20 ہفتہ , اپریل 2019

اينڊرائيڊ فون جي اسٽوريج صاف ڪرڻ جو سولو طريقو

3حقيقت ۾ اينڊرائيڊ فون اسٽوريج جي گنجائش هر ماڊل ۾ مختلف هوندي آهي، جڏهن ته اهڙن فونن ۾ اهڙا آپشن به هوندا آهن جيڪي اوهان جي ڊيٽا جو انتظام يا انهن کي ڪليئر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. سامسنگ گيليڪسي ايس 7 يا ٻين اينڊرائيڊ فونن ۾ ايس ڊي ڪارڊ وسيلي اسٽوريج کي وڌائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مختلف فائيل رکي سگهن ٿا، جيڪي ڊيوائس ۾ محفوظ رکڻ ممڪن ناهن هوندا. پر هر اينڊرائيڊ فون ۾ اهڙو آپشن ناهي هوندو ۽ جيڪڏهن اوهان جي فون ۾ ايس ڊي ڪارڊ سلاٽ ناهي يا اوهان ڪارڊ کان سواءِ فون جي گنجائش وڌائڻ ٿا چاهيو ته هيٺ ڏنل صلاحن تي عمل ڪريو. اُن جا ٻه طريقا آهن: سڀ کان پهريان اوهان اُن ايپ کي ڊيليٽ ڪيو جيڪا اوهان جي ڪم جي ناهي اُهو ايپ جيڪو اوهان جي فون ۾ هجڻ سبب اسٽوريج تي وزن پوندو هجي، جڏهن ته اپڊيٽس جي ڪري فون جي قيمتي اسپيس تي پڻ قبضو ٿي ويندو آهي. جيئن ته اوهان فوٽن ۽ ويڊيوز ڏسڻ پسند ناهيو ڪندا ۽ اُنهن کي محفوظ پڻ رکڻ چاهيندا آهيو ته انهن لاءِ ڪلائوڊ سروس جهڙا گوگل اميج يا ڊراپ باڪس جو استعمال ڪيو. حقيقت ۾ گوگل اميج ته پاڻ ئي اوهان جي ميڊيا فائيلن کي پاڻ وٽ محفوظ رکڻ جي سهولت ڏيندو آهي، پر اُوهان کي رڳو آن ڪرڻو هوندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ناسا جي پلينٽ هنٽر 53 نوري سالن جي مفاصلي  تي زمين جيترو سيارو ڳولي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ناسا جي پلينٽ هنٽر خلائي جهاز زمين کان 53 نوري سال پري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے