13 منگل , نومبر 2018

روزانو ڏندڻ ڏيڻ سان اهڙا فائدا جنهن کان اوهان اڻڄاڻ هيا

1جيڪڏهن اوها پٺيءَ جي سور کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا تھ روزاني ڏند صاف ڪيو. تازي ڪيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڏندن ۾ جراثيم هجڻ سبب پٺيءَ ۾ سور ٿيڻ لڳندو آهي ۽ خراب ڏندن جي ڪري انسان (rheumatoidarthritis) جو شڪار ٿي ويندوآهي، صحت جي ماهرن موجب انفيڪشن (ctinomycetemcomitans) جي ڪري ڏند خراب ٿيندا آهن ۽ گڏوگڏ اهڙا پروٽين خارج ٿيندا آهن، جنهن سبب مدافعتي نظام پڻ خراب ٿيڻ لڳندو آهي. جان هاپڪنس ۾ ٿيندڙ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته RA جي بيماري خراب ڏندن جي ڪري ٿيندي آهي، کوجنا موجب ڏندن جي انفيڪشن جي ڪري پيٽ، ڦڦڙ ۽ جسم جي ٻين حصن تي انفيڪشن ٿيندو آهي، جنهن ڪر ي پٺن جو سور وڌي ويندو آهي. پروفيسر فيليپي ايندرادي جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي سالن کان ان ڳالهه تي تحقيق ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻي ان ۾ ڪافي حد تائين اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اُن جي مدد سان اسان خطرناڪ بيمارين کان بچي سگهون ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

4 سالن ۾ 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊينگي جو شڪار ٿيا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب 4 سالن دروان پوري ملڪ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے