20 ہفتہ , اپریل 2019

شادي فالج کان نجات ۾ به مددگار

15555935_745507942271241_1973262775_nڪراچي( ع آ نيوز) چيو ويندو آهي ته شادي اهو لڏو آهي، جنهن کاڌو انهي پڇتايو ۽ جنهن نه کاڌو انهيءَ به پڇتايو، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته شادي اوهان کي فالج جهڙي مرض کان تحفظ پڻ ڏيندي آهي. ها دعويٰ آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. ڊيوڪ يونيورسٽي جي تحقيق موجب جيون ساٿي سان مظبوط لاڳاپو ماڻهن ۾ فالج (اڌ رنگ) جي حملي کان بچڻ جا امڪان وڌائي ڇڏيندو آهي. تحقيق موجب ڪنهن پرڻيل ماڻهو لاءِ  فالج کان بچڻ جا امڪان 71 سيڪڙو تائين وڌيڪ هوندا آهن، ڇَڙي يا ڪنواري ماڻهو ۾ فالج جو خطرو 70 فيصد وڌيڪ  هوندو آهي. تحقيق ڪندڙن تحقيق دوران فالج جو شڪار اڍائي هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جو پنج سالن تائين جائزو ورتو ويو، هنن اهو نتيجو ڪڍيو ته پرڻيل ماڻهن ۾ ڪنوارن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ بچڻ جو امڪان 71 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئون ڪم سٺي نموني سکڻ لاءِ دماغ کي وقفو ڏيڻ ضروري آهي

ميريلينڊ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان ڪو نئون ڪم، فن يا هنر سکي رهيا آهيو ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے