15 جمعرات , نومبر 2018

آمريڪا پاڪستان کي رات جي اونداهي ۾ ڪم ايندڙ هٿيار ۽ اوزار ڏيندو

news-1482593632-5029_largeواشنگٽن(ع آنيوز) آمريڪا پاڪستان کي رات جي اونداهي ۾ ڪم ايندڙ هٿيار ۽ اوزار ڏيندو. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا جي بچاءُ واري وزارت پاڪستان کي نائٽ وزن اوزار وڪڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پنٽاگون پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته هن معاهدي جي اصل قيمت 29 ارب 77 ڪروڙ رپيا آهي، جنهن ۾ ٽارگيٽ سائٽ سسٽم جي سافٽ ويئر ۾ بهتري، تجربا۽ ڪوبرا هيليڪاپٽرن ۾ انهن کي لڳائڻ به شامل آهي. هي نظام رات جي ڪارروائين ۽ ڏينهن ۾ ڏکين جابلو علائقن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مدد ڪندا ۽ علائقي بابت وقت سر ڄاڻ ڏيندا. ٽارگيٽ سائيٽ سسٽم اي ايڇ ون زي ڪوبرا هيليڪاپٽرن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو آمريڪي ميرين ڪور ۽ پاڪستان جي استعمال هيٺ آهي. پاڪستان ڪُل 20 سيڪڙو رقم آمريڪا کي ادا ڪندو، پانٽاگون موجب لوڪ هيڊ مارٽن ڪمپني ٽارگيٽ سائٽ سسٽم فلوريڊا ۾ تيار ڪري 2022ع تائين آمريڪي سامونڊي فوج ۽ پاڪستان جي حوالي ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے