18 جمعہ , جنوری 2019

چڪن گونيا جو علاج ۽ احتياط

images-2  چڪن گونيا وائرس پهريون دفعو 1959ع م تنزانيا ۾ ڊائيگنوس ٿيو هو ۽ 20017 تائين فرانس تائين پکڙجي چڪو آهي. ڪراچي خاص طور تي ملير ۾ هڪ نئون وائرس ”چڪن گونيا“ پکڙجي ويو آهي.  پاڪستان ۾ هن وائرس جي سڃاڻپ پهريون ڀيرو ٿي آهي. ڊينگي جيان هي وائرس به مڇر ذريعي منتقل ٿيندو آهي. ان ۾ پليٽليٽس ڪائونٽ گھٽجندو ناهي پر هي وائرس جسم مان سوڊيم ۽ پوٽاشيم گھٽائي ڇڏي ٿو. جنهن ڪري سَنڌَن ۾ سخت سور ٿيندو آهي ايتري تائين جو ماڻهو صحيح نموني ويهي به ناهي سگھندو، ان ڪري هِن کي چڪن گونيا چيو ويندو آهي. احتياط ۽ علاج ذريعي وقت سان گڏ هي وائرس ٺيڪ ٿي ويندو آهي. چڪن گونيا جو شڪار ماڻهن ۾ ٻار ۽ وڏا سڀ شامل آهن. هن وائرس جي ڪا ويڪسين ناهي. بخار ٿيڻ جي صورت ۾ گھٻرائڻ نه گھرجي پر جسم ۾ اينٽي باڊيز ٺهڻ سان بخار ٿيندو آهي. بيڪٽيريا جو خاتمو ڪري ٿو.بس همٿ سان علاج ڪرڻ گھرجي ۽ فوري طور تي بخار لاهڻ بدران آهستي آهستي جسم جو گرمي پد گھٽايو.

aid5213656-728px-ease-muscle-pain-from-chikungunya-step-3-version-2

چڪن گونيا جون علامتون:

1_ جسم جو گرمي پد 104 تائين پهچي وڃڻ

2_ مٿي ۾ سخت سور

3_ الٽي اچڻ ۽ ٿڪاوٽ ٿيڻ

4_ جسم تي خارش ٿيڻ ۽ ڳاڙها نشان ٺهي وڃڻ

5_ هٿن جي تِرين ۾ ساڙ ۽ تڪليف

6_ وات پچي پوڻ، ايتري تائين جو ڇالا به ٿي پون ٿا.

احتياط:

1_ پنهنجي گھر ۽ ڀرپاسي مڇر ختم ڪريو، ڇو جو هي بيماري رڳو مڇرن جي ڪري پکڙجندي آهي.

2_ جسم کي ڪپڙي سان ڍڪي رکو، فُل ٻانهن واري شرٽ، قميص ۽ ڊگھي شلوار پايو.

3_ مڇرن کان بچاءُ لاءِ ليمي جو رس پنهنجي هٿن ۽ پيرن تي لڳايو، ڇو جو ليمي جي خوشبوءِ سان مڇر توهان جي ويجھو نٿو اچي سگھي.

download-2

4_ نم جو ٻوٽو يا نم جا پن پنهنجي گھر ۾ رکو.

5_ گھر ۾ تلسي جو ٻوٽو لڳايو، ان سان به مڇر نه ايندا آهن.

6_ هر مهيني صبح خالي پيٽ ٽن ڏينهن تائين هڪ چمچو ماکيءَ جو پاڻي ۾ ملائي پيئو ان سان ڪا وڏي بيماري نه ٿيندي. ان جي استعمال سان سمورا بيڪٽيريا ختم ٿي ويندا آهن.

7_ ڪنهن به علامت جي صورت ۾ گھريلو ڊاڪٽري کان پرهيز ڪريو.

images-1

علاج:

هونءَ ته هن وائرس جو ڪو علاج ناهي. هن ۾ سائمپوميٽڪ ٽريٽ مينٽ ٿيندي آهي. ڪنهن به علامت جي ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ توهان سڀ کان پهرين ڊاڪٽر وٽ وڃو پر گڏوگڏ هيٺ بيان ڪيل گھريلو طريقن تي به عمل ڪري سگھجي ٿو.

1_ صحت جي اصولن تي عمل ڪريو.

2_ ڏينهن ۾ گھڻو پاڻي پيئو، ساگو داڻا (صابو داڻا) استعمال ڪريو، صوف جو جوس ليمو گڏائي پيئو.

3_ رات جي راڻي جا پن ۽ ست ڪارا مرچ ٻه ڪوپ پاڻي ۾ ايترو پچايو جو اهو پاڻي اڌ رهجي وڃي. بعد ۾ ڇاڻي رکو، هر اڌ ڪلاڪ بعد اڇ چمچو پيئو.

 4_ سرنجان شيرين، اصغند، ڪرنجوا ۽ خاڪسير پيهي رکو. ٻارن کي چمچي جو چوٿون حصو اڌ چمچي نيم گرم کير گڏائي پياريو. بخار لهي به پيندو ۽ سنڌن ۾ سور به گھٽجي ويندو.

5_ سور جي صورت ۾ ڪيسٽر آئل ۾ ٿورڙو ليونڊر آئل ۽ دارچيني جو پائوڊر گڏائي مساج ڪريو ۽ ڪپڙو ويڙهي رکو، سنڌن جي سور ۾ آرم اچي ويندو.

6_ بخار جي صورت ۾ پنج داڻا ڪشمش جو ٻج ڪڍي ان ۾ خاڪسير ڀريو ۽ هلڪو سيڪي کارايو. خاڪسير بخار لاهيندو آهي.download-1

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ ايڊز جي مرض ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ ڏيڍ لک تائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے