23 منگل , اکتوبر 2018

سي او پي ڊي جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو

cpodڪراچي ( ع آ نيوز) سڄي دنيا ۾ سي او پي ڊي جو مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳو آهي، جنهن جو سبب سگريٽ، شيشو ۽ تماڪ جهڙي شين جو وڌندڙ استعمال آهي. اهڙو اظهار فارميسي گريجويٽس ايسوسيئيشن جي اهتمام هيٺ ” ڦڦڙن جي دائمي مرضن“ جي عنوان سان ٿيل جاڳرتا سيمينار ۾ پي جي اي سربراهه ڊاڪٽر زين الحسنين پنهنجي خطاب ۾ ڪيو. هنن فارماسسٽن تي زور ڏنو ته ڪلينيڪل ۽ ڪميونٽي فارميسي پريڪٽس ذريعي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي، ڇو ته اهڙي مرض ۾ مبتلا مريضن کي سياري جي موسم ۾ انفيڪشن ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي. پاڪستاني آبادي جو اڍائي سيڪڙو عوام اهڙي مرض ۾ متبلا آهي. ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر رفعت انوار صديقي چيو ته سي او پي ڊي جا شڪار ماڻهو ڦڦڙن جي سوڄ ۽ ساهه واري نالين ۾ سوڙهه سبب متاثر ٿيندا آهن، ماڻهن کي گهرجي ته اهي اهڙن مريضن کي سگريٽ جي دونهين، هوائي آلودگي ۽ ڪيميائي گئسن کان پري رکن. ڊائريڪٽر ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ڊاڪٽر محمد تنوير عالم جو چوڻ هو ته سي او پي ڊي جي  علاج لاءِ صحتمند زندگي ۽ ڏنل دوائن جو استعمال بهتر طريقو آهي. سڄي دنيا ۾ 21 ڪروڙن کان وڌيڪ ماڻهو ڦڦڙن جي بيماري ۾ ورتل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

International experts identify 31 mysterious and cure diseases

بين الاقوامي ماهرن 31 پر اسرار ۽ لاعلاج بيمارين جو حل ڪڍي ورتو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) سموري طبي ترقي باوجود هاڻي به ترقي يافته ملڪن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے