18 اتوار , نومبر 2018

بلديا فيڪٽري سانحي جو مک ڪردار رحمان عرف ڀولا کي ڏيهه آندو ويو

l_123581_055555_updatesڪراچي(ع آنيوز) ٿائيلينڊ مان انٽرپول ذريعي گرفتار بلديا فيڪٽري سانحي جي مک جوابدار متحده ڪارڪن رحمان ڀولا کي ڏيهه آندو ويو آهي. رحمان ڀولا کي هوائي جهاز ذريعي ٿائيلينڊ کان ڪراچي آندو ويو. کيس ايف آءِ اي جي ٽيم بينڪاڪ کان ڪراچي آندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي جي ٽيم رحمان ڀولا کي پوليس حوالي ڪندي، واضح رهي ته رحمان عرف ڀولا ڪراچي جي بلديا ٽائون ڪجھه سال اڳ فيڪٽري کي باهه ڏيڻ جي واقعي ۾ ملوث آهي. فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب اڍائي سئو کان وڌيڪ پورهيت سڙي شهيد ٿي ويا هئا. رحمان ڀولا ايم ڪيو ايم بلديا ٽائون جو سيڪٽر انچارج ٻڌايو پيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ مڇريل ماڻهن جو اينٽي انڪروچمنٽ ٽيم تي حملو، آفيسر ڀڄي جان بچائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي صدر ايمپريس مارڪيٽ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے