23 منگل , اکتوبر 2018

سائين جي ايم سيد پٽنا ۾ مسلمانن کي سنڌ اچڻ جي دعوت ڏئي آيو: مقتديٰ منصور

ڪراچي (عوامي آواز نيوز)  تاريخدان ، دانشور ۽ ليکڪ مقتديٰ منصور  چيو آهي ، سنڌ گهڻي ڀاڱي  آزاد مملڪت رهي آهي، ورهاڱي کان اڳ مسلمان قومپرستي هئي سائين جي ايم سيد پٽنا ۾ مسلمانن کي سنڌ ۾ اچي رهڻ جي دعوت ڏئي آيو . نائون مل غدار  نه پر هڪ واپاري هو، ڪامورن پاڪستان جي باني جي 11 آگسٽ واري تقرير کي سينسر ڪيو هو، اسان جي موجوده قيادت وٽ ڪو ادراڪ ناهي، سند جي مفادن  جو دشمن سنڌ جو دشمن آهي، ڀلي اهو سنڌي ڇو نه هجي.  عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ  پئنل انٽرويو ۾ ڳالهائيندي مقتديٰ  منصور وڌيڪ چيو ته سويت انقلاب کان پوءِ  ننڍي کنڊ ۾ انگريزن پنهنجي گرفت کي ڪمزور ٿيندو ڏسي مڪاني ماڻهن  کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي جنهن  سان هندو، مسلمان فرق وڌڻ شروع ٿيو يوپي ۾ 14 سيڪڙو مسلمانن وٽ 62 سيڪڙو زرعي زمينون هيون ، سنڌ ۾ وڏيرو ۽ هاري ٻئي مسلمان هئا، سنڌ جي بمبئي ريزيڊنسي ۾ هجڻ سبب هتي هندو اڪثريت ۾ ٿي ويا ۽ اقليت جي احساس جي ڪري مسلمانن کي متحد ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ٿي، هن چيو ته  مسلمانن کي طاقتور ڪرڻ لاءِ جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي ۽ سر شاهنواز ڀٽو ان تحريڪ ۾ شامل هئا، سائين جي ايم سيد ته پٽنا ۾ خطاب ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڳالهه ڪئي ۽ کين دعوت ڏني ته سڀ مسلمان سنڌ ۾ اچي آباد ٿين ان زماني ۾ مسلم نيشنل ازم هو ، 1906ع ۾ مسلم ليگ جي قيام واري اجلاس ۾ به سڀ وڏيرا شامل هئا. هن چيو ته ٽالپرن جي دور ۾ حڪومت جو رويو هندو واپارين سان سٺو نه هو، نائون مل واپاري هو جنهن ڪري هن انگريزن جي حمايت ڪئي پر هو غدار نه هو، ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن انگريزن کي پاڻ هتي واپاري ڪوٺيون قائم ڪرڻ  ڏنيون هيون، هن چيو ته  پاڪستان ۾ ڪامورا وڌيڪ طاقتور رهيا آهن، ايستائين  جو پاڪستان جي باني  قائداعظم  محمد علي جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير به سينسر ڪري ڇڏيائون، هن چيو ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ هميشه تحريڪ رهي آهي، باقي پارٽي جو تصور ناهي رهيو، هڪ نقاطي ايجنڊا  تي هلندا آهن، اڄ به اسان جي قيادت وٽ ادراڪ (vision) ناهي، هن چيو ته سڄي دنيا ۾ اسٽيبلشمينٽ  مضبوط رهي آهي، جنهن کان  عام ماڻهو ته بغاوت ڪندا آهن، پر اشرافيه ان سان گڏ هوندي آهي. پئنل انٽرويو ۾ صحافي يوسف سيف ، سارنگ زين چانڊيو ۽ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ اصغر ناريجو شرڪت ڪئي ۽ مهمان کان تاريخ بابت سوال ڪيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: نوابشاھ: نرسن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج، حڪومت تي ڇڙڪائيندڙ الزام

*نوابشاھ ۾ نرسن مطالبن جي مڃتا لاءِ  نرسز هاسٽل اڳيان احتجاج ڪيو . نرسز ھاسٽل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے