14 بدھ , نومبر 2018

چاچو ولو

downloadپنجين درجي ۾ ڪيترا نه معصوم هوندا هئاسين، گهر ۾ يا نه آهي، جو ڪو فڪر ڪونه هوندو هو. اڄ به اهي بينچو ۽ دوست اکين آڏو آهن.

سالن کان پوءِ نه اهي بينچون آهن نه اهي دوست، ڪڻو – ڪڻو ٿي وياسين، پر چاچو ولو اڄ به جهور عمر ۾ انهيءَ ساڳيءَ دڪي تي روزانو ڇولا وڪڻندو آهي، جڏهن ڳوٺ وڃڻ ٽئي تڏهن چاچي ولو سان ملاقات ضرور ٿئي ٿي، ويچارو هن دنيا ۾ اڪيلو آهي

اسين پنجين جماعت ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن رسيس وقت چاچي ولو جي ڇولن تي مارو ڪندا هئاسين، آئي. ٻياني ۾ بک جو احساس مري ويندو هو، وقت تي اوڌر به رکندو هو، ڇولا ختم ٿيڻ کان پوءِ اسان کان ڪتاب وٺي پڙهندو هو، چرچائي به اهڙو هوندو و، جو ٻارن سان  ٻار، ڀوڳن ڀڳن ۾ ڏاڍيون نصيحتون ڪندو هو، هڪ ڀيرو چيو هئائين، ”پيارا ٻارو جي توهان گسائيندو ته مون جهڙا حال ٿيندو، پر جي پڙهندو ته وڏا آفيسر ٿيندو. انهن ڏينهن ۾ اهي لفظ منهنجي اندر ۾ کپي ويا هئا، هڪ ڏينهن اسان جو استاد، اسڪول ۾ ڪونه آيو. موڪل تي ڪلاس واندا هئاسين، مون ٻاهر ڏٺو، چاچو ولو پراڻي اخبار کڻي پڙهي رهيو هو، مون ويجهو وڃي، چاچي ولو کي چيو، ”چا چا ڇا پيو ڪرين.“ کلندي چيو هئائين.

”ابا! پڙهياسين ڪونه، هاڻ شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ مڙئي پيا پراڻي اخبار چٽيون“ مون کان به نڪري ويو وات مان، چاچا ڇو ڪين پڙهيو، منهنجن انهن لفظن تي، چاچو صفا مايوس ٿي ويو، کن پل کان پوءِ چيائين ”پٽ ستل سور نه جاڳاءِ؟“ ٻاراڻو ذهن هو. ان ڪري، مان به چچر ٿي چنبڙي پيومانس، چاچا ٻڌاءِ، ڏس جي نه ٻڌائيندين ته مان ڪاوڙ جي ويندوسائين!“

چاچي ڪاوڙ جو لفظ ٻڌي نرم لهجي ۾ چوڻ لڳو، پٽ ڀائٽيا چاچن سان ٿوريئي ڪاوڙ ڪندا آهن، بس جي ڪاوڙ ٿو ڪرين ته ٻڌ ڪهاڻي.

”ڀائٽيا مان به ڪڏهن توهان وانگر معصوم ٻار هوندو هوس، صفا گل جهڙو معصوم گهر ۾ مان اڪيلو اولاد هوس ان ڪري ماءُ، پيءُ جو مون تي ڏاڍو پيا هوندو هو، انهيءَ وقت ۾ ”راڻي ڪپڙي ۽ ٻين ڀلن ڀلن ڪپڙن مان ڪپڙا سبائي پائيندو هوس، ۽ چوٿين درجي تائين مون کي ڪو ڏينهن ياد ڪونهي جو گسايو هوندم. اسڪول ۾ مان پهرين نمبر ايندو هوس، پر چوٿين جماعت کان پوءِ منهنجي ذهن ۾ به هوا ڀرجي وئي، ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ، دادلو گهڻو، کپي آنڪ ته ملن ٻه آنا، سو پٽ، آئون انهيءَ وقت اهڙن ڇوڪرن جي سنگت ۾ اچي ويس (جيڪي هينئر مون وانگر وتن ٿا، سهر ۾ مزوري ڪندا) جن منهنجا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا، ”يار پڙهائي ۾ ڇا آهي، اڄ هلو ته هلئون ٻير کائڻ.“ اهي لفظ انهيءَ وقت ڏاڍا پيارا لڳا هئا. پوءِ انهن ڇوڪرن سان گڏ ڪڏهن بئراج تي ڪڏهن مقام ۾ پيا شڪار ڪندا هئاسين، ڪڏهن باغ ۾ پيا ليما پٽيندا هئاسين، گهڻن ڏينهن کان اسڪول نه وڃڻ ڪري استاد گهر ڏي ڇوڪرا موڪليا. گهر ۾ بابا کي پهريون ڀيرو سڌ پئي ته ڇوڪرو اسڪول نه ٿو وڃي، بابا کي ڀلا خبر ڪيئن پوي.

صبح جو تيل ڦليل ڪري ڪتاب کڻي بابا کان خرچي وٺي ويندو هوس ته پڙهڻ ٿو وڃان پوءِ پويان اڳ ۾ گوسڙو ڇوڪرا، انتظار ۾ هوندا هئا.

جڏهن، بابا کي اها خبر پئي تڏهن جيئن شام جو گهر ويس ته بابا پڇيو، اسڪول ويو هئين؟ مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪوڙ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي. ڏڪندي ڏڪندي چيم. ها، بابا اهي لفظ ٻڌي ڪاوڙ  ۾ ڳاڙهو ٿي ويو پر چيائين، تر مان پاڻ اسڪول ڇڏي ٿو اچان ئي، بس پوءِ ته اڌ ساهه سڪي ويو. ٻئي ڏينهن بابا سان گڏ منهنءَ ڌرتي ۾ کپايو هلندو ويس، جڏهن واٽ تي پهتاسين ته اتي منهنجا پراڻا يار بيٺا هئا، جن کي ڏسي مان ٿورو بابا کان پٺتي ٿي ويس ۽ اشاري ۾ چئي ويو مان، ته اڄ ڦاٿل آهيان. پر پوءِ به اشارا ڪري رهيا هئا ته اچ.

جڏهن اسڪول پهتم ته، ڪافي ڇوڪرا، مڙي آيا هئا، آئون شرم جو ماريو ڪنڌ هيٺ ڪيو بيٺو هوس، ايتري ۾ استاد ب اچي ويو جنهن مون کان گسائڻ جو سبب پڇيو، مان ماٺ ڪيو بيٺو رهيس، بابا، ويندي ويندي سائين چئي ويو ته اڄ کان جي گسائي ته پوءِ توهان کي جيئن وڻي تيئن سزا ڏجوس.

استاد، بابا جي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍيون نصيحتون ڪيون، پر منهنجي ذهن ۾ اهي ليما ۽ يار هئا، سوچڻ لڳس ته سائين نڪري ته مان کاوان ڪلٽي پر سائين رسيس تائين ڪلاس مان چريو ئي ڪونه، رسيس ملڻ شرط ئي مون ڇوڪرن جي اک ٽيٽ ڪري، ڪتاب وڌا ور ۾ سڌو اتي آيس، جتي يار انتظار ڪري ساڻا ٿيا بيٺا هئا.

بابا، کي رپورٽ پهچي وئي، شام جو پهچڻ شرط بابا، اها مار ڏني

جو اڄ به ياد ڪري ڀو ٿيندو اٿم پر مان نه سڌرڻو هوس، نه سڌريس.

ان ڏينهن کان پوءِ گهر به رات جو ايندو هوس، جڏهن بابا ننڊ ۾ هوندو هو. ۽ صبح جو بابا جي اٿڻ کان گهر ڇڏي ويندو هوس. امڙ وٽ منهنجد جو ويندو هوس مانيءَ لاءِ. جا ماني ته ڏيندي هئي، پر ڏاڍيون منٿو ڪندي هئي. ابا ڏاهو ٿي اسان وينداسين مري. پوءِ ڪير ٿئي، پر منهنجي ذهن ڪٿي ٿو اهي ڳالهيون ٻڌي. بابا سائين به ڳولڻ سان شهر ڪري ڇڏيا پر مان هٿ ئي ڪونه آيومانس.

اسان مقام ۾ گهاٽن وڻن جي اندر، پنهنجو گهر ٺاهيوسين جنهن ۾ گوسڙو سڀ اتي اچي ويهندا هئاسين، هڪ ڀيري، مقام مان نڪري ڀر واري باغ مان ليما پٽڻ ٿي ويس ته پويان اچي ڪنهن ڳاٽي کان جهليو سمجهيم ته مالي هوندو، پر جان کڻي ڏسان ته بابا جو هٿ آهي، بس اتي ئي سڪي بيهي رهيس بابا جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ چوڻ لڳو ”پٽ مون ته سوچيو هو ته تون پڙهي، آفيسر ٿيندين، پر الائي توکي ڇا ٿيو آهي.“

ان ڏينهن بابا مون کي چماٽ به ڪانه هنئي هئي. گهر ۾ امڙ، روئڻ لڳي ته پٽ توکي انهن چورن مار پوين خراب ڪيو آهي. خدا جي واسطي انهن جي پويان نه لڳ، ان ڏينهن مون سوچيو هو ته هاڻ ائين نه ڪبو.

استاد وٽ وري ويس بابا سان گڏ ۽ اڳتي نه گسائڻ لاءِ واعدو ڪيم، پر هوڏانهن منهنجا يار، مون تي ٽوڪون ڪرڻ لڳا ٻاراڻو ذهن هو، سو ڏهن ڏينهن کان پوءِ وري اهي لاٽون اهي چڳهه، وري انهن يارن سان گڏيس، بس پوءِ ته حالت اچي ٿي. جو راتين جو راتيون مقامن ۾ مسڻن ۾ گهارڻ لڳاسين، ۽ جي ڪو ٻار اسڪول ويندو ڏسنداسين هئاسين ته ان کي پٿر چٽيندا هئاسين، چاچا ڪافي دير ماٺ ٿي ويو ۽ وري چوڻ شروع ڪيائين.

”ابا انهي وچ ۾ بابا اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهيو ۽ لاڏاڻو ڪري ويو. ان وقت منهنجي عمر به چڱي خاصي هئي. پر ڪو ڌيان ڪونه هو. جيجل امڙ کي به ڪو سک ڪونه ڏنم جا آخر تائين، پاڙي وارن جو پورهيو ڪري پٽ پالڻ لڳي هئي، ۽ ايئن اها به هلي هن جهان مان.

چاچا ولو ائين چئي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ڪافي ڇوڪرا ڪلاسن جا نڪري آيا آخر ۾ سڏڪندي چوڻ لڳو بابا- گسائجو نه-برن دوستن جي دوستي ۾ نه اچجو- جي گسائيندو ته، مون جهڙا حال ٿيندو- پر جي پڙهندو ته پوءِ وڏا آفيسر ٿيندو.

خدا جي واسطي گسائجو نه- پڙهي آفيسر ٿجو، اهي لفظ چئي چاچو ولو هليو ويو هو. هينئر دل ٿي چئي چاچو ولو هجي جنهن سان ڪچهري ڪيان ڇو ته جي چاچا ولو نه هجي ها ته اسان به ڪونه پڙهون ها!

پيارا ٻارو! چاچا ولو جي ڪهاڻي ٻڌي ان مان سبق حاصل ڪيو ۽ اهڙن دوستن کان پري ڀڄو. جيڪي توهان جي تعليم ۾ رنڊڪ وجهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چئو واٽو

           ننڍڙو پپو گهر ۾ مينا وانگر ٻوليندو هو. اڄ جيئن حيدرآباد کان ڳوٺ وڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے