19 پیر , نومبر 2018

 نائلا رند قتل ڪيس ۾ نئون انڪشاف، انيس خاصخيلي شادي جو واعدو ڪري ڦري ويو، بليڪ ميل ڪرڻ تي نائلا آپگھات ڪيو: ڊي آءِ جي

naila-rind-upd-0800-pkg-moiz-05-01-640x480

حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند جي پر اسرار موت نئون رخ اختيار ڪيو آهي، ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند جو چوڻ آهي ته نائلا ذهني دٻاءَ ۾ اچي خودڪشي ڪئي آهي ۽ هن واقعي جا پيرا کڻندي شاگرد انيس خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن واقعي بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا آهن، انيس خاصخيلي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند جو چوڻ آهي ته انيس احمد خاصخيلي پٽ غلام رسول خاصخيلي نائلا رند سان فيسبڪ ذريعي رابطو ڪيو، جنهن کانپوءِ هنن ٻنهي جو موبائل فون تي رابطو ٿيو، 3 مهينن کان وٺي هو هڪٻئي سان رابطي ۾ هئا، شادي ڪرڻ جو واعدو ڪري انيس خاصخيلي بعد ۾ واعدي تان ڦري ويو ۽ هن نائلا کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو، انيس خاصخيلي جي شادي کان انڪار ڪرڻ تي نائلا رند پريشان ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. هن ٻڌايو ته پهرين جنوري جي رات نائلا رند جي خودڪشي وارو واقعو پيش آيو، پوليس واقعي کي سنجيده وٺندي شڪ ۾ انيس خاصخيلي کي گرفتار ڪيو، انيس خاصخيلي مهراڻ يونيورسٽي گرامر ڪاليج ۾ ليڪچرار پڻ آهي. ڊي آءِ جي موجب پوليس کي مڪمل فارينسڪ ڊيٽا ملي آهي، انيس جي موبائل مان به ڊيٽا ڊليٽ ٿيل آهي، جڏهن ته نائلا پاڻ به بدنامي کان بچڻ لاءِ ڊيٽا ڊليٽ ڪئي،

 

انيس جي آخري ميسيج ۾ ”سوري رانگ نمبر“ لکيل

ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم رند موجب انيس پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ جيڪو آخري ميسيج ڪيو آهي،  ان ۾ ”سوري رانگ نمبر“ لکيل آهي. ڊي آءِ جي چيو ته کين ايتري ڊيٽا ملي آهي، جنهن مان جوابدار کي آساني سان سزا ڏياري سگهجي ٿي.

 

انيس خاصخيلي ڇوڪرين کي تنگ ڪندڙ پيشيور ڏوهاري آهي: ڊي آءِ جي

ڊي آءِ جي حيدرآباد خادم حسين رند وڌيڪ ٻڌايو ته  انيس خاصخيلي ڇوڪرين کي تنگ ڪندڙ پيشيور ڏوهاري آهي، هن جي موبائل مان مليل ڊيٽا مان نائلا سميت 30 ڇوڪرين جا فوٽو پڻ مليا آهن. انيس خاصخيلي خلاف سيڪشن 316_509، اي ٽي اي 6.7، اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ 13.9 تحت داخل ڪيو ويندو، هن ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم لاڳو ٿيندا ۽ هي ڪيس دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ موڪليو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Medicine price matters: unless government notification does not come forward, the increase will not increase: Chief Justice

سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس 3 هفتن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي نواز شريف خلاف العزيزيا ريفرنس ٽن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے