14 بدھ , نومبر 2018

گهٽ کنڊ ۾ وڌيڪ مٺاس وارو صحت لاءِ فائديمند چاڪليٽ  

103302-395x262-chocolate_sauceجنيوا(ويب ڊيسڪ) سوئٽزر لينڊ ۾ کير جون مختلف شيون تيارڪندڙ مشهور ڪمپني چاڪليٽ تيار ڪرڻ دوران کنڊ ملائڻ جو هڪ اهڙو نئو طريقو ڳولي ورتو آهي، جنهن ۾ معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ کنڊ جي ضرورت پوندي آهي، پر چاڪليٽ اوترو ئي مٺو هوندو آهي،  جيترو کنڊ ملائڻ سان هجڻ گھرجي. اداري پنهنجي ان طريقي جا تفصيل”ڪاروباري راز“طور تي لڪائي ڇڏيا آهن، پر هو جلد ئي ان لاءِ پيٽنٽ جي درخواست داخل ڪندو، جنهن کانپوءِ 2018 تائين ان نئي طريقي تي تيار ٿيندڙ چاڪليٽ جو نئون برانڊ آندو ويندو. واضح رهي ته چاڪيٽ ٺاهڻ دوران ڪوڙاڻ ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ کنڊ شامل ڪرڻي پوندي آهي پر هاڻي هن نئين طريقي سان اسان کي کنڊ گھٽ استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وار ڪارا ۽ مضبوط ڪرڻ جو سئولو طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڇن وارن سبب اڪثر مرد ۽ عورتون پريشان آهن، جيڪڏهن وار عمر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے