23 منگل , اکتوبر 2018

13 سال اڳ ڪڍي ٻچيداني جي ٻيهر پيوندڪاري سان ٻار جي پيدائش جو انوکو واقعو

news-1482059978-8594_largeلنڊن(ع آ نيوز) برطانيا ۾ 13 سال اڳ ڪڍي ٻچيداني جي ٻيهر پيوندڪاري سان ٻار جي پيدائش جو انوکو واقعو پيش آيو آهي، جتي 24 ورهين جي معاذه المطروشي نالي عورت 13 سال اڳ ٻاهر ڪڍي محفوظ ڪيل ٻچيداني ٻيهر لڳرائي ٻار کي جنم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته معاذه 9 سالن جي هئي ته کيس بي ٽا ٿيليسيميا جي بيماري ۾ وٺجي وئي، ان جو علاج سندس ڀاءُ جي هڏي جي مِک ڪڍي ڪرڻو هو پر ان سان معاذه جون بيضيداڻيون ناڪاره ٿيڻ جو خطرو هو. ماهر ڊاڪٽرن 9 سال اڳ وڏي غور ويچار کانپوءِ هڪ اهڙي اسپتال هٿ ڪئي جيڪا عارضي طور عورتن جي ٻچيداني، بيضيداڻي ڪڍي محفوظ ڪري رکندي هئي. اهڙي طرح معاذه جي ٻچيداني يا بيضيداڻي 13 سال اڳ جسم مان ٻاهر ڪڍي محفوظ ڪئي وئي. معاذه جڏهن جوان ٿي ۽ سندس شادي ڪرائي وئي ته اولاد جي خواهش کيس محفوظ ڪيل ٻچيداني ٻيهر لڳرائڻ تي مجبور ڪيو. اهڙي طرح ٻيهر ٻچيداني جي پيوندڪاري ڪرائي معاذه ڪجھه ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏنو آهي. معاذه محفوظ ڪيل ٻچيداني جي ٻيهر پيوندڪاري کانپوءِ ٻار کي جنم ڏئي دنيا جي پهرين عورت بڻجڻ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي. سندس ٻار جو نالو راشد رکيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

International experts identify 31 mysterious and cure diseases

بين الاقوامي ماهرن 31 پر اسرار ۽ لاعلاج بيمارين جو حل ڪڍي ورتو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) سموري طبي ترقي باوجود هاڻي به ترقي يافته ملڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے