15 ہفتہ , دسمبر 2018

خيبر ايجنسي جي غارن ۾ 30 هزار سال پراڻي پينٽنگز هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

پشاور( ع آ نيوز) خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾ 110 جاين تي غارن جي ڀتين تي 30 هزار سال پراڻي پينٽنگ هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. خيبر ايجنسي جي سياسي انتظاميا ۽ قديم آثارن جي ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم صحافين کي ٻڌايو ته انهن کي جمرود جي عارن مان (پري هسٽري) جي زماني جا اهڙا آثار مليا آهن جن کي دنيا جي گڏيل تمدن واري ميراث (ورلڊ هيريٽج) ۾ شامل ڪري سگھجي ٿو.news-1481371852-3955

 اها سروي ڊائريڪٽر آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم خيبرپختونخواهه عبدالصمد جي نگراني ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي صحافين کي ٻڌايو ويو ته غارن ۾ چوٽين تي ٺهيل اهي تصويرون 30 هزار سال پراڻيون آهن، يعني ان زماني سان تعلق رکن ٿيون جڏهن انساني تهذيب شروع به نه ٿي هئي ۽ (ارتقائي نقطه نظر کان) انسان غارن ۾ رهندو هو ۽ جانورن جو شڪار ڪري کائيندو هو.

خيبر ايجنسي جي سياسي انتظاميا موجب انهن ڄاڻايل علائقي جي قديم آثارن جو جائزو هڪ پائليٽ پراجيڪٽ طور شروع ڪيو هو، جنهن ۾ انهن کي خيبرپختونخواهه ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف آرڪيالوجي جي فني مدد حاصل ڪئي هئي. هن سروي دوران 110 اهڙن جاين جي دريافت ٿي جن جو تعلق تاريخ کان اڳ، ٻڌ، اسلامي ۽ برطانوي زماني سان آهي.news-1481371901-3838

 ايجنسي جي پوليٽيڪل انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايندڙ مرحلي ۾ سروي جو دائرو تيره ۽ باڙه جي علائقن تائين پکيڙيو ويندو.

ياد رهي ته ڄاڻايل سروي دوران ڪيترن ئي قديم آثارن جو انڪشاف ٿيو آهي پر فاٽا سيڪريٽريٽ ۽ پوليٽيڪل انتظاميا ٻنهي مان ڪنهن وٽ به نه ته قديم آثارن جا ماهر آهن نه ضروري فنڊ آهن ۽ نه ئي ڪو اهڙو خاص کاتو موجود آهي جيڪو انهن ماڳن کي محفوظ ڪري انهن کي سياحت جو مرڪز بڻائي سگھي. news-1481371945-8432خيبر ايجنسي جي پوليٽيڪل ايڊمنسٽريٽر خالد محمود جو چوڻ آهي ته هي ايجنسي جي سياسي انتظاميا جي تمام وڏي ڪاميابي آهي ڇو جو ماضي ۾ ان حوالي سان خيبر اجنسي تي ڪو ڪم ناهي ٿيو.

خيبرپختونخواهه ۾ تاريخ کان اڳ واري زماني سان تعلق رکندڙ هي ڪا پهرين دريافت ناهي، ڇو جو سوات وادي سميت خيبرپختونخواهه صوبي ۾ ڪيترين ئي جاين تان غارن جي ڀتين تي ٺهيل اهڙيون پينٽنگز هٿ اينديون رهنديون آهن جنهن سبب اميد آهي ته خيبر ايجنسي جي ٻين علائقن مان تاريخ کان اڳ واري زماني جا قديم آثار ملندا.

news-1481371820-1148

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ جي جمهوريت لاءِ جدوجهد وقت عمران خان سياسي طور پيدا به نه ٿيو هو: قمر زمان ڪائرا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته جنهن وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے