20 ہفتہ , اکتوبر 2018

آصف زرداري جو پارليامينٽ ۾ اچڻ سمجهه ۾ نه آيو: شاهه محمود

اسلام آباد (م ڊ) شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول جو چونڊ وڙهڻ جو فيصلو سمجهه ۾ نه آيو. آصف زرداري جي اسيمبلي ۾ اچڻ جو  مقصد ڇا آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄوڪو اعلان آهي ته ايوان ۾ ويندس. ميدان ۾ نه. اڄ آئون بلاول جي جاءِ تي هجان ها ته پريشان ٿيان ها. هن چيو ته لڳي ٿو ته پردي پٺيان مفاهمت ڳري ثابت ٿي آهي. فاروق لغاري به صدارت کانپوءِ پارليامينٽ ۾ اچي وڏي غلطي ڪئي. ڪارڪنن جو خيال هو ته بلاول جي شڪل ۾ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي. هن چيو ته پ پ اڄ تائين شهيد بينظير ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي. 5 سال سندن حڪومت رهي. ٻڌائن انهن ان ڪيس ۾ ڇا ڪيو. خرم دستگير چيو ته اڄوڪي پ پ بينظير واري پارٽي ناهي پر زرداري جي پارٽي آهي. زرداري پارليامينٽ ۾ ايندو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ۾ هزارين ماڻهو مارجڻ، لوڊشيڊنگ ۽ ڪرپشن تي وائکو ٿيندو. 0229

download-4

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kandhar Polls: Afghan election commissioners recommend suspending Kandahar vote

افغانستان ۾ اڄ چونڊ، دهشتگردي بعد قنڌار ۾ ملتوي

ڪابل(م ڊ) پوليس چيف عبدالرازق جي قتل کانپوءِ افغانستان جي صوبي قنڌار ۾ اڄ ٿيندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے