21 پیر , جنوری 2019

سونف، مختلف بيمارين جو سستو ۽ بهترين علاج

th-1ڪراچي(ع آ نيوز) سونف اسان وٽ اڪثر سوپارين ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي، ان کان سواءِ حڪيم ئي سونف استعمال ڪن ٿا، نه ته عام ماڻهو شايد ان کان واقف ئي نه هجن، پر سونف جا ڪيترائي انيڪ فائدا پڻ آهن. هتي اسين سونف جا چند فائدا ٻڌائي رهيا آهيون، جنهن سان توهان وڏين بيمارين جوسستو ۽ سَوَلو علاج ڪري سگھو ٿا.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سونف جو استعمال پيٽ جي سور ۾ فائدو ڏئي ٿو. ان کان سواءِ اکين جي روشني وڌائيندڙ به آهي. سونف کائڻ سان دماغي ڪمزوري ختم ٿي وڃي ٿي ۽ انسان جو هاضمو بهتر ٿي وڃي ٿو. سونف معدي جي خرابي کان به ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي. اڳي اڪثر ننڍڙن ٻارڙن پيٽ جي سور کان سونف گرم پاڻي ۾ ٻڙڪائي پياريندا هئا. اڄ به ٻارڙن جي مشهور سُتي نونهال، گرائپ واٽر ۽ مکڙي جهڙين دوائن ۾سونف جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گھڻيون ۽ اڻ وڻندر ڳالهيون دماغي بيماري جي علامت:ماهر

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ميسا چيوسٽس جنرل اسپتال جي نفسياتي ماهرن چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے