18 جمعہ , جنوری 2019

صحت جون سهولتن بهتر بڻائڻ لاءِ هن وقت تائين 7 ارب 58 ڪروڙ 64 لک رپين جا فنڊ جاري ڪيا: حڪومت

pakistan-national-health-programاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبا بندي ۽ ترقيات جي کاتي هلندڙ مالي سال جي سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن لاءِ هن وقت تائين 7 ارب 58 ڪروڙ 64 لک رپين جا فنڊ جاري ڪيا آهن. حڪومت هلندڙ مالي سال دوران سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام ۾ صحت جي سهولتن لاءِ 24 ارب 95 ڪروڙ رپين جا فنڊ رکيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن پاران جاري انگن اکرن موجب حڪومت پرائم منسٽر نيشنل هيلٿ انشورنس پروگرام لاءِ 80 ڪروڙ، صوبن ۾ پاپوليشن ويلفيئر پروگرام لاءِ هڪ ارب 54 ڪروڙ، نيشنل فيملي پلاننگ پروگرام لاءِ 2 ارب 19 ڪروڙ، اي پي آ3 پروگرام لاءِ 2 ارب 47 ڪروڙ رپين سميت مختلف ترقياتي منصوبن لاءِ فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے