18 اتوار , نومبر 2018

وڏي وزير جي صدارت هيٺ اجلاس: سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ صفائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي

11ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ صفائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي ۽ صفائي جو ڪم ڪندڙ نساسڪ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ صفائي بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي جا ميئر  ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ميونسپل ڪميٽيز جي چيئرمين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وڏي وزير سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ صفائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي ۽ شهرن جي صفائي جو ڪم ڪندڙ نساسڪ جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير چيو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ صفائي نه هئڻ برابر آهي، نساسڪ صفائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. مراد علي شاهه شهرن ۾ صفائي جو نظام بهتر بنائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ماڻهو روزانو نساسڪ مان جند ڇڏائڻ لاءِ چئي رهيا آهن،جيڪڏهن ڪارڪردگي بهتر نه ڪئي وئي ته نساسڪ خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے