شاهه ڀٽائي ۽ ڀونءِ...

ج. ع. منگهاڻي

حضرت شاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 264هين عرس جي موقعي تي سنگاريل مزار

مارو مٽ ملير جا، ساريم سڀيئي

حب الوطن من الايمان اندر اهي ئي

پکن ۾ پيهي، پسان شال پنو هار کي.

ڀٽائيءَ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڀٽائيءَ جي ڀونءَ کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڀٽائيءَ جي ڀونءِ کي سمجهڻو پوندو. جتي هو ڄائو، نپنو، جوان ٿيو، هليو، ڦريو ۽ گهميو.

انهيءَ ڀونءَ جي ٻولي، تهذيب، ريتون، رسمون رواج، قدر، ڏک سک، مزاج، حالتون ڏسڻيون ۽ سمجهڻيون پونديون. بلڪه ڀٽائيءَ جي ڀونءَ جي ڪک پن، وڻ وٽ، پکي پکڻ جي پڻ جڏهن پروڙ هوندي تڏهن ڀٽائيءَ کي سمجهي ۽ سڃاڻي سگهنداسين. ڇو جو ڀٽائي ڀونءَ سان ٻڌل آهي.

هر اها شيءِ جيڪا ڀٽائيءَ جي ڀونءَ کي ڀانءِ نٿي پوي اها ڀٽائيءَ کي به ڀانءَ نٿي پوي، ۽ ڌڪارجي وڃي ٿي.

ڀٽائي پنهنجي ڀونءَ جي ڪک پن کي به اهميت ڏي ٿو ۽ ان مان متاثر ۽ مطمئن آهي.

ٻڏندي ٻوڙن کي، ڪي هاتڪ هٿ وجهن

پسو لڄ لطيف چئي، ڪيڏي کي ڪکن،

توڻي ڪنڌيءَ ڪن ناٿ ساڻ وڃن سير ۾.

ڀٽائيءَ کي جڏهن سندس دور جي حوالن سان ڏسون ٿا تڏهن خبر پوي ٿي ته، ڀٽائيءَ کي پنهنجي دور ۾ پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت جي وڌاءُ جي ڪابه لوڙ ۽ جت پت ڪانه هئي ته ايندڙ وقت ۾ سندس ڪهڙي جاءِ ۽ مسند هوندي.

ڀٽائي هڪ نهايت غير معمولي ذهين، سجاڳ سچيت ۽ ڏاهو هو. سندس سوچ هڪ وقت ۽ هڪ دور تائين محدود نه هئي.

اسان کي اها به خبر پوي ٿي ته هو پنهنجي دور جي جهڙن تهڙن واقعن تي جذباتي به نه رهيو آهي. البته اتي ضرور اظهار ڪيو آهي جتي ڀوءِ ۽ ٻوليءَ کي ڪٿي خطرو محسوس ٿيو اٿس. جيئن فارسي ٻوليءَ جو سنڌي ٻوليءَ کي دسڻ يا ڀونءِ وارن سان بيواجبيون. هونئن نه ته ڀٽائيءَ جي سوچ ماڻهوءَ کي ماڻهو بنائڻ وارن ڳڻن تي بيٺل ۽ ٻڌل هئي.

لطيف، پنهنجي ڀونءِ تي پنهنجي ڀونءِ وارن لاءِ هڪ اهڙي پيڙهه وڌي آهي جنهن تي جڏهن به تعمير ٿيندي اها محفوظ، مضبوط ۽ ماڻهپي واري هوندي.

اڄ اسين جنهن دور مان گذري رهيا آهيون اهو دور لاشڪ ته ”لطيف شناسيءَ“ جو دور آهي.

سچ ته اسين ڀاڳن ڀريا آهيون جو اسان جو دور جي هر پيڙهي ڀٽائيءَ جي عاشق آهي، شيدائي آهي.

اسان وٽ لطيف شناس ۽ سڃاڻپ لاءِ ٽن  صدين ۾ رڳو ٻن ٽن ڏيهين ۽ ٻن ٽن پرڏيهين جي ٻن ٽن اڌورن اڌورن ڪتابن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي پهتو. انهن جي آڌار تي ڀٽائيءَ کي ڪيترو سمجهي سگهبو اهو شعور، هر باشعور ماڻهو رکي سگهي ٿو.

تنهن هوندي به ڪنهن فڪر ۽ مايوسيءَ جي ضرورت ڪانهي. اسين ڀٽائيءَ کي بنا ڪنهن ٿنڀ ۽ ٿوڻي جي به سمجهي سگهون ٿا ڇو جو اسان وٽ ”شاهه جو رسالو“ موجود آهي. اهو ئي سب ڪجهه آهي. استاد به ته سونهون به، شرط اهو ته کيس دليان وچان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون. ”ڀونءِ“ جي حوالي سان ڀٽائي سراپا پيار آهي. هو پنهنجي ڀونءِ جي ساهوارن سان گڏ بيساهن کي به ساريندڙ ۽ سنڀاليندڙ آهي.

ڀٽائي پنهنجي ڀونءِ جي ذري ذري جو ذڪر ۽ اونو رکي ٿو. هو جي سڄي عالم لاءِ دعاڳو آهي ته اهو به ان لاءِ جو پنهنجي ڀونءِ سان جڙيل آهي. ڳنڍيل آهي.

ڀٽائيءَ جي بونءِ ڀٽائيءَ لاءِ هڪ محبوب جو درجو رکي ٿي. جنهن لاءِ سندس اندر مان رنگن، روشنين ۽ سرهاڻين جا سمنڊ ڦٿڙاٽ ڏيئي جاڳي اٿي بيهي ٿا.

ڀٽائيءَ جي ڀونءِ، جنهن جو نالو ”سنڌ“ آهي اها سنڌ سندس اندر جي گهراين ۾ پيار جو بيڪران بحر بنجي ڇوليون هڻي ٿي. هڪ هڪ ڇوليءَ جي طاقت ۽ انداز اهڙو انوکو ۽ نرالو آهي جنهن جو شڪار ڪرڻ قدرت کان ٻاهر آهي.

سنڌ سان پيار جو اهو بيتاب جذبو کيس ڄڻ مغرور بڻائي ڇڏي ٿو.

سر ڪلياڻ ۾ آهي.

جان وڍيو تان ويهه، نه ته وٺيو واٽ ونءَ تون

هي تنين جو ڏيهه، ڪاتي جن جي هٿ ۾

يعني، جي وڍيل آهين ته اچي اسان سان ويهه، پوءِ اهو جسماني، روحاني يا جذباتي طور هجين پر وڍيل ضرور هجين! ڇو جو سچي ۽ ثابتي، بنا ڪنهن جذبي جي اچڻ واري لاءِ ڪو هنڌ ڪونهي. جيڪو به هتي ايندو اهو وڍجي ويندو ڇو جو هي انهن جو ڏيهه آهي جن جي هٿ ۾ ڪاتي آهي، جيڪي پاڻ به وڍيل آهن ٻين کي به وڍي وجهندا.

ڀٽائي، پنهنجي ڀونءِ کي اهو اعزاز ڏيئي ٿو ته، ”سنڌ“ اهڙي ڌرتي آهي جتي جرئت، بهادري ۽ قربانيءَ جو دستور آهي، جتي ڪنهن به بي حس ۽ داس (بيغرت) لاءِ ڪابه جاءِ ناهي ۽ اهو واٽ وٺي گم ٿي وڃي. معنيٰ اهو برداشت نه ڪيو ويندو.

سر يمن ڪلياڻ ۾ پنهنجي ڀونءِ ڀاتين کي جهڙي طريقي سان مخاطب ٿيو آهي اهو ايڏو حيرت ڀريو آهي جو ان کي رڳو ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿو اظهاري نٿو سگهجي! اظهار لاءِ اهي سڀ جذبا هيڪاندا هئڻ گهرجن جيڪي لطيف وٽ هئا. يعني تنبيهه، ٽوڪ دڙڪن، نصيحت ۽ سمجهاڻي!

ڌوڌا تون نه ڌنئين، اڳ اوڏو نه وڃين

الا جي عشق جا، سي تان تون نه سهين

اڀو ايئن چئين، ته آئون آڳڙيو آهيان؟

ڀٽائيءَ کي پنهنجي ڀونءِ سان شديد چاهه آهي جنهنڪري هو چاهي ٿو ته سندس ڀونءِ ڀاتين ۾ ڪا به ڪمي، ڪاڻ ۽ گهٽتائي نه هجي، هو چاهي ٿو ته جهڙي سندس ڀونءَ عليشان آهي. اهڙائي سندس ڀونءَءِ ڀاتي به شاندار هجن.

لطيف پنهنجن ڏيهين جون ڪمزوريون ۽ ڪاڻيون ارادتن نظرانداز ڪري کين هر روپ ۾ ڪامياب ۽ ڀرپور ڏسڻ چاهي ٿو ۽ سندس ٿوري ۽ ذري سٺائيءَ تي به کين واکاڻي سندس حوصلو وڌائي ٿو.

سر کنڀات ۾ آهي،

اٺ نه وڃي وڳ سين، چري نه لاڻو

مي کي مجاز جو ٿو هي ۾ ٿاڻو،

ڀٽاري ڀاڻو، مرندي سين نه مٽيو.

ڀٽائي جيئن پاڻ ڀونءَ سان ڪميٽڊ آهي تيئن ئي چاهي ٿو ته سندس ڀونءَ ڀاتين جي ساڳئي طرح ڀونءِ سان ڪمنٽمينٽ هجي. اٺ جي روپ ۾ هڪ ڪميٽڊ عاشق جو ذڪر ڪرڻ ۽ ’ڀاڻو نه مٽائڻ‘ واري عمل جي تعريف ڪرڻ ۽ سندس ثابت قدميءَ تي خوش ٿي واکاڻڻ هڪ عجيب اسرار وانگر آهي.

سر سريراڳ ۾ پنهنجي هموطنن جي هڪ ٻي جي سار لهڻ ۽ ساٿ نڀائڻ واري ريت جو بيان پڙهي ڪپاٽ کليو ٿا وڃن ته، ڀٽائي، ڀونءِ جي حوالي سان ڪيڏو ڪانشس ۽ خبردار آهي. جو ڪوبه ڳڻ وٽانس ڳجهو نٿو رهي. هي بيت آهي.

مين مٿي سمرا، کهين سڏ ڪرين

ساٿ نڀايو نين، ايءَ پر سندي سڄڻين.

سر سامونڊيءَ ۾ ڀونءِ ڀاتين جي ڀونءِءَ کان جدائي کيس ڏنگي ٿي. ڀلي هو ڪنهن ڌنڌي ۽ نفعي لاءِ اسهيا هجن تڏهن به انهن جو ديس کان دور رهڻ کيس ورچائي ڇڏي ٿو ۽ سندس اندر آلاپڻ لڳي ٿو.

تن جن جي تانگ، سي سڄڻ سفر هليا

لئج لات لطيف چئي، ڪڏهن ايندم ڪانگ؟

ڪنهن سٽاڻي سانگ، پرين پرڏيهي ڪيا.

پوءِ ڄڻ ته کين ورڻ لاءِ ايلاز ٿو ڪري.

سرلو هيڙا ڳڀيا، ڪسر نسريا

تو ڪيئن وسريا، ڍولا ڏينهن اچڻ جا؟

پرديس ۾ رهڻ کان ديس ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيئي ٿو. پنهنجي ڌرتيءَ ۾ جڏهن موافق حالتون ۽ سازگار ماحول آهي ۽ وري موسم به اهڙي سهائي جو سر ۽ لوهيڙا به ڳڀجي ويا آهن. جڏهن اهڙا ڪسرا ۽ سخت جان وڻ ۽ ٻوٽا به نسريا آهن ته پوءِ ڏيهين جو پرڏيهه ۾ رهڻ جو ڪو جواز نٿو رهي، کين موٽڻ گهرجي. وطن کي وسارڻ نه گهرجي.

سر سوهڻيءَ ۾ آهي ته:

ليا ڏٺم لار، سانڀاران ساهڙ جا،

هنيون هت نه وندري، ڌراڙ نئون ڌار

منهنجو من ميهار، پڳهيو پاڻ ڳري.

ڀٽائيءَ پنهنجي ڀونءِ ۾ پلجندڙ پيار جو محافظ آهي. هو وفادار آهي کيس وفا وڻي ٿي. بيوفا جي خلاف اٿڻ سندس سرشت ۾ شامل آهي. سوهڻيءَ جي وفا، ثابت قدم، بهادري جتي کيس موهي ٿي اتي سوهڻيءَ سان ٿيندڙ ظلم ۽ بيواجبي کيس تڪليف ڏي ٿي.

ڀٽائيءَ پنهنجي ڀونءَ تي ٿيندڙ انياءَ کي پنهنجي امر ڪلام جي لفظ لفظ ۾ ننديو ۽ بيعزت ڪيو آهي.

سوهڻيءَ جي سورهيائي ۽ سچائي لطيف اڳيان مان ماڻيندڙ آهي ۽ هو کيس محفوط ڏسڻ چاهي ٿو بلڪ کيس خبردار ڪري سمجهائي ٿو.

جتي ڀير ڀرن، ڀريون پون ڀنوارنئون

نانگ نه لڌي تاريئين، مپ نه ماٽيئڙن

تون ڪيئن تن تڙن، اچيو اساري گهڙين”

سر سارنگ ته سڄو ئي ڀونءَ جي سک ۽ خوشحاليءَ کي ارپيل آهي.

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي

پاڻي پوڄ پٽن تي، ارزان ان ڪريج

وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿيئي.

”وس“ جي مند هونئن به ڀونءَ لاءِ ڀلاري آهي ڀٽائيءَ به خوش ٿي ڄڻ سارنگ کي ”کيڏائي“ ۽ چاھ ڏيئي ٿو.

ڀري ڀت تي آئيو، سارنگ سهج منجهان

کڙيون کٽڻهار جيئن، وڄون اتر واءَ،

سرها سبزا ٿيا، ڊامڻ ڊٻ ڪياءَ

پهري پٽنئاءَ، ڀريائين ڪن ڪراڙ جا.

سسئيءَ جا پنج سر آهن ۽ پنجئي سر ڄڻ ته سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهي بنايل آهي.

جيئن چوندا آهن ته سنڌي هڪ شهر کان ٻي شهر ۾ وڃڻ کي به ”پرديس“ چوندا آهن. تيئن ئي ڀٽائي پڻ بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي ڀونءَ کان پري رهڻ کي پسند نٿو ڪري.

پرڏيهي سندس اڳيان ايتري ئي اهميت ۽ وقعت رکن ٿا ته اهي پرڏيهي آهن. انهن کي کارائي پياري ڏيئي وٺي رخصت ڪجي ۽ بس....

سسئي، ڀٽائيءَ جي ديسياڻي آهي جنهن جو کيس احساس به آهي. وڏي جدوجهد ۽ ڪشالن کان پوءِ به جڏهن سسئيءَ کي ”جيئري جت“ نٿو ملکي تڏهن به ڀٽائي کيس ناڪام ۽ نامراد نٿو ڪوٺي.

پنهون ٿيس پاڻ، ويو سسئيءَ جو شرم

هيڪليون هلن جي ڀڄي تن ڀرم

جو وندر ۾ ورم، سو سودو سريس هتهين

سر معذوريءَ ۾ سسئيءَ کي سرخ رو ڏيکاري پنهنجي ڀونءِ (سنڌ) جو اصل نالو وٺي ٿو.

سڌر سين سڱ ڪري، پرکندين پياس

ڪير برهمڻ ڪن جي، ڪير ڄاڻي ڪيڻاس

هوند ته سنڌ سياس، هن پرئين ڪيس پڌري.

ڀٽائي سسئيءَ جي سنگان، پنهونءَ کي به ڏاڍو چاهي ٿو ۽ سندس وفاداري ڳائي ٿو، ”ور ۾ ڪونهي ور....“

پنهونءَ سان پيار ڪرڻ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته ڀٽائي ”پرين“ ۽ ”محبوب“ جي جاءِ تي هنڌ هنڌ پنهون، هون ٻروچ آرياڻي ۽ ڪوهيار...“ وغيره استعمال ڪري ٿو، تنهن هوندي به هو پنهون کي ”پرڏيهي“ ۽ سسئيءَ کي ”ڏيهي“ سمجهي ساڻس ٿيل زيادتين ۽ بيواجبين تي همدردي ڪندي کيس پنهنجائپ مان سمجهائي ٿو. سر ديسيءَ ۾ آهي:

ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين.

ڀونءِ ڀٽائيءَ جي روح ۽ رت ۾ رچيل ۽ روان آهي. ايتري قدر جو ڀونءَ کان پري رهڻ سندس لاءِ بيحد ڏکيو آهي. هنڌ هنڌ تي اهو ئي درس ڏنو اٿس ته بنا جواز جي ڏيهه کان ٻاهر نه وڃجي. پرڏيهه ۾ رهڻ ڀٽائيءَ جي مزاج ۾ ڪونهي. جي ڪنهن مجبوريءَ تحت پرڏيهه ۾ رهجي ته به ڏيهه کي سارجي سڀالجي ۽ پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب کي نه وسارجي.

سرڪاموڏ ۾ نوريءَ جي اها ئي نوڙت وڻيس ٿي ته نوريءَ پنهنجي مهاڻڪي ريت نه ڇڏي آهي. نه رڳو ڇڏي آهي پر ان ککي ۽ ڌپائين رهڪ تي شرمندي به ناهي.

گند جن جي گوڏ ۾، مٿن تي موڙيون،

اچن سنڀوڙيون، سمي جي سلام تي.

ڀٽائيءَ کي نوريءَ جي اها نمد ٿي وڻي، جيڪا کيس ڀونءِ مان ملي آهي.

پاٻوڙو پيش ڪيو، نئون نوريءَ نيئي

حاضر هيون هڪيون، سميون سڀيئي

نوازي نيئي، گاڏيءَ چاڙهي گندري.

پاٻوڙو، مهاڻن، لاءِ اهم آهي روٿ آهي. نوريءَ اها ئي مهاڻڪي وٿ ۽ سوکڙي بادشاهه کي پيس ڪئي. ڇو جو نوريءَ کي پنهنجي مهاڻڪي رهڪ بابت ڪو به ڪامپليڪس ۽ احساس ڪمتري نه هئي، هن نڪو بادشاهه کي گلاب ڏنو نه ئي ڪا وسان ٻاهر اوچي چيز ڏني هن اها ئي شيءِ ڏني جيڪا وٽن هئي ۽ جيڪا وٽن اهم ۽ مانائتي هئي.

اهڙيءَ طرح پنهنجي ڀونءِ وارن کي ڪنهن به احساس ڪمتري ۾ نه رهڻ جي خواهش جو اظهار آهي سر ڪاموڏ. سر ڪارايل ۾ پنهنجن اهڙن ماڻهن تي ڪاوڙ ڪري ٿو جيڪي پنهنجي غلط قدمن جي ڪري پنهنجي ڏيهه جي اهڙي صورت بنائين ٿا جتي ڪوبه پرڏيهه اچڻ ۽ رهڻ لاءِ راضي نٿو ٿيئي.

سرهو سر وڃائيو، ڪوڙن ڪانيرن

اتان روح وڃن. ڪنهن هيڻائيءَ کان هنجڙا.

پنهنجي ڀونءِ سان پيار ڪرڻ وارو ماڻهو ٻي جي ڀونءِ جو به احترام ڪندو آهي ڇو جو هو پنهنجي ڀونءِ  جي هڪ هڪ جذبي کان واقف هوندو هو.

ڀٽائيءَ جي مهربان ڀونءِ جا ڀاتي پڻ ساڳيو ئي جذبو پنهنجي ڀونءِ لاءِ رکن جيڪو ڀٽائيءَ کي پنهنجي محبوب سنڌ سان آهي.

سائين سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

(سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ۾ پڙهيو ويو)