17 ہفتہ , نومبر 2018

پاڪستان ۽ ايران جي رشتن جي حوالي سان ميڊيا جي ذميداري

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ملڪي ميڊيا پاڪ ايران رشتن کي حساس بڻائڻ بدران بهتر انداز ۾ پيش ڪري ۽ ان ڳالهه جي گهرج آهي ته ميڊيا سميت ملڪ جو عوام ان ڳالهه جي احساس ڌاري ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا نه رڳو بهتر آهن پر ، ايران ملڪ اندر موجود ناڪاري سرگرمين ۾ شامل ناهي ۽ نه ئي مٿس ڀارتي جاسوس جي سهولتڪار هجڻ وارو الزام مناسب آهي. تنهن ڪري ڀارتي جاسوس جي گرفتاري کي ايران جي صدر جي دوري سان يا ايران جي حوالي سان جوڙڻ نه کپي. هن ميڊيا جي هڪ هصي جنهن ۾ ايراني سفارتڪار جا ڪارٽون ڇاپي ان تي تنقيد ڪئي وئي آهي کي اوگڻ سڏيو ۽ چيو ته ملڪي ميڊيا اهڙي روس کان پاسو ڪري.

ڇنڇر ڏينهن شام جو گهڻ رُخي پريس بريفنگ ڏيندي گهرو وزير چيو ته گذريل هفتي ڊي چوڪ تي مذهبي ماڻهن جي ڪاهه ۽ ڌرڻي ۾ پيش ڪيل مطالبن تي سرڪار جا سمورا ادارا سهمت آهن ته اهي ناجائز هيا ۽ پيغمبر صلعم جي پاڪ نالي جي آڙ ۾ هنگاما ڪرڻ، وڳوڙ ڪرڻ ۽ خلل وجهڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ان سلسلي ۾ ضروري انتطام ڪري ريڊ زون ۽ ڊي چوڪ کي مڪمل صاف سٿرو رکڻ جا انتطام ڪيا پيا وڃن.

جنرل پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ اجازت ڏيڻ واري معاملي تي نواز ليگ تي ٿيندڙ مسلسل تنقيد جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سرڪار ان ڪيس ۾ ڏينهنون ڏينهن سنجيدگي ڏيکاري جڏهن ته، عدالتن جي مختلف ڏاڪن تي ان ۾ دير ٿيندي وئي. هن چيو ته ان دير جا ذميدار سرڪار وارا نه آهن. هن چيو ته، اي سي ايل مان سرڪار نالو ڪڍڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ڪري اهو سڀ ڪجهه عمل ۾ آيو. هن ٻنهي ڪورٽن جي فيصلي بابت پڻ ٻڌايو جنهن ۾ چيو ويو هو ته سرڪار ڪنهن جي به چرپر تي بندش لڳائي نه ٿي سگهي.

ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت سپريم ڪورٽ 13 صفحن تي ٻڌل ۽ چيف جسٽس جي لکيل فيصلي ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف تي ڪيس داخل هجڻ باوجود حڪومت ٺوس موقف اختيار نه ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو قانون موجب هو، ٺوس ثبوتن جي بنياد تي ئي ڪنهن جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، پنهنجي پسند يا ناپسند جي بنياد تي ڪنهن جو نالو اي سي ايل ۾ نه ٿو وجهي سگهي، حڪومت قانون موجب اختيار استعمال نه ڪيا ۽ اٽارني جنرل به معاملي تي ڪا هدايت وٺي نه آيو هو.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اڳوڻي آمر صدر پرويز مشرف تي ڪيس هجڻ باوجود وفاقي حڪومت پاران اپيل ۾ ٺوس موقف اختيار نه ڪيو ويو، پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان سپريم ڪورٽ نه پر وفاقي حڪومت ڪڍيو، اٽارني جنرل کان ڪيترائي ڀيرا پڇيو ويو، پر ڪوبه قانوني جواز پيش نه ڪيو ويو.

سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي معاملي جو ذميوار نواز حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪنهن جو نالو اي سي ايل مان شامل نٿو ڪري سگهجي، قانوني جواز موجود هجي ته اي سي ايل قانون 1981ع رولز 2010ع تحت لاڳاپيل شخص جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف خلاف ڪيترائي فوجداري ڪيس داخل آهن، ان جي باوجود وفاقي حڪومت سميت ڪنهن به عدالت پنهنجن اختيارن کي استعمال نه ڪيو، سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو 8 اپريل 2013ع جو حڪم عبوري هو، ڪيس اڪلائڻ بعد ان حڪم جي حيثيت ختم ٿي وئي هئي.

ڪالهه سينيٽ جي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته حڪومت کي آرٽيڪل 6 جي خاتمي لاءِ بل آڻڻ گهرجي ڇوته، آرٽيڪل 6 جهموريت، آئين ۽ پارليامينٽ جي دفاع ۾ ناڪام ٿيو آهي، خابرو ادارن موجب لاڙڪاڻو ۾ شهيدن جي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين رضا رباني جو چوڻ هو ته حڪومت کي هاڻ آرٽيڪل 6 کي ختم ڪرڻ گهرجي، آرٽيڪل 6 جي خاتمي لاءِ بل آڻڻ گهرجي.’

جيتوڻيڪ سينيٽ چيئرمين جي ڪيل ڳالهه طنز ۽ ٺٺول جي دائري ۾ اچي سگهي ٿي ۽ ان جي ڪيل ڳالهه ۾ سرڪار جي اها بي وسي ۽ مجبوري شامل آهي، جنهن مجبوريءَ جي ڪري، ڪابه چونڊيل سرڪار آرٽيڪل 6 سميت آئين جي ڪيترن حصن تي عمل ڪرڻ کان يا ته روڪي وڃي ٿي يا وري پنهنجي مشروط مفادن جي ڪري لنوائي ٿي. پر، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به قانونن جو هجڻ ضروري ڳالهه آهي. اهي اڄ ڪم نه ٿا آني سگهجن ته سڀاڻي اچي سگهن ٿا. اها ڳالهه بلڪ ايئن آهي ته ڪو چوي ته ملڪ مان ”ٽرئفڪ سگنل“ هٽائي ڇڏيو، ڇوته، انهن جو ڪوبه احترام نه ٿو ڪري. پر شعوري ڳالهه اها آهي ته اهي سگنل هوندا ته انهن جي حوالي سان غلطين ۽ چڱاين جو احساس ٿي سگهندو.  سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ به ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ته ”دينا داستي“ سڀ ڪجهه ڄاڻيندي ٻجهندي اهڙي ڳالهه ڪئي وئي جنهن ۾ پنهنجا پلوَ آجا ڪري، سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ سرڪار جي جهوليءَ م اڇلي ڇڏيو هو.

سرڪار، ڪورٽ ۽ سينيٽ کي گهرجي ته جنرل پرويز مشرف جي ملڪ مان روانگي جي ڪري قانون يا عملي حالتن ۾ جيڪي نوان نوان جهول ۽ ڪمزوريون نظر آيون آهن يا جن جي نشاندهي ٿي آهي، انهن جي حوالي سان ڪي نيون تجويزون آڻي ، نوان اُپاءَ سوچي قدم کنيا وڃن.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪامريڊ شهيد حسن ناصر جي ياد ۾ !

1980ع کان 1990ع وارو ڏهاڪو نه صرف سوويت روس پر سڄي دنيا لاءِ اهم آهي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے