12 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان ۾ چئن سالن کان فلم ٺاهڻ جي ڪوشش پيو ڪيان: علي ظفر

ali-zafarلاهور (شوبز نيوز) ناليواري ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر چيو آهي ته مان پاڪستان ۾ گذريل چئن سالن کان هڪ فلم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، اُن دوران مختلف خيالن ۽ ڪهاڻين تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون. هڪ انٽرويو ۾ علي ظفر جو چوڻ هو ته توهان اهڙيون فلمون تمام گهٽ ڏسندا آهيو، جيڪي بلڪُل ساديون پر متاثر ڪندڙ هجن، جنهن جو هڪ مثال فلم ”ڊيئر زندگي“ به آهي. اُن جا ڪردار ۽ جذبو سچو آهي، مُون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته نوجوان نسل پاڻ کي اُن سان ملائي سگهي ٿو، جڏهن ته فلم ”ڊيئر زندگي“ ۾ مُون کي پنهنجو ڪردار به ڏاڍو وڻيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ranbir Kapoor a great guy for Alia: Mahesh Bhatt

عاليا ۽ رنبير وچ ۾ محبت جو رشتو آهي: مهيش ڀٽ

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ ۾ اڄڪلهه فلمي ستارن جي شادين جو سيزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے