13 منگل , نومبر 2018

اسلام آباد تي قبضي واري واقعي تي هڪ هفتي ۾ رپورٽ جو آسرو

گذريل ڏينهن سرڪار پاران اسلام آباد جي بندش پيل ۽ حساس علائقن ۾ مظاهرو ڪندڙن سان ڳالهين کان پوءِ، مذهبي ڪارڪنن جو چئن ڏينهن جو ڌرڻو ختم ٿي ويو آهي. رستا کلي ويا آهن. وفاقي سرڪار هڪ دفعو ٻيهر آئينده لاءِ ڊي چوڪ وٽ جلسن تي بندش جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڌرڻي خلاف آپريشن جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين. آخري گھڙين ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ٻه عزت واريون شخصيتون ڪراچي مان آيون. انهن اهم ڪردار ادا ڪيو. ڌرڻي وارن سان ڪو به معاهدو ناهي ٿيو، اسان لکت ۾ ڪو به معاهدو ناهي ڪيو، نه ئي سرڪار ان قسم جي لکت يا معاهدي جو ڪنهن کي اختيار ڏنو هو. توهين رسالت قانون ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي.

ڌرڻو هڻندڙ پارٽين جي اڳواڻن وفاقي وزيرن سان ملاقات ڪئي. مذهبي پارٽين پاران ڳالهين ۾ ثروت اعجاز قادري، اويس نوراني، پير افضل ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. ڳالهين دوران وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه سعد رفيق، پير حسنات ۽ ٻين سرڪار جي نمائندگي ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻو هڻندڙ پارٽين آپريشن نه ڪرڻ جي خاطري تي پنهنجي مطالبن تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو. ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ بند ڪيل موبائل سروس به بحال ٿي وئي. نجي ٽي وي چينل نيوز ون جي رپورٽ موجب سرڪار ۽ ڌرڻو هڻندڙ پارٽين ۾ معاهدو ٿيو آهي ته فورٿ شيڊول جي لسٽ تي نظرثاني ڪري بي گناهه ماڻهن جا نالا ان مان ڪڍيا ويندا. ٻنهي ڌرين ۾ ٿيل معاهدي تحت توهينِ رسالت جي ڪنهن به جوابدار کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي. توهين رسالت قانون ۾ ترميم جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. ٽي وي چينلن تي فحش پروگرامن جي نشريات روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. سرڪار ۽ ڌرڻو هڻندڙ پارٽين ۾ ٿيل معاهدي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته نظام مصطفيٰ بابت تجويزون ترتيب ڏئي مذهبي معاملن واري وزارت کي ڏنيون وينديون. ٻه طرفي معاهدي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته توهين رسالت قانون ۾ ترميم جي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. جڏهن ته توهين رسات جي ڏوهه ۾ ملوث جوابدار سان رعايت جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ڌرڻو هڻندڙن کي گرفتار سندن ماڻهن جي آزادي جي به خاطري ڪرائي وئي آهي.

هن چيو ته اسان ڏسنداسين ته ڪمزوريون ڪٿان ٿيون. ڌرڻي وارن کي روڪڻ ۾ ناڪامي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هڪ هفتي ۾ رپورٽ مڪمل ڪري سامهون آندي ويندي. پنجاب ۾ به ان قسم جي جاچ ڪئي ويندي. چوڌري نثار چيو ته خاص ماڻهن ميٽرو سٽي ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، گاڏين ۽ فائربرگيڊ کي باهه ڏني، سرڪاري اهلڪارن تي حملو ڪيو، انهن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. گھرو وزير وڌيڪ چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي سان ملڪ جي بدنامي ٿي. گذريل سال به ائين ڪيو ويو، اڳتي لاءِ پلان جوڙي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو آهي، اهڙن ماڻهن خلاف سخت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. 295 سي قانون جو اشو ڪڏهن ناهي رهيو. 295 قانون ۾ ترميم نه ٿيندي نه ئي ان بابت سوچيو آهي. ڪنهن به سياسي، مذهبي يا ڪنهن ٻي ڌر کي ڊي چوڪ ۾ جلسو ڪرڻ يا ڌرڻي جي اجازت نه هوندي.

هن چيو ته ريڊ زون کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪرڻ جي شروعات ضياءُ الحق جي دور ۾ ٿي هئي. چوڌري نثار چيو ته اسان ڪوبه لکت ۾ معاهدو ناهي ڪيو، نه ئي سرڪار ان قسم جي لکت يا معاهدي جو ڪنهن کي اختيار ڏنو هو.  چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته ڌرڻو قوم کي ورهائڻ جي ڪوشش هئي.

چوڌري نثار علي خان جي ڳالهين ۾ جنهن 1977ع واري جنرل ضياالحق جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان ئي دور ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏو واقعو ٿيو، سو جمهوري سرڪار جو خاتمو هيو. ان لاءِ سڀ کان اڳ ملڪ جي اهم شهرن ۾ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، ماڻهن ۾ بيچيني وڌائي وئي، مختلف شهرن ۾ سياسي ڪارڪن قتل ڪيا ويا، شهري انتظام درهم برهم ٿي ويو، دادفرياد ڪٿي به نه هيو، جمهوري سرڪار پاڻ کي بچائڻ ۾ پوري هئي. ان ڪنهن به ايڪشن ڪرڻ کان لنوايو هيو. افراتفري ايڏي ته وڌي ويئي ۽ ميڊيا ۾ وڌائي ويئي جو، هڪ ڏينهن جنرل ضيا الحق سرڪار تي اچي ويٺو.

اڄ 38 ورهين کان پوءِ اسلام آباد ۾ چئن ڏينهن تائين قبضي کي انتهائي جديد پئماني تي منظم انداز ۾ ٿيندي ڏٺو ويو. ملڪ جي فوج، ملڪ جي انتظاميا، ملڪ جو عوام ٽيئي ان قبضي جي خلاف محسوس ٿين ٿا، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي، تنهن سان ملڪ جو وقار هيٺ مٿي ٿي ويو آهي.

اسلام آباد جي ان واقعي مان انتظاميا کي نه رڳو سکڻ جي گهرج آهي، پر اندروني تضادن جي ڪري، مذهبي ڌرين سان پراڻي لاڳاپن جي ڪري انهن کي مليل نرمي سبب جيڪڏهن ڪمزوري نظر آئي اهي ته اها چونڊيل سرڪار جي آئي آهي. چونڊيل سرڪار کي ان سلسلي ۾ پنهنجا پلئه هرقسم جي سهولتڪاري جي  الزام کان آجا ڪرائڻا پوندا ته جيئن ان سڄي ڊرامي جا اصل سهولتڪار سامهون اچي سگهن. پاڪستان ترقي ۽ تباهي جي ٻواٽي تي بيهاريو ويو آهي. ملڪ کي ترقي گهرجي. افراتفري جو خاتمو گهرجي. اندروني تضادن جو حل گهرجي. ٻي حالت ۾ اهڙي ”بهترين“ صورتحال لاءِ ته ملڪ جا ڪيئي دشمن ڳولائو رهيا آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچيءَ جون حددخليون هٽائڻ ڪنهن به نقصان کانسواءِ قبول آهن

هڪ ڀيرو ٻيهر، ٽيهر يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا ڪراچيءَ جي مُک علائقي صدر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے