19 پیر , نومبر 2018

چار اپريل: پاڪستاني سياست ۽ سماج جي تباهيءَ جو ڏينهن

اڄ چار اپريل آهي، هيءُ ڏينهن هر سال ايندو آهي ۽ گذري به ويندو آهي ۽ هن کي دنيا جون ٻيون قومون ۽ دنيا جا ٻيا ملڪ معمول جي نگاهه سان ڏسندا آهن پر پاڪستان ۾ هن ڏينهن جي اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي، هن ڏينهن کي ان ڪري ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي جو هن ڏينهن پاڪستان جي پهرين مقبول عوامي اڳواڻ کي هڪ اڻ ڪئي ڏوهه ۾، تڪراري عدالتي فيصلي تحت ڦاسيءَ چاڙهيو ويو هو.

ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو اهو واحد سياسي اڳواڻ هو، جيڪو پنهنجي سياسي ڏاهپ ۽ بصيرت جي ڪري دنيا جي قومن ۾ ملڪ جي سڃاڻپ بڻجي ويو هو، يعني دنيا ۾ ايئن چيو ويندو هو ته ڪهڙو پاڪستان؟ ذوالفقار علي ڀٽو وارو، سو هو جيڪو ملڪ جي سڃاڻپ بڻيو هو، اسان وٽ کيس مڃتا اها ملي جو کيس ڦاهيءَ چاڙهيو ويو. هئڻ ته ايئن کپندو هو ته دنيا جا سڀئي دٻاءَ سهي ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي بچائي وڃي ها، ڇو جو ٻيا جنرل ته پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ ٻيا سياستدان به پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ پيدا ٿي به رهيا آهن پر ذوالفقار علي ڀٽو هڪڙو هو، جيڪو وري پيدا ٿي نه ٿو سگهي. کيس ڦاهي ڇا آئي، ڄڻ ته پاڪستان جي اڳتي وڌڻ اڳيان فل اسٽاپ اچي ويو ۽ هي ملڪ هڪ هنڌ بيهي ويو.

اڄ جڏهن ٿيل ڏوهن پٺيان وٺ وٺان لڳي پئي آهي ۽ خود اسٽيبلشمينٽ به مڃي ٿي ته ڏوهه ٿيا آهن، سو اهڙو هڪ ڏوهه 1978ع وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو به هو، جيڪو نه ٿئي ها ته لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق واري سوچ به شايد جنم نه وٺي ها. ڀٽي صاحب کي ڦاهيءَ وارو فيصلو هڪ فوجي جنرل جو فيصلو هو، جنهن ملڪي مفاد کي ڏسڻ بدران عالمي مفاد کي ڏٺو ۽ تاريخ ۾ اهڙو ته ڏوهه ڪري ويو، جنهن جو ڪيتو اڄ تائين اسان جو سماج ۽ هي ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. سو چئي سگهجي ٿو ته ڪجهه طاقتن جي دٻاءَ ۾ اچي ذوالفقار علي ڀٽو کي سوليءَ چاڙهڻ اهڙي غلطي هئي جنهن جو نتيجو اڄ تائين اسان ڀوڳي رهيا آهيون.

ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ کانپوءِ ملڪ اندر جيڪي ڪيس ۽ ڪَلور ٿيا، انڌير نگري چرٻٽ راجا واريون پاليسيون اختيار ڪندي عالمي آقائن کي خوش ڪرڻ لاءِ دهشت گردي، انتهاپسندي، ڪلاشنڪوف ڪلچر، هيروئن ڪلچر مطلب ته سماجي براين کي هٿ وٺي جيڪا هٿي وٺرائي وئي، سياسي چُرُ پُر ۽ سياسي پرچار ۽ پروگرامن تي بندش وجهي صرف هم خيال مذهبي ۽ سياسي ڌرين لاءِ ميدان کُليو ڇڏڻ واري روش جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو هيءُ ملڪ ورهيه وهامي وڃڻ کانپوءِ به دهشت گردي ۽ انتهاپسندي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هن جنگ ۾ ملڪ جا لکين عام شهري ته زندگيون وڃائي ويٺا آهن پر ان جو گهڻو نقصان ملڪ جي فوج کي به ٿيو آهي، جنهن جا دهشت گرديءَ خلاف هن جنگ ۾ پنجاهه هزارن جي لڳ ڀڳ جوان شهيد ٿي چڪا آهن ۽ هيءَ جنگ آهي جو کُٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، سو چئي سگهجي ٿو ته دهشت گرديءَ جي وبا جو تعلق به 5 جولاءِ 1977ع تي عوام جي چونڊيل سرڪار جو پختو اونڌو ڪري ملڪ تي ڊگهي ڪاري آمريت مڙهڻ ۽ 4 اپريل 1979ع تي ملڪ ۽ ٽين دنيا جي مقبول عوامي اڳواڻ جناب ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏيڻ سان ڳنڍيل آهي.

1971ع ۾ جڏهن ملڪ ٻه اڌ ٿي چڪو هو، باقي بچيل پاڪستان جي بقا جو سوال عالمي سطح تي بحث هيٺ هو، بحث شروع ٿي چڪو هو ته بنگلاديش ٺهڻ يعني اوڀر پاڪستان جي پاڪستان کان جدا ٿي وڃڻ کانپوءِ شايد ئي دنيا جي گولي تي ”پاڪستان“ نالي ڪو ملڪ رهي پر ڪيئن انڪار ڪري سگهجي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽي جي سياسي ڏاهپ ۽ صلاحيتن جي ڪري چند سالن ۾ پاڪستان نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪيو پر دنيا جي قومن ۾ هڪ الڳ مقام ۽ حيثيت به ماڻڻ شروع ڪئي. ڍاڪا واري سانحي کانپوءِ ڦَٽيل پاڪستان ڦَٽن ڏي ڏسڻ بدران قيادت ۾ نئين حوصلي سان اڳتي وڌي رهيو هو. هن بغير ڪنهن نقصان ۽ ملڪ جي گهاٽي جي ڳالهين ذريعي هندستان طرفان جنگي قيدي بڻايل 90 هزار فوجي آزاد ڪرايا، قبصي هيٺ ڪيل 5 هزار چورس ميل زمين ڇڏائي. هو جنگي قيدين ۽ قبضي ڪيل زمين ڇڏائڻ لاءِ هندستاني قيادت سان ڳالهين لاءِ جڏهن شملا پهتو هو ته وٽس ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، هو هٿين خالي هو پر کيس پاڻ تي ۽ پنهنجي صلاحيتن تي پورو پورو اعتماد هو، جن کي استعماد ڪندي هو ڪامياب ٿي واپس موٽيو.

هن 1971ع ۾ ملڪ ٽٽڻ جي ٽن سالن کانپوءِ 1974ع لاهور ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ اسلامي دنيا جا مڃيل اڳواڻ ۽ حڪمران شريڪ ٿيا، جنهن سان دنيا ۾ پيغام ويو ته پاڪستان اڄ به مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ آهي، هن پاڪستان کي ترقيءَ جي اهڙي منزل ڏانهن وٺي وڃڻ ٿي چاهيو، جتي پاڪستان کي نه ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻو پئي ها، نه ئي وري دهشت گردي ۽ انتهاپسنديءَ کي. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ذوالفقار علي ڀٽُ اڄ هجي ها ته پاڪستان ترقيءَ ۾ شايد ملائيشيا سميت سمورن اسلامي ملڪن کان اڳتي ۽ اڳڀرو هجي ها پر عالمي دٻاءَ ۾ ان وقت جي آمر جي ڪيل غلط فيصلن پاڪستان کي هڪ ته دورانديش ۽ مدبر سياسي اڳواڻ کان محروم ڪري ڇڏيو ٻيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي به ٻُڙي اچي وئي.

ذوالفقار علي ڀٽي چاهيو ٿي پاڪستاني دنيا ۾ باوقار قوم طور جيئن، اهو ئي سبب آهي جو دفاعي ۽ معاشي ٻنهي شعبن ۾ پاڪستان کي مضبوط ڪرڻ جا هن بنياد رکيا، ڀٽي جي پاڪستان ۾ پاڪستان جا آمريڪا ۽ برطانيا سان به لاڳاپا هئا ته چين ۽ روس سان به خوشگوار لاڳاپا هئا. ايران به پاڪستان جو ايئن ئي سدا بهار دوست هو، جيئن چين، پر اڄ صورتحال مختلف آهي. سو جنهن اڳواڻ پاڪستان کي دنيا اندر باوقار قوم بڻائڻ ٿي گهريو، جنهن ملڪ جي بچاءَ کي ناقابل شڪست بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام جا بنياد وڌا، ملڪ جي مضبوط معيشيت جا بنياد وڌا، جنهن کي قومي هيرو قرار ڏئي کيس سلامي ڏيڻ گهرجي ها پر کيس ڦاسي ڏني وئي. ٻيو ته ٺهيو پر سرڪاري ۽ رياستي سطح تي سندس خدمتن جو اعتراف ڪرڻ کان به گوٿناٿ ڪئي ويندي رهي آهي. هن تاريخ جي ڀيٽ ۾ وقت جي آمر هٿان مرڻ قبوليو ۽ تاريخ ۾ اَمرُ ٿي ويو. اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ته تاريخ ۾ ۽ عوام ۾ زندهه آهي، پر کيس ڦاهي چاڙهيندڙ آمر تاريخ جي دَزَ ۾ لَٽجي ويو آهي. اڄ وقت آهي ته پاڪستان جي تاريخ کي درست ڪيو وڃي، نه رڳو ايترو پر مقبول عوامي اڳواڻن، خاص ڪري مجيب کان ويندي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو تائين ننڍن صوبن سان لاڳاپيل سياسي اڳواڻن سان جنهن قسم جا رويا ۽ روش اختيار ڪئي ويندي رهي آهي، سا به ختم ٿيڻ گهرجي، ماضيءَ جي غلطين کي نظر ۾ رکندي مستقبل ۾ اهڙين غلطين جو ورجاءُ نه ڪرڻ جو عزم ٿيڻ تائين ملڪ مان ويڇن ۽ تفاوت ۽ محرومين جو شايد ئي خاتمو ٿي سگهي.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جيئڻ جي جاٰءِ آهي

سڀاڻي سموري دنيا ۾ سهپ / بردباريءَ ۽ رواداريءَ جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. نهايت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے