڪم لاءِ جارج اسٽيڪ جومن خدمتون درڪار آهن. ان خط جو جواب هن 20 جون 1848ع  جواب ۾ ڏيندي لکيوته ”جارج اسٽيڪ ڪراچي ۾ ڪنهن ذاتي ڪم سانگي مون کان موڪل ورتي آهي، انهن حالتن ۾ مان ڪير ٿيندو آهيان جو هن جي منظور ٿيل موڪل ۾ رخنو وجهان“

ڪئپٽن جارج اسٽيڪ جون سنڌي جاگير کاتي جي لحاظ کان به ڪيتريون رپورٽون سنڌ آرڪائيوز کاتي ۾ پيل آهن، ڪي وري مختلف ڪتابن ۾ به شايع ٿيل آهن. مطلب ته هو هڪ پروفيشنل آفسر هو ۽ پنهنجي آفيس جي ڪم ۽ پنهنجي ادبي سرگرمين ۾ پنهنجو پورو پورو  وقت ڏيندو هو. سنڌ جي ڪمشنر کي سڌيءَ طرح خط لکندو هو. جڏهن ته ٻين ماتحت آفيسرن کي سندن ڪليڪٽرن جي معرفت خط ۽ حڪم جاري ڪيا ويندا هئا. جڏهن ليفٽيننٽ رچرد برٽن بار بار سرڪار کي خط لکيا ته سندس سنڌي ۽ پنجابي ٻولين ۾ امتحان ورتا وڃن، تڏهن سرڪار گهڻي جاچ کانپوءِ ڪئپٽن جارج اسٽيڪ کي ممتحن مقرر ڪيو، جنهن رچرڊ برٽن جهڙي ذهين ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر کان امتحان ورتو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جارج اسٽيڪ جي حيثيت وڏي استاد واري هئي.

سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جي پهرين ڪوشش 1845ع ڌاري، حيدرآباد جي ڪليڪٽر ڪيپٽن رٿبورن ڪئي هئي. سندس ڪوشش 1850ع تائين جاري رهي، مگر ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪامياب نه ٿي سگهيو. درحقيقت ان ڪوشش جي پويان به جارج اسٽيڪ جو ئي هٿ هو، هو پنهنجي ڪليڪٽر جي معرفت حيدرآباد م اسڪول کولڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هڪ راوي جي اها به راويت آهي ته ڪيپٽن جارج اسٽيڪ کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي سان به ڪافي انس هو. هو هر مهيني گهوڙي تي چڙهي ڀٽ شاھ زيارت تي ويندو هو. مگر ان روايت جي ڪٿي به تصديق نه ٿي ٿئي نه وري سندس ڪنهن به ڪتاب مان اهڙي معلومات ملي ٿي.

ڪئپٽن جارج اسٽيڪ 1845ع کان پنهنجي انگريزي-سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جي ڪتابن تي ڪم شروع ڪري ڏنو هو. 19 جنوري 1848ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ڊڪشنريءَ جو ڪم نومبر 1845ع ۾ شروع ٿيو. ڪم ۾ مدد جي سلسلي ۾ مان هڪ پنڊت کي ملازم رکيو آهي، هو ڪوبه سرڪار ملازم نه آهي. ٽن مهينن کان مان هن کي پنهنجي گهران پگهار ڏئي رهيوآهيان، جيڪو هينئر وڌي وڃي 40 روپيا ٿي چڪو آهي. هن پنڊت کي ان ڪري رکيو اٿم ته هو منهنجي هنن سنڌي ڪتابن ۾ مدد ڪري. مان پنهنجو محنتاڻو ڪجهه به ٿو گهران، منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته منهنجي محنت منظر عام تي اچي وڃي“بيان مان واضح ٿئي ٿوته ڪيپٽن اسٽيڪ پنهنجي ڪم سان ڪيترو  سچو هو جو پنهنجي گهران خرچ ڪري به ڪم پورو ٿي ڪرڻ گهريائين. ان سلسلي ۾ سندس ڪيترائي خط رڪارڊ تي موجود آهن.

ڪيپٽن جارج اسٽيڪ 1848 تائين انگريزي-سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جو جا ڪتاب لکي چڪو هو ۽ ٻين آگسٽ 1849ع ۾ آمريڪين مشن پريس، بمبئي پاران شايع ٿيا. ڪتابن جي اشاعت تائين، هو سنڌ حڪومت بمبئي حڪومت ۽ آمريڪن مشن پريس وارن سان ذاتي طور رابطي ۾ رهندو ٿي آيو. ٻئي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ شايع ٿيا. سندس انگريزي- سنڌي لغت ۾ 12000 لفظ ڏنل آهن. 19 جنوري 1849ع ۾ هن ڪمشنر کي خط لکي عرض ڪيو ته سندس ڊڪشنريءَ جو ملهه (قيمت) مقرر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ هن اهو به عرض ڪيو ته منشي براهمڻ سچانند، جنهن هن جي ڪم۾ مدد ڪئي آهي، ان کي ان جو سرڪاري اجورو ڏنو وڃي. اهڙي طرح سندس گرامر جو ڪتاب به 1845ع ۾ شايع ٿيو هو. ان ۾ سنڌ جي نرالي ۽ نج لکاوٽ جا چارٽ ڏنا آهن ۽ سنڌ جي لساني جاگرافيءَ تي بحث ڪيا آهن. ان ڪتاب ۾ هن تفصيل سان بحث ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪهڙيون لپيون ڪتب اينديون رهيون آهن ۽ ”خداوادي لپي“ هاڻي ڇو اپائڻ گهرجي.

سندس گرامر جي ڪتاب جي هڪ وڏي اهميت اها به آهي ته ان ۾ڪيپٽن جارج اسٽيڪ ضميمي طور پنج لوڪ ڪهاڻيون شامل ڪيون. سنڌي ادب ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ ڪيپٽن اسٽيڪ جي گرامر جي ڪتاب ۾ آيل ڪهاڻين جي حوالي سان ڪئي ويندي آهي. انگريزي-سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جي ڪتاب کانپوءِ هو سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ تي ديوانن وانگر ڪم ڪرڻ لڳو. ان سلسلي ۾ هڪ ٻئي پنڊت ڄيٺارام براهم هن جي مدد ڪئي هئي. اها ڊڪشنري سندس وفات کانپوءِ 1855ع ۾ شايع ٿي هئي.

هتي اسان ڪئپٽن جارج اسٽيڪ جي ڪجهه خدمتن جو جائزو ڏنو آهي، پر انهن سڀني کان وڌيڪ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئڻ واري سوچ ۽ سنڌي لاءِ ديوناگري لپي جي مضبوط گهرج واري راءِ جو بنياد وجهندڙ ڪئپٽن جارج اسٽيڪ هو. ڪئپٽن اسٽيڪ سڀ کان اول سنڌي زبان ۾ گرامر ۽ لغت جا ڪتاب لکي پنهنجي آفيسرن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ سندن توجهه سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ڏانهن ڇڪرايو. ڇو جو، جڏهن پرنگل پنهنجي ماتحت آفيسرن کان 1847ع ۾ سنڌيءَ جي تعليم بابت معلومات لاءِ خط لکيا هئا، تڏهن سڀني کيس يڪراءِ ٻڌايو  هو ته سنڌ ۾ نه ته سرڪاري اسڪول آهن نه وري ڪي ڪتاب شايع ٿيل آهن. انهن رپورٽن کي بنياد بڻائيندي ۽ ڪيپٽن اسٽيڪ جي ڪتابن جي اشاعت جي مظوري لاءِ درخواست لکندي، مسٽر پرنگل بمبئي گورنمينٽ تي زور ڏنوهو ته، سنڌ جي سرڪاري زبان سنڌيءَ کي بڻايو وڃي ۽ سنڌ ۾ تعليم جو بندوبست ڪيو وڃي.  مئي 1848ع ۾ جڏهن بمبئيءَ جي گورنر سنڌ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ته ساڳي خط ۾ آفيسرن کي 18 مهينن جي اندر سنڌيءَ ۾ امتحان پاس ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي هئي. ان سلسلي ۾ گورنر لکيو ته ” مان سمجهان ٿو ته ”سندن تياري لاءِ ليفٽيننٽ اسٽيڪ جي جوڙيل ڊڪشنري ۽ گرامر سهولت مهيا ڪندا، انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ جي منظور جي ڏجي ٿي“

28 آگسٽ 1848ع تي ڪئپٽن جارج اسٽيڪ خداوادي خط جي حمايت ۾ هڪ رپورٽ تيار ڪري سنڌ جي ڪمشنر وٽ جمع ڪرائي، هن پنهنجي موقف ۾ چيو ته جيئن ته سنڌي سنسڪرت سٿ جي ٻولين مان هڪ مکيه ٻولي آهي، ان ڪري ان جي لکڻ جي لاءِ به سنسڪرت جي سٿ وارين لکتن (خداوادي) جي چونڊ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪئپٽن اسٽيڪ اعتراف ڪيو ته خداواديءَ جي رسم الخط نه آهن، ان ڪري انهن اکرن لاءِ گجراتي يا گرمکيءَ مان اکر کڻڻ گهرجن.

هتي ٻڌائڻ واري ڳالهه اها آهي ته سنڌ جو ڪمشنر پرنگل به ڪئپٽن اسٽيڪ جي تجويزڪيل خداوادي خط کي اپنائڻ جي حمايت ڪئي، بمبئي جي گورنر به خداوادي جي حمايت ڪئي. اسٽيٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر به ڪئپٽن اسٽيڪ جي راءِ کي رد نه ڪيو. ۽ جڏهن 1853ع ۾ عربي سنڌي الفابيٽ سرڪاري طور  رائج ٿي وئي. تڏهن به سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر چيو ته اسان کي ڪئپٽن اسٽيڪ جي تجويز ڪيل خداوادي لپي به لاڳو ڪرڻ گهرجي. ان کانپوءِ 1855ع کان 1868ع تائين ڪئپٽن اسٽيڪ جي نظرئي جو زور ۽ شور رهيو ۽ 1868ع ۾ عربي-سنڌي سان گڏ خداوادي به لاڳو ڪئي وئي.

مطلب ته 1848ع کان وٺي 1868ع تائين ڪئپٽن اسٽيڪ جو نالو ۽ خدمتون سنڌ جي سرڪار وٽ سرڪاري ٻولي ۽ رسم الخط جي حوالي سان فائيلن ۾ هلنديون رهيون ۽ اهو سلسلو اڳتي هلي ان وقت شروع ٿيو، جڏهن خداوادي خط کي سرڪاري طور ختم ڪرڻ لاءِ سفارشون پيش ٿيون.اهو سلسلو تنقيد ۽ حمايت اڄ به جاري آهي.

جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سندس هڪ سنڌي-انگريزي ڊڪشنري سندس وفات کانپوءِ شايع ٿي. اها هڪ وري الڳ ڪهاڻي آهي. هڪ ته ان ڊڪشنريءَ سندس سر کنيو ٻيو ته جڏهن سندس وفات ٿي ته هن جي رهيل حصي کي به ان وقت جي اسٽنٽ ڪمشنر بي.ايڇ.ايلس پورو ڪيو. فيصلو اهو ڪيو ويو ته اسٽيڪ جي هيءَ ڊڪشري ۽ اڳ شايع ٿيل ڪتاب عربي-سنڌي صورتخطي ۾ شايع ڪرايا وڃن. وري فيصلو تبديل ڪري اهو چيو ويو ته ٻنهي لپين ۾ شايع ٿيڻ گهرجن. عربي-سنڌي صورتخطي لاءِ ميران محمد شاھ جون خدمتون حاصل ڪيون ويون ۽ خداوادي لاءِ پنڊت جيشٿ برھم جون آخري فيصلو اهو ٿيو ته جنهن لپيءَ ۾ ڪئپتن اسٽيڪ اها ڊڪشنري لکي هئي. ان ۾ ئي ان کي شايع ڪرايو وڃي.

ڪيپٽن اسٽيڪ 1843 کان اڳ سنڌ ۾ آيو هو ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو رهيو 1849ع جي آخر ۾ هو برطانيا واپس هليو ويو، سندس فيميلي مسئلن کان علاوه بيماريءَ سبب هو سنڌ ڇڏي هليو ويو. 1852ع ۾ هو هندوستان واپس آيو ۽ بمبئي حڪومت کي رپورٽ ڪيائين. بمبئي سرڪار سندس صحت کي مدنظر رکندي کيس گووا ۾ پوسٽنگ جي آفر ڪئي. پر هو وري به سنڌ واپس اچي ڪم ڪرڻ جو جواز ٺاهي مقرريءَ جو عرض رکيو. سرڪار کيس هن دفعي ڪراچي ۾جاگير کاتي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو. هو واپس اچڻ سان اڌوري رهيل ڊڪشنري ۽ ڪجهه ٻين نون ڪمن ۾ لڳي ويو. پر سندس طبيعت خراب رهڻ لڳي.

جڏهن ڊڪشنري جو ڪم اڃا 160 صفحن تي پهتو هو، تڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هي عاشق 9 ڊسمبر 1853ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. سنڌي علم، ادب ۽ سنڌي زبان جي ترقيءَ ۾ سندس نالو اڄ به زنده آهي. اسان سنڌي لئنگويج اٿارٽي وارن کي گذارش ٿيا ڪيون ته سنڌي ٻوليءَ جي هن عاشق جا ٽئي ڪتاب هڪ دفعو ٻيهر شايع ڪرايا آهن، تيئن ئي هڪ ڪتاب سندس زندگيءَ ۽ خدمتن تي به لکرايو وڃي يا مرتب ڪيو وڃي ته جيئن کيس خراج تحسين به ڏئي سگهجي ته سندس باري ۾ وڌيڪ معلومات به حاصل ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے