اڄ جي دنيا ۾ شاهه لطيف جي رهبري

ڊاڪٽر سليمان شيخ

حضرت شاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو 264هيه عرس جي موقعي تي صوفي فقير ڪلام پڙهي رهيا آهن

اڄ جي دنيا ۾ انسان لاءِ ڪئين للڪارون پيدا ٿيون آهن. 11 سيپٽمبر 2001ع کان دنيا جو سڪون ۽ امن تباهه ٿي ويو آهي اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ انهن حالتن جو وڏو اثر ٿيو آهي. ان سڄي صورتحال لاءِ اڻ سڌيءَ ريت پاڪستان کي انهن حالتن جو ذميوار ڄاڻائي ڏاڍن مڙسن هن ملڪ مٿان پنهنجي مرضيءَ جي بادشاهي مڙهي ڇڏي جنهن جا نتيجا سال 2007ع ۾ نمايان طور نظر آيا انهن نتيجن لاءِ پاڪستان جي ماڻهن عام طور ۽ سنڌ جي ماڻهن خاص طور ڀوڳيو آهي. 27 ڊسمبر 2007ع عالمي تاريخ جو نڀاڳو ڏينهن هو جڏهين عالمي امن لاءِ پتوڙيندڙ آخري آواز هميشه لاءِ ماٺ ٿي ويو عالم ۾ اونداهي ڇانئي.

سنڌ جا ماڻهو صدين جي غلاميءَ جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ کڻي به ان اتساهه تي جيئرا آهن ته هر اونداهي رات کانپوءِ ڏينهن ٿيندو سنڌي ماڻهوءَ لطيف کي پنهنجي ساڃاهه جو سوجهرو ڄاتو آهي ۽ هميشه ان جي صلاح تي جيئڻ لاءِ وري آس ڏيکاري آهي.

ماندي ٿي نه مارئي الله ڀي آهي،

ورهين سندا ڏکڙا ٿو لحظي ۾ لاهي.

18 فيبروري سنڌ جي ماڻهن کي انهن ڏکن جي ڏور ٿيڻ جو لحظو نظر آيو هنن وڏي همٿ ۽ بهادريءَ سان شهيد راڻيءَ جي رت کي مان ڏئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ۽ اعلان ڪيو.

تپي ڪندين ڪوهه ڏونگر ڏکوين کي،

تون جي پهڻ پٻ جا ته لڱ منهنجا لوهه.

هنن جي لڱن تي ڏنڊا وٺا، بندوقون تاڻيون ويون، ڳڀرو شهيد ٿيا عورتن ۽ جهونن کي ٿر کان وٺي سامونڊي ڪناري تائين لتاڙيو ويو پر هنن ڪمزور ۽ هيڻن جي همٿن بادشاهن جا تخت لوڏي ڇڏيا.

متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين،

تو جا ڀانئي اڇ تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهڙا.

هن وقت جڏهين عام راءِ اچي وئي آهي ته ساڳئي وقت لطيف سائينءَ جي سالياني عرس جو وقت به اچي پهتو آهي 22 فيبروريءَ کان عرس شروع آهي. هي ڏڻ سنڌين جو قومي ڏينهن آهي. لطيف اسان کي سڃاڻپ لائق بنايو آهي لطيف سائين جي پيغام سنڌي ماڻهوءَ کي اونداهين راتين ۾ ستارن وانگرن روشن راهه ڏسي آهي.

سنڌي ماڻهوءَ لاءِ اڄ جيترو لطيف جو پيغام ضروري ۽ اتساهه بخشيندڙ اهي اوترو شايد تاريخ ۾ ڪڏهين به نه ٿيو آهي، شاهه سائين رهنمائيءَ لاءِ اصول جوڙيا آهن. اڄ محترمه جي رت جي طفيل الله سائينءَ جن کي رهنمائيءَ جو موقعو عطا ڪيو آهي انهن کي لطيف سائين دڳ ڏيکاريو آهي.

هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ ايءَ مانجهاين مَرڪ،

وجهن ڪونه فرق رڪ وهنديءَ راند ۾.

مهندار لاءِ پنهنجي ساٿ جي نگهباني ڪرڻ ۽ انهن کي پاڻ سان وٺي هلڻ جي تلقين ٿو ڪري ته ٻئي طرف ساٿ کي به حڪم ٿو ڪري ته:

ڇڄ مَ قطاران ساٿ چڙهندو لڪئين،

پنهنجو اتحاد، پنهنجي قطار ڇنڻي ڪانهي. پاڻ ۾ پکين وانگر ولر ڪري اڏامڻ جي سگهه پيدا ڪرڻي آهي.

وڳر ڪريو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن ماڻهئان ميٺ گهڻو.

ائين چئجي ته ٻڌي، اتحاد، تنظيم اسان جي هن للڪاريندڙ سفر لاءِ پهريون اصول آهي:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل وهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه پير نه لهين پرين جو.

جُهد – اُدم – محنت اسان لاءِ اهڙيون وٿون آهن جن وسيلي اسان منزلون ماڻي سگهون ٿا. سنڌي ماڻهن لاءِ محنت ۽ مسلسل محنت هڪ اهڙي چاڙهي آهي جيڪا اسان کي مٿي پهچائي سگهي ٿي. سست ننڊن ڪندڙ ۽ ويسلا ماڻهو  منزل تي رسڻ جون سڌون نٿا ڪري سگهن.

مون سين هلي سا جا جيءُ مٺو نه ڪري.

سڀ سک ۽ عياشون ڇڏي منزل طرف وڌڻ جو عزم ڪرڻو آهي.

اسان جي معاشري کي نفاق ۽ سستيءَ اڏوهيءَ وانگر کائي پورو ڪري ڇڏيو آهي. انساني تاريخ ۾ قومن تي وڏيون آزمائشون اينديون آهن ۽ انهن آزمائشن مان پار پوڻ کانپوءِ ئي قومون منزل ماڻينديون آهن  اسان کي باهمي جهيڙن ۽ نفاق مان ٻاهر نڪرڻو پوندو اسان کي ڪيني ۽ حسد کي وساري پنهنجي قومي ڏکن کي پنهنجي طاقت بڻائي اڳتي وڌڻو آهي. نفرت هڪ اهڙي وٿ آهي جيڪا انسان کي پٺتي ڌڪيندي آهي اسان کي اڳتي وڌڻ لاءِ ادم ڪرڻ گهرجي.

اسان وٽ تمام ٿورو وقت بچيو آهي ان وقت جو اسان چڱيءَ رٿابنديءَ سان استعمال ڪريون ته شايد اسان جا ڏينهن بدلجي پون.

هتان کڻي هت جن رکيو سي رسيون

ساجن سونهن سرت وکان ئي ويجهو ٿيو.

جهانن جو مالڪ هر ڏکويل ۽ هيسايل جو مددگار ٿيندو آهي پر شرط اهو آهي ته واسطيدار کي پنهنجي سرگرمي ڏيکارڻي پوندي آهي.

سنڌ آڏو سوين مسئلا، للڪارون، سازشون ۽ سٽائون سيسارن وانگر رستو روڪيو بيٺيون آهن پر ان جي لاءِ اسان کي:

تانگهي ۾ ٽاڻي ٻڌ پنهنجو ترهو

اونهي ۾ آڻي ڪونه ڏيندءِ ڪو ٻيو.

اسان کي پاڻ تي ڀاڙڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي. لطيف اڄ جي دور جو اسان سنڌين لاءِ سگهارو رهبر آهي اسان کي لطيف کي غور سان پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان جي ڏسيل راهه تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.