18 جمعرات , اکتوبر 2018

سوشل ميڊيا جي روزاني استعمال سان ذهني صحت تي سٺا اثر پون ٿا

social-woman-manميلبورن (ويب ڊيسڪ) هڪ تحقيق موجب سوشل ميڊيا جي روزاني استعمال سان ذهني صحت تي سٺا ثر پون ٿا. يونيورسٽي آف ميلبورن جي شايع ٿيل تحقيق مطابق ماڻهن کي هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رکڻ ۾ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. اهي ماڻهو جن کي آمهون سامهون رابطن ۾ ڏيکائيون پيش اچن ٿيون. سوشل ميڊيا انهن جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. جڏهن ته سوشل ميڊيا انهن ماڻهن لاءِ فائديمند نه هوندي آهي جيڪي پاڻ کي ٻين ماڻهن سان ڀيٽيندا آهن. اهڙيون شيون پوسٽ ڪندا آهن جن مان انهن جي ناڪاري سوچ جي عڪاسي ٿيندي آهي. سوشل ميڊيا جو استعمال نه صرف انساني سوچ ۽ جذبن کي لفظن جي سڪل ڏئي ٿو پر ان سان ماڻهو جي ذهني صحت تي پڻ فائديمند اثر پون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڊ ڪندڙ ملازمن لاءِ معاوضي جو اعلان…!

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ ملازم ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن، جنهن سبب انهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے