22 جمعہ , فروری 2019

جهاز حادثي جي غلط آڊيو هلائڻ تي خانگي ٽي وي چينل جي نشريات شام 5 وڳي کان 12 وڳي روزانو ست ڏينهن بند رهندي

pemraاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) خانگي ٽي وي چينل 24 جي نشريات ستن ڏينهن جي لاءِ شام جو 5 وڳي کان رات جو 12 هين وڳي تائين بند ڪري ڇڏي آهي، پيمرا طرفان اهو فيصلو 27 ڊسمبر 2016ع کان 2 جنوري 2017ع رات 12 وڳي تائين لاڳو رهندي، پيمرا اٿارٽيءَ چينل جي نشريات بند ڪرڻ سان گڏ چينل تي 10 لک رپين جو ڏنڊ به هنيو آهي، جمعي جي ڏينهن پيمرا جي 122 هين گڏجاڻيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پي آءِ اي جي جهاز حادثي بابت غير لاڳاپيل آڊيو ڪلپ هلائڻ تي چينل 24 جي نشريات 7 ڏينهن جي لاءِ معطل ڪئي پئي وڃي. چينل 24 طرفان پي آءِ اي جي جهاز حادثي واري ڏينهن يعني 7 ڊسمبر 2016ع تي بنا تصديق جي غلط آڊيو ڪلپ ڏيکاريا هئا ۽ اها دعويٰ به ڪئي هئي ته اها آڊيو بدنصيب جهاز جي مسافرن جي آهي، کان پوءِ پيمرا اهڙو فيصلو ٻڌايو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ساهيوال سانحو بابت جي آءِ ٽي رپورٽ ڇرڪائي ڇڏيو…..

لاهور(ويب ڊيسڪ)  ساهيوال سانحي جي گڏيل جاچ ٽيم پنهنجي حتمي رپورٽ ۾ خليل، سندس زال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے