Sunday, November 8th 2009 - Zu'l-Qad 19th 1430 H

 آچر 8  نومبر 2009ع  - 19 ذوالقعد 1430 هه

 

جمهوريت پٽڙي تان لهڻ واري آهي؟

وارث رضا

اڳوڻي فوجي آمر پرويز مشرف جي تخليق اين آر او تڪراري بڻجڻ کانپو پهنجي پڃاڻي تي پهچڻ بعد پاڪستان ۾ جاري سياسي هلچل جي باري ۾ عوام جي ذهنن ۾ خدشا ڇڏي وري انجيڪشن وارو ڪم ڪري ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه تجزين جي روشني ۾ پ پ جي حڪومت جو وري امتحان شروع ٿي ويو آهي جيڪو اصل سياسي امتحان ٿيندو. ٻئي پاسي پ پ جي سموري قيادت کي اهو به طئي ڪرڻو آهي ته هو اڳتي جي حڪومت لاءِ ڪهڙيون پاليسيون ٺاهيندي. ”عوامي آواز“ جي 18 آڪٽوبر واري ايڊيشن ۾ اها ڳالهه پڌري ڪئي وئي هئي ته ”اين آر او“ جو ”جن“ سياسي هلچل ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڇيو ويو هو ته ڪيري لوگربل جي حوالي سان پ پ حڪومت کان پوءِ ”اين آر او“ وارو Issue اٿاريو ويندو ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته پ پ جي حڪومت کي ڪمزور ڪيو وڃي.

”عوامي آواز“ جي انهيءَ تجزئي ۾ حڪومت کي اها به راءِ ڏني وئي هئي ته هو ”اين آر او“ جي Issue تي پنهنجي اتحادين تي ڀروسو ڪرڻ بدران پنهنجي سياسي ۽ عوامي رنگ کي برقرار رکندي فيصلو ڪري، جيتوڻيڪ  سڌ سماءَ کان وٺي حڪومتي عملدارن انهن تجزين تي ڌيان ڪونه ڏنو ۽ آخري نتيجن ۾ عوامي طاقت بدران پرڏيهي طاقت تي يقين ڪندي ”اين آر او“ کي پارليامينٽ مان پاس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ پ پ کي ناڪامي ٿي ۽ آخري مرحلن تي پاڻ کي بچائيندي پ پ اين آر او تي سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو، جنهن ۾ وقتي طور سان پ پ بچي وئي آهي پر هاڻي به پ پ جي وفاقي حڪومت لاءِ خطرا موجود آهن جيڪي مسلسل خبرن ذريعي پڌرا ڪيا ٿا وڃن. اين آر او جي پس منظر کي سمجهڻ لاءِ اسان کي 18 فيبروري 2008ع جي چونڊن کان انهيءَ سڄي سياسي ماحول ۽ جمهوري اتحاد جو جائزو وٺڻو پوندو جنهن جي نتيجي ۾ سياسي فضا اڄ هڪ ڇڪتاڻ جي پوزيشن ۾ نظر ٿي اچي.

18 فيبروري جي چونڊن ۾ پ پ اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وڏو ڪردار ادا ڪيو، بينظير جي شهادت سڄي ملڪ ۾ هڪڙي اهڙي جذباتي صورتحال کي جنم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ تجزيي نگارن جي راءِ هئي ته پ پ سڄي ملڪ مان ووٽ حاصل ڪري Absolute پاور حاصل ڪرڻ واري جماعت هوندي، اهوئي سبب هو ته اڳوڻي آمر مشرف جي هدايتن تي اليڪشن ڪميشن طرفان ملڪي صورتحال جي خرابي جو بهانو ٺاهي اليڪشن جي تاريخ کي تبديل ڪري 18 فيبروري رکيو.

18 فيبروري جي اليڪشن ۾ پ پ جي قيادت جو بحران پنهنجي پارٽي کي بچائڻ لاءِ مجبور ٿي ڀٽو خاندان جي Legacy برقرار رکڻ تي مجبور ٿيو، انهيءَ جا ٻه ڪارڻ هئا، هڪڙو ته بينظير جي شهادت کي جذباتي انداز سان Cash ڪرائڻو هو ته ٻيو ڪارڻ عوام ڪي پ پ مان پنهنجي مسئلن جي حل جي اميد هئي. انهن ٻنهي سببن جي ڪري پ پ جي اعليٰ قيادت جي اها مجبوري هئي ته هو بينظير ڀٽو جي خاندان کي پ پ جي قيادت حوالي ڪري، انهيءَ ڏس ۾ آصف علي زرداري پهريون ڀيرو پاڪستان جي سياست ۾ ڪنهن اهم عهدي لاءِ چونڊيو ويو، جيتوڻيڪ آصف علي زرداري جي چونڊ ۽ قيادت سنڀالڻ تي پ پ ڪجهه تضادن جو شڪار رهي، پر جلد ئي آصف علي زرداري پنهنجي پٽ بلاول زرداري ڀٽو کي استعمال ڪندي پ پ جي قيادت جي بحران کي ڪيتري حد تائين ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

چونڊن جي نتيجي ۾ پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي طور سامهون آئي، جنهن ۾ پ پ جي اڪثريتي سيٽون سنڌ ۽ پنجاب جي سرائيڪي حصي مان حاصل ٿيون، جڏهن ته ٻين صوبن جي به انهن علائقن ۾ پ پ کي سيٽون ملي سگهيون، جتي پ پ جي جذباتي ووٽرن جي تعداد هئي. انهيءَ ۾ سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها هئي ته پ پ چارن ئي صوبن جي شهري علائقن ۾ اها ڪاميابي نه ماڻي سگهي جيڪا پ پ جي مخالفن کي نصيب ٿي.

پنجاب ۽ سنڌ جي حوالي سان شهري علائقن ۾ پ پ اها ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي جنهن جي ضرورت پ پ کي هئي، ان جي مقابلي تي پنجاب ۽ سنڌ ۾ انهن پارٽين ڪاميابي ماڻي جيڪي اڳتي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهيون هيون يا ان وقت به اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري هيون، پنجاب ۽ سنڌ جي شهرن ۾ مسلم ليگ ن ۽ متحده قومي موومينٽ اڪثريتي پارٽي طور سامهون آيون،. اهڙي ئي صورتحال اسان کي سرحد / پختونخواهه جي شهرن ۾ نظر ٿي اچي، جتي پ پ پنهنجي اها پوزيشن برقرار نه رکي سگهي، جنهن جي اميد ٿي رهي هئي.

انهيءَ ڏس ۾ بلوچستان جو صوبو به اهم آهي ته اتي پ پ شهرن ۾ پنهنجي اها ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي جنهن جي اميد پ پ جي انتظامي صلاحيت مان ٿي رهي هئي.

چونڊن جي انهيءَ نتيجي جي بنياد تي اها ڳالهه واضح ٿي چڪي هئي ته 2008 جي اليڪشن ۾ پ پ پاڪستان جي پوئتي پيل علائقن جي هڪ اهم جماعت طور اڀري سامهون آئي هئي، انهيءَ ۾ پ پ کان وڌيڪ پ پ جي نمائندن جا اثر ۽ وڏيرڪي نظام جو اثر ڏسجي ٿو، اهو جاگيردارانا نظام ئي آهي جنهن جي مضبوطي پ پ لاءِ هڪ بهتر پوزيشن جو سبب ٿي، ٻهراڙي جي سياسي شعور ۽ وڏيرن جي دٻاءُ ۾ ووٽ حاصل ڪندڙ پ پ کي انهيءَ مرحلي تي اها ڳالهه وسري وئي يا انهيءَ جو پ پ جي قيادت تجزيو نه ڪيو ته، پ پ سڄي پاڪستان جي اهم شهرن مان ڪاميابي حاصل نه ڪندڙ هڪ اهڙي جماعت هئي جنهن وٽ شهري نمائندگي نه هجڻ جي برابر هئي. ٻئي پاسي شهرن ۾ نمائندگي ڪندڙ مسلم ليگ ن ۽ متحده قومي موومينٽ هيون، جڏهن ته سرحد ۾ اي اين پي هئي. شهرن مان پ پ جي شڪست شهري قيادت ۾ هڪڙي پاسي مايوسي آندي ته ٻئي پاسي شهرن جي نمائندگي ڪندڙ پارٽين حڪومت سازي جي عمل ۾ پ پ سان عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران حڪومتي حصيداري ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ پ پ کي مجبور ٿي ڪري متحده جي خواهش تي شپنگ جي وزارت انهن جي حوالي ڪرڻي پئي، جيتوڻيڪ پ پ انهيءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ  جي ڪوشش ڪئي پر انهيءَ ۾ پ پ ڪامياب نه ٿي سگهي.

انهن چونڊن ۾ سڄي ملڪ جي شهرن مان پ پ ڪا اهڙي اهم ڪاميابي نه ماڻي سگهي جنهن تي اهو چئجي ته پ پ هاڻي به شهري اڪثريت جي نمائندا پارٽي آهي. شهرن ۾ پ پ جي اميدوارن جي شڪست جا سبب ڄاڻڻ جي به پ پ جي اعليٰ قيادت ڪڏهن ڪوشش نه ڪئي، اهوئي سبب رهيو ته پ پ جنهن 70 ۽ 77 جي اليڪشن ۾ پنجاب جي شهرن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، آهستي آهستي پنجاب جي شهرن جو ڪنٽرول وڃائي ويهي رهي ۽ انهيءَ سڄي مسئلي کي ڪڏهن به پ پ سنجيده طريقي سان نه ورتو.

شهرن جي سياست کي سمجهڻ جو عمل پ پ جي اعليٰ قيادت جو شايد انهيءَ ڪري مسئلو نه رهيو ته پ پ سدائين وڏيرڪي نظام تي ڀروسو ڪندي ٻهراڙي جي ووٽن تي زور ڏنو. اهوئي اهو خطرناڪ رجحان هو جنهن پ پ کي شهرن جي عوام سان ڪاٽيو ۽ ڪراچي سميت ملڪن جا ٻيا سمورا شهر رجعتي سياست يا اسٽيبلشمينٽ جي پسند واري جماعتن جي حوالي ٿي ويا ۽ پ پ پنهنجي اقتدار ۾ شهرن جي عوام بجاءِ ٻهراڙي جي عوام يا جاگيردارن جي ڪمين جي ووٽن کي بنياد بڻائي اهو پيغام ڏنو ته هو شهرن جي عوام جي نمائندا نه آهي.

شهرن جي سياست ۾ پ پ جي انتظامي ڪمزوري سدائين هڪ سوال رهيو آهي اها ڳالهه سمجهڻ جي ضرورت آهي ته عوام جي راءِ ٺاهڻ ۽ تحريڪن کي جنم ڏيڻ ۾ شهرن جو وڏو ڪردار ٿيندو آهي ڇو ته شهر پنهنجي وسيلن جي ڪري سماجي شعور ۽ ترقيءَ ۾ ٻهراڙي کان اڳتي هوندا آهن.

شهرن جي سياسي هلچل ۽ تحريڪن کي ختم ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ پنهنجي مرضي مطابق اسٽيبلشمينٽ جي جماعتن ٺاهڻ جو عمل ضياءَالحق جي دور کان شروع ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ نواز ۽ متحده ذريعي پ پ کي شهري سياست مان ڪڍڻ جو عمل شروع ڪيو ويو.

سياسي تاريخ پاڻ ورجائي رهي آهي

زلف پيرزادو

1977 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جون حامي پارٽيون متحد ٿيون هيون ۽ پاڪستان قومي اتحاد جوڙي ورتو هئائون. ان اتحاد ۾ پ پ مخالف مذهبي پارٽين سميت سڀ متحد هيون جڏهن ته مقابلي ۾ صرف اڪيلي پ پ هئي.

اتفاق سان ملڪ جي عوام چونڊن ۾ پي اين اي کي اهاموٽ نه ڏني جيڪا هو توقع ڪري رهيا هئا، نتيجي ۾ عوامي فيصلي خلاف پي اين اي چونڊ نتيجن کي رد ڪري چونڊيل جمهوري حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪري ڏني جنهن دوران مظاهرا ۽ هنگاما ڪيا ويا جنهن سان سرڪاري توڙي خانگي سطح تي عمارتن ۽ گاڏين کي باهيون ڏئي وڏو نقصان ڪيو ويو. اهڙي صورتحال کي محسوس ڪندي ذوالفقار علي ڀٽو پي اين اي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ملاقاتن جي نتيجي ۾ آخرڪار پي اين اي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ۾ اڪثر معاملن تي ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ رات جو دير سان اهڙو اعلان به ڪيو ويو پر باضابطه ٺاهه جو مسودو صبح جو تيار ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، اهڙي طرح ڳالهين وااري ان عمل بابت سگهارن ادارن کي به بريفنگ ملندي رهي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر غفور احمد جو چوڻ آهي ته بيگم نسيم ولي خان ۽ اصغر خان سگهارن ادارن کي پل پل جي رپورٽ ڏيند اهئا. جن ضرور انهن کي ڳالهين جي ڪاميابيءَ واري رپورٽ به حسب معمول ڏني هوندي. پر صبح جو ڳالهين وارو مسودو تيار ٿيڻ کان اڳ ئي باک ڦٽيءَ محل ضياءُ الحق جي اڳواڻيءَ ۾ اقتدار تي قبضو ٿي ويو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو قيدي بڻجي ويو. احمد رضا قصوري من گهڙت قتل ڪيس ۾ اعليٰ عدالت جي فل بينچ جي اڪثريت ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي ڇڏي اهڙي طرح هن ننڍي کنڊ جي انتهائي ڏاهي ۽ ذهين سياستدان کي 4 اپريل 1979ع تي ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو پر اقتدار تي اهڙي غير جمهوري قبضي خلاف پي اين اي اتحاد ڪا به تحريڪ نه هلائي جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاريءَ کان 12 ڪلاڪ اڳ تائين وڏي شدت سان هلي رهي هئي. شايد پي اين اي اڳواڻن جو مقصد حل ٿي ويو ان ڪري نه مسئلا حل ٿيا نه ذوالفقار علي ڀٽو رهيو نه ئي تحريڪ جاري رکي وئي. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري ۽ مٿس ڪوڙو ڪيس مڙهڻ لاءِ احتجاج ڪافي وقت هلندو رهيو پر پارٽي اڳواڻن جي ڀاڙيائپ سبب اهو احتجاج ڪنهن وڏي تحريڪ ۾ تبديل نه ٿي سگهيو. عالمي برادري به سواءِ مطالبن جو ڪو سگهارو ڪردار ادا نه ڪيو اهڙي طرح هڪ طرف عالمي سطح جو مدبر سياستدان عوام کان کسجي ويو ته ٻئي طرف ضياءَ آمر 12 ورهيه ملڪ کي ڀڙڀانگ ۽ برباد ڪندو رهيو، چون ٿا ته ان چالاڪ آمر کي عالمي قوتن آخرڪار پنهنجن ٻن اهم ماڻهن جي قرباني ڏئي ماريو تڏهن وڃي ان مان عوام ۽ عالمي برادريءَ جي جان آجي ٿي. ڇاڪاڻ ته 1983 ۾ جيڪا ايم آر ڊي تحريڪ شروع ٿي جنهن جي پهرين بيگم نصرت ڀٽو ۽ پوءِ غلام مصطفيٰءِ جتوئيءَ اڳواڻي ڪئي ان ۾ فوج جو وڏو نقصان ٿيو ۽ عوامي سطح تي پڻ فوج جي ساک کي وڏو نقصان پهتو. جڏهن ته ڪيترائي جنرل پڻ ترقيءَ جو انتظار ڪندا رهيا ڪي ته رٽائرڊ به ٿي ويا پر کين چيف آف آرمي اسٽاف جي عهدي ضياءَ الحق جي موجودگيءَ سبب ترقي نه ملي سگهي. ان ڪري ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ضياءَ خلاف سوچ مضبوط ٿي وئي اهڙي طرح کيس هميشه جي لاءِ هن دنيا مان رخصت ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٽيسٽ ڪيس طور وري سول نظام بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيئن هڪ ته اهو اندزو لڳائي سگهجي ته 12 سال آمريت کان پوءِ پ پ وٽ ڪيتري عوامي سگهه بچي آهي، ٻيو ته عوام جي ڪلهن لڳاتار 12 سال آمريت جو بار کنيو ۽ هاڻي اهي ڪلها ٿڪجي پيا آهن جن کي ٿورو ساهه پٽايو وڃي. ان دوران اسٽيبلشمينٽ اقتداري ايوان جو هر طرح سان گهيرو اهڙو تنگ ڪري ڇڏي هو جو انهن جي مرضيءَ کان سواءِ ڪو به اقتدار جي ڪرسي ماڻي نه ٿي سگهيو آخرڪار بينظير ڀٽو 88ع ۾ پابند جمهوريت قبولي ورتي ڇاڪاڻ ته مسلسل 12 ورهيه مارشلا سبب هنن جو به عوام سان اهو رابطو نه رهيو هو، جڏهن ته اقتدار مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي ڪنٽرول ۾ هو ۽ عوام مسلسل 12 سال آمريت کي ڀوڳڻ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ جهيڙڻ کان پوءِ ظاهر آهي ته ٿڪل ۽ ذهني طور مايوس ٿي چڪو هو ان ڪري آزاد جمهوريت لاءِ وري ڪا ويڙهه وڙهڻ جي پوزيشن ۾ به نه هو. اهڙي صورتحال کي محسوس ڪندي محترمه بينظير ڀٽو شايد ڪنهن به طرح اسٽيبلشمينٽ کان اقتداري ڪرسي واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻي محسوس ٿئي ٿو ته اهڙي روايت نه وجهڻ گهربي هئي جنهن تي اڃا تائين جيئن جو تيئن عمل جاري آهي، پر ڇاڪاڻ ته پ پ پنهنجي اصل جوهر ۾ نظرياتي پارٽي نه آهي ان ڪري اهڙو اقتدار قبولڻ شايد محترمه بينظير ڀٽو لاءِ اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي پر اها غلط روايت اڃا تائين ڳچي ۾ پيل آهي جنهن جو شڪار خود بينظير ڀٽو به ٿي چڪي ۽ کيس جلا وطن به ٿيڻو پيو. ان کان پوءِ وري به اسٽيبلشمينٽ پنهنجي روايت قائم رکندي محترمه بينظير ڀٽو کي پابند جمهوري اقتدار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو ٺاهه اين آر او جي صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ ٿيو. شايد هن ڀيري به محترمه بينظير ڀٽو کي ڊپ هو ته مشرف جي 8 سال آمريت ماڻهن کي ٿڪائي وڌو آهي. ان ڪري عوام کي وري ڪنهن جهيڙي يا تحريڪ جهڙي امتحان ۾ نه وجهجي پر جڏهن هوءَ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي پهتي ته عوام سندس اهڙي خيال ۽ سوچ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو عوام جو انگ ۽ جذبو ڏسي اين آر او جي صورت ۾ ڪيل ٺاهه تان ڦري وئي جيڪا ڳالهه انهن عالمي ڌرين ۽ ڏيهي اسٽيبلشمينٽ کان برداشت نه ٿي جن اهو معاهدو ڪرايو هو ۽ هنن شايد ڄاڻي ورتو ته محترمه بينظير ڀٽو ته اڳ ئي ٺاهه تان ڦري وئي جيڪڏهن عوامي طاقت سان ان طرح اقتدار ۾ آئي ته اسٽيبلشمينٽ جي شايد تڏا ويڙهه ڪري ڇڏيندي ان ڪري کيس 18 آڪٽوبر تي ئي ڪارساز وٽ ڌماڪا ڪرائي سوين ڪارڪن شهيد ڪري نياپو ڏنو ويو ته ”اوهان اين آر او جي صورت ۾ ڪيل ٺاهه خلاف ڳالهائي رهيا آهيو.“ پر محترمه بينظير ڀٽو به ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڌيءَ هجڻ سان گڏ سياسي شاگردياڻي هئي سو آخر ڪار عوام جي طاقت تي ڀاڙي اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ جو فيصلو ڪري ورتائين اهڙي طرح اقتدار جي اصل واڳ ڌڻين ٻي راهه نه ڏسي 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ کيس شهيد ڪرائي هميشه لاءِ جان ڇڏائي ورتي اسٽيبلشمينٽ سمجهي ورتو ته جيڪو ٿيو سو خوب پر ڀٽو خاندان ۽ پ پ مان جان ڇٽي ۽ هنن بينظير ڀٽو جي شهادت سبب پيدا ٿيل صورتحال کي وقتي طور ماٺو ڪرڻ لاءِ 18 فيبروري 2008 تي عام چونڊون ڪرائي پ پ کي ڪنهن حد تائين اڪثريت سان کٽرائي قيادت کي پابند بڻائي اقتدار حوالي ڪيو اهڙي طرح پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جو وارو آيو. ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري هڪ عالمي سطح جي اڳواڻ جو همسفر رهيو، ڪي ورهيه ويجهي صحبت رهي ۽ ان دوران جيل به ڪاٽيائين سو سياست جا داءَ پيچ هن به هڪ حد تائين سکي ورتا ۽ اسٽيبلشمينٽ کان ڪنهن طرح اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ان ڏينهن شايد اسٽيبلشمينٽ کي اهو احساس ٿيو هجي ته هنن غلط فيصلو ڪيو جنهن ڏينهن آصف علي زرداري مشرف کي نياپو ڪيو ته ايوان صدر توڙي آرمي هائوس خالي ڪري وردي لاهي ڇڏي.

ان ڏينهن کان اسٽيبلشمينٽ سازشون شروع ڪري ڇڏيون ۽ اشاري تي نچندڙ پنهنجي حامين کي گهنگهرو ٻڌي پنين کي تيل هڻي تيار رهڻ لاءِ ريهرسل ڪرائڻ شروع ڪئي. هن ڀيري سياسي تبديلين ۾ جتي سياسي ڌرين ڪردار ادا ڪيو اتي اسٽيبلشمينٽ ۽ عوام محسوس ڪري ورتو ته سياسي ڌرين کان وڌيڪ سگهارو ڪردار ميڊيا ادا ڪيو ڇو ته ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ميڊيا وڌيڪ مضبوط ۽ ڪنهن حد تائين آزاد آهي. ان ڪري اسٽيبلشمينٽ هاڻي سياسي ناچن جي ريهرسل لائيو ڏيکارڻ جو انتظام ڪري ورتو آهي. ان لاءِ محسوس ٿئي ٿو ته ميڊيا جي اهم ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن جيڪي نه صرف سول حڪومت خلاف دهل تي ٿيندڙ سياسي ناچ لائيو ڏيکاري رهيا آهن پر ان سان گڏ پنهنجي به فن جو ڀرپور مظاهرو ڪري رهيا آهن. ڪيري لوگر بل جو وڏو چرچو ٿيو، ميڊيا پنهنجو خوب وارو وڄايو پر خبر ناهي ته ڪهڙي مصلحت تحت اوچتو خامُشي ٿي وئي ۽ وري اين آر او تي ناچ شروع ٿي ويو.

اهڙي طرح پ پ کي هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلو ڪري آءِ جي آءِ يا پي اين اي جهڙو اتحاد جوڙڻ جو اسڪرپٽ تيار ڪيو ويو آهي. جنهن تي تازو ڀرپور ريهرسل به ڪئي وئي. هڪڙن کي استعفيٰ جا ۽ ٻين کي عدليا بحاليءَ جهڙي لانگ مارچ ڪرڻ جا مشورا ڏنا ويا.

ٽي وي اينڪرن ته اهو به چيو ته هنن جيڪا ڪالهه ڳالهه چئي هئي اها سچ ثابت ٿي ان ڪري هو جيڪا اڄ ڳالهه ڪري رهيا آهن اها به سڀاڻي سچ ثابت ٿيندي ان ڪري پ پ قيادت کي وقتائتو فيصلو ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ جو ڪو نئون پي اين اي تحريڪ شورع ڪري ۽ پوءِ حڪمرانن کي رسوائيءَ جو منهن ڏسي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوي. اهڙي طرح انهن سياسي ڌرين جي واکاڻ شروع ڪئي وئي آهي جيڪي هميشه اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا تي ڪم ڪنديون رهيون. تبديلي ڇو ضروري آهي؟ ڪهڙي قسم جي تبديلي ماڻهن کي گهرجي؟ ان جي ڪا به وضاحت نه آهي. صرف هڪ شخص تنقيد جو نشانو آهي. جيڪو اهڙي پارٽيءَ جو اڳواڻ آهي جنهن جون پاڙون اڃا تائين عوام ۾ کتل آهن. ان جا ڪڏهن وزيراعظم سان ته ڪڏهن فوج سان اختلاف ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مقصد ته اهڙين ڪوششن جو بظاهر سول نظام جي تڏا ويڙهه نظر اچي رهيو آهي. ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ هڪڙن کي وچ مدي وارين چونڊن جو ٻين کي قومي حڪومت جو آسرو ڏئي ميدان ۾ لاهي رهي آهي، جنهن ۾ اڃا تائين ان کي وڏي ڪاميابي ٿيندي نظر نه ٿي اچي ڇو ته مسلم ليگ (ن) ٿيڙ کائي وري ماضيءَ جي تلخ تجربن کي ياد ڪري ڌڪ سنڀالي وڃي ٿي ۽ نواز شريف چئي ٿو ته غير جمهوري طريقي سان تبديليءَ واري سازش جو حصو نه بڻبو، خدا ڪري ته ان موقف تي ايندڙ 4 مهينا کن ڄمي بيهي! ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ڪو نئون پي اين اي ٺهيو ته ان جي سرواڻ پارٽي ن ليگ هوندي ۽ اهڙي ڪنهن تحريڪ جي نتيجي ۾ ضياءُ الحق جهڙو آمر اچي ويندو ۽ پوءِ وري ان مان جان ڇڏائڻ لاءِ شايد 12 ورهيه گهربل هوندا. ان ڪري سياسي ڌرين توڙي ميڊيا جو فرض بڻجي ٿو ته ملڪ ۽ عوام تي رحم ڪن. ”بهترين آمريت کان بدترين جمهوريت“ جي فلسفي تي عمل ڪندي سياسي تنقيد ڪئي وڃي. اصولي اختلاف ڪيا وڃن پر ڪنهن آمر لاءِ رستا صاف نه ڪيا وڃن.

ايوان صدر ۽ اگھارن ادارن ۾ ويڇا وڌي ويا، ن ليگ ڀرپور فائدو وٺڻ لاءِ سرگرم

امداد علي سوڍر

صدر زرداري ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ ويڇا برقرار، نواز ليگ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ پراميد آهي، اهم ذريعن مطابق صدر آصف علي زرداري ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ اختلاف ان وقت وڌي ويا، جڏهن صدر زرداري جي هڪ ميڊيا مئنيجر کي خفيا پيغام ڏنو ويو ته وزارت دفاع کي جنرل ڪياني جي نوڪري ۾ ٻن سالن جي اضافي جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن جي جواب ۾ صدر زرداري موقف پيش ڪيو ته جنرل ڪياني جي نوڪري ۾ پورو هڪ سال پيو آهي هو 11 نومبر 2010ع ۾ رٽائر ٿيندو ان ڪري آئيني طور ٽن مهينن جي اندر وڌاءُ ڪرڻ ممڪن آهي ان کان پهريان احڪامات جاري نٿا ڪري سگهجن. صدر زرداري جي ان جواب کانپوءِ جي ايڇ ڪيو ۽ ايوان صدر ۾ فاصلا وڌيا. ذريعن مطابق ان کان پوءِ ٻيهر جي ايڇ ڪيو مان صدر زرداري ڏانهن پيغام آيو ته ايندڙ ٽن چئن مهينن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل شجاع پاشا رٽائر ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري پهريان ان کي واڌ ڏني وڃي، جنهن تي به صدر آصف علي زرداري جي ايڇ ڪيو کي ڪو خاطر خواهه جواب ڪو نه ڏنو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ادارن جي وچ ۾ نفرتون وڌيون. ذريعن موجب انهن ٻنهي ادارن جي اختلافن جو نواز ليگ ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نواز ليگ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ مڊٽرم اليڪشن ڪرائي وڃي يا ان ئي اسيمبلي مان قومي حڪومت وجود ۾ آندي وڃي، جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻن کي به شامل ڪيو وڃي. ذريعن موجب ان حوالي سان سنڌ جي ڪافي اڳواڻن ۽ قوم پرست رهنمائن کي به اعتماد ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. حڪومت جي خاتمي يا تبديلي کان پوءِ سنڌ ۾ ڪا مخالفت نه ٿئي. ذريعن موجب نواز ليگ ٻيهر آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد چاهي ٿي، جيڪو 1988۾ ٺهرائي پي پي پي حڪومت جو خاتمو آندو ويو هو، جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پي پي پي کان الڳ ٿي ته 1989ع واري تاريخ ٻيهر ورجائي ويندي. نواز ليگ طرفان ٻيهر لانگ مارچ ڪرڻ جي ڌمڪين کان پوءِ ٻيهر وري سگهارو ادارو مداخلت ڪري قومي حڪومت وجود ۾ آڻي سگهي ٿو. اهم ذريعن مطابق اين آر او جي مخالفت سبب صدر آصف علي زرداري 17 هين ترميم ۽ 58 ٽو بي خاتمي واري مطالبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو ڪهڙي به صورت ۾ صدر زرداري ايندڙ چيف آف آرمي اس ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پنهنجي مرضي جا مقرر ڪرڻ چاهي ٿو، جنهنجي جي ايڇ ڪيو سميت نواز ليگ به مخالفت ڪري رهي آهي. اهم ذريعن مطابق جيڪڏهن صدر زرداري ايندڙ مارچ تائين موجوده بحران مان نڪري ويو ۽ پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪري ويو ته پوءِ ممڪن آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري وٺي. ذريعن مطابق مارچ کان پوءِ چيف آف آرمي جي تبديلي يا مقرري جو مرحلو شروع ٿيندو آهي، ان مرحلي ۾ حڪومت جي تبديلي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. تبديلي صرف مارچ کان پهريان ٿي سگهي ٿي.

فلسطيني عوام کي انهن جا حق ڪيئن ملندا؟

ليکڪ: عظميٰ بشارا

سنڌيڪار: آصف سنديلو

جيتوڻيڪ فسطيني عوام قبضي هيٺ چونڊون وڙهي رهيو آهي پر اهي پوءِ به ڪئارٽيٽ (آمريڪا، روس يورپي ينين ۽ گڏيل قومن ) کان ان مطالبي جو حق رکن ٿا ته چونڊون ڪير به کٽي ان جي نتيجي جو کين احترام ڪرڻ گهرجي.

جيڪڏهن فلسطين جو مزاحمتي ڌريون مصر پاران ڪرايل مفاهمتي معاهدي تي راضپو ڏيکارين ٿيون ته ڪئارٽيٽ کي گهرجي ته اليڪشن جيڪا ڌر به کٽي ان کي کيس عزت جي نگاهه سان ڏسي ۽ جيڪڏهن ڀلي حماس فتح حاصل ڪري ته ان نتيجي کي مڃڻ کپي. انهيءَ شرط کي اسين مصر تي عائد نه ٿا ڪري سگهون نه ئي ان ڳالهه جو اهو مقصد آهي ته آڇ معائدي تي ٻيهر بحث ڇيڙيو وڃي. پر ان معاعدي جو سادو مطلب اهو ٿو نڪري ته لاڳاپيل بين الاقوامي ڌرين کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.

 جيتوڻيڪ فلسطيني عوام قبضي هيٺ ٿيندڙ چونڊن واري سوال کي ان ڪري نظر انداز ڪري چڪو آهي ته متان آزادي واري جدوجهد ۾ گهٽتائي اچي وڃي ۽ سموري توانائي گهرو ويڙهه ۾ نه ضايع ٿئي. پر پوءِ به فلسطيني عوام جو اهو حق ته بڻجي ته هو مٿي ذڪر ڪيل شرط تي بين الاقوامي ڌرين کان پٺڀرائي حاصل ڪرڻ جو مطالبو ڪن. بحرحال فلسطين اندر ماضيءَ ۾ به بين الاقوامي ڌرين چونڊن جي نگراني ڪئي آهي ۽ نتيجن جي سزا به فلسطيني عوام کي بوڳڻي پئي آهي. پر اهم ڳالهه اها به آهي ته ايندڙ چونڊون معاشي پابنديون هيٺ ڪرايون وينديون ۽ جڏهن ته اسرائيل پاران غزا تي مڙهيل جنگ دوران ٿيل تباهي جو به ازالو نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي جنگ جو اڃان به خطرو موجود آهي.

 جيڪڏهن هي جوياري (Quartet ) مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي عمل نه ٿو ڪري ته پوءِ فلسطيني عوام کي ضرور هيٺيون پيغام ڏيڻ چاهيندو جيڪو هي آهي ”اوهان اوسلو ٽيم (Oslo team ) کي ووٽ ڏيو ۽ ان تي اعتماد ڪيو ڇاڪاڻ ته اها ٽيم اوهان جي ترجماني ڪندي ۽ جيڪڏهن اوهان اوسلو ٽيم کي ووٽ نه ٿا ڏيو ته پوءِ اوهان کي بي انتها ناڪا بندين کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪي عرب دنيا به ختم نه ٿي ڪرائي سگهي. انهي سان اوهان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو رهندو. هاڻي ٿيڻ ائين کپي ته جيڪي ناڪابنديون ڪيترن ئي سالن تائين غزا جو ڳلو دٻائينديون رهيون اهي اوهان جون رهنما بڻجن.“

 اسين چونڊن جي راند کيڏندڙ رانديگرن مان وڌيڪ اميد نه ٿا رکون. جڏهن ته فلسطين جا دشمن پنهنجون تکيون تلوارون فلسطيني عوام جي ڳلن مٿان لٽڪائي رهيا آهن. اسين صرف انهن کي اهو چوڻ ٿا چاهيون ته جمهوريت بابت اسان کي ايترو گهڻو نه ٻڌائين، هي ڪي چونڊون ته نه چئبيون.

 بس اهو هڪ طريقو آهي ته بندوق جي نوڪ تي صرف ووٽرن پر انهن جي معصوم ٻارن کان کين وفادار رهڻ جو قسم پيو ورتو وڃي. انهيءَ سبب ڪري آزادي کان پهرين مزاحمتي تحريڪن کي ووٽ ڏيڻ جو حق نه ٿو ڏنو وڃي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پرڏيهي تسلط هيٺ اتان جو عوام بندوق جي نوڪ تي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڇو ووٽ وجهي؟ مزاحمت مزاحمتي ويڙهاڪن کان قرباني طلب ڪري ٿي پر عام طور تي  عام شهرين ڪڏهن به اهڙو مطالبو نه ٿي ڪري ته اوهان مزاحمت يا پنهنجي ڪٽنب لاءِ کاڌ خوراڪ جي چونڊ ڪريو. مفاهمتي معاعدي ۾ اهم ڳالهه اها دهرائي وئي آهي ته فلسطيني اختياري صدر (Palestinian authority president  ) وٽ سڀ اعليٰ اختيار هوندا. هن پروپوزل تحٽ هو چونڊن واري ڪميشن، قومي مفاهمتي ڪميٽي اعليٰ سيڪيورٽي بورد جو سربراهه هوندو.

هي پي اي صدر فلسطين جي عوام منجهه ڇڪتاڻ جو اصل سبب آهي. حقيقت ۾ هي فلسطيني سياست ۾ موجود آڱرن تي ڳڻڻ وارن غير مقبول شخصيتن ۾ نمايان نظر اچي ٿو، پي اي قيات مصر واري مفاهمتي پروپوزل کي پوءِ به قبول ڪري ها جيڪڏهن اهو 20 صفحن بجاءِ 1000 صفحن تي مشتمل هجي ها. هي قيادت هن معاعدي کي چونڊن لاءِ هڪ ديباچو (preamble ) سمجهي ٿي. هي اڳواڻ سيجرائين اصلاحن واري سيرپ ۾ ضم ٿي ويا آهن جنهن ۾ نه صدر ”قومي ايڪتا“ پر ”مزاحمت کي ڪٺو ڪرڻ“ وارا لفظ شامل آهن پر اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هي ڪو مفاهمتي معاعدو نه آهي. ڇاڪاڻ ته مفاهمتي عمل کي ”برن ڪمن“ سان ملائي نه ٿو سگهجي. ان معاعدي ۾ جيڪا ڳالهه آڇي وئي آهي اها هيءَ آهي ته ناڪا بندين ۽ غزا اخلاف شروع ڪيل جنگ امن ثمر حاصل ڪيو وڃي. پي اي صدر واضع طور تي حماس سان مفاهمتي رويو رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو مفاهمتي معاعدي کي ضرور قبول ڪندو ڇاڪاڻ ته ان ذريعي هو حماس کي ختم ڪرڻ لاءِ منصوبا جوڙيندو.

 فلسطيني اٿارٽي جيتوڻيڪ معاعدي جي ڪافي نقطن سان متفق نه آهي پر اها ٻن ڳالهين سبب ان معاهدي کي قبول ڪندي. پهرين ڳالهه اها آهي ته غزا ۾ سيڪيورٽي ايجنسين جي نئين جوڙ جڪ ڪئي ويندي ۽ ٻيو ته غزا مان ناڪا بنديون هٽائڻ کان اڳ نيون چونڊيون ڪرايون وينديون. اهڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ جو مقصد مفاهمتي ماحول پيدا ڪرڻ نه پر ان ذريعي حماس جي اثر کي ختم ڪرڻ آهي.

 فطرتي طور تي اوسلو ٽيم بلڪل به خوش نه رهندي جيڪڏهن ايندڙ چونڊون 2006ع وارين چونڊن جيان ڪرايون وينديون. هي اهوئي ساڳيا ماڻهو آهن جن مقرر وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ به صدارتي چونڊ ٿيڻ کان نابري واري هئي ۽ سندن اهڙي مطالبي جي عرب ليگ قرارداد ذريعي پٺڀرائي پڻ ڪئي ويئي هئي. هاڻي هو ان ڪري چونڊون ڪرائڻ نه ٿا چاهن ته ڪو هو چونڊ عمل ۾ دلچسپي رکن ٿا پر حماس کي ڪچلڻ چاهن ٿا ۽ رملا ۾ موجود حڪومتي ڍانچي کي سگهارو ڪرڻ گهرن ٿا جنهن جي آمريڪا ۽ يورپ معاشي ۽ مالي مدد ڪري رهيا آهن.

 هي رٿيل چونڊون فلسطيني عوام جي خواهشن جي نفي آهن. انهيءَ مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مزاحمتي ڌرين وٽ صرف هڪڙوئي  طريقو آهي اهو هي ته ”بين الاقوامي پارٽين تي زور ڀريو وڃي ته اهي چونڊ نتيجن جو احترام ۽ قومي اصولن جي پاسداري ڪن ۽ اهڙي انهن کي مناسب جمهوري رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.“

 اهڙي قسم جي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ غزا ۾ موجود حڪومتي اٿارٽي جي رويي ۾ پڻ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مفاهمتي معاعدن تي حماس صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چونڊون هڪ طرفيون ڪرايون وڃن ٿيون ته انهي سان ويسٽ بينڪ ۽ غزا ۾ وڌيڪ ڏار پوندا ڇاڪاڻ رملا زبردستي غزا تي چونڊ نتيجا نه ٿو مڙهي سگهي. هڪ طرفي چونڊ عمل جي نتيجي ۾ اها ڳالهه يقيني بڻجي ويندي ته اوسلو ٽيم جو مقصد مفاهمت نه آهي.

 آمريڪا ۽ يورپ کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ”عام چونڊن جو ڪهڙو مطلب نڪري سگهي ٿو ۽ اهي ان کان ڳالهه کان به ڊنل آهي ته مصري پروپوزل تي سندن اختياري ڪيل خاموشي کي هاڪار سمجهندو ويندو. ان ڪري جارج مچيل اها ڳالهه شوز انداز ۾ ڪئي آهي ته آمريڪا مصري پروپوزل کي قبول نه ٿو ڪري ۽ جوياري جي ٽن نقطن تي زور ڀري ٿو. 1.فسادن کي ترت روڪيو وڃي 2. اڳوڻن معاعدن تي واعدي وفا ڪئي وڃي 3. اسرائيل کي تسليم ڪيو. 3. انهن نقطن جو مطلب اهو ٿو نڪري ته ناڪابنديون اڃا به موجودآهن ۽ آمريڪا سينيئر عملدار جي بيان ذريعي فلسطيني اليڪٽوريٽ کي خبردار ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي سگهي ٿو ته آمريڪا هڪ قسم جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.

 شايد ايئن به ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا کي عرب سياست سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هجي. ڇاڪاڻ ته عرب اڳواڻ جيڪو ڪجهه چوندا آهن حقيقت ۾ ان جو مقصد هڪ ٻئي تي اثر ويهارڻ ۽ سياسي جوڙ توڙ ڪرڻ هوندو آهي. هو هڪ ”ايڪتا“ جو اهڙو معاعدو به ڪري سگهن ٿا جيڪو کين ٻئي ڏينهن ننڍ مان اٿڻ سان ياد ئي نه هجين. اهڙي قسم جو مثال اسين نوري المالڪي پاران مصر سان ڪيل سهڪار واري معاعدي جو ڏيئي سگهون ٿا. پر تڏهن وري صورتحال بلڪل مختلف هوندي آهي جڏهن مخالف ٻاهريون قوتون عرب دنيا سان لاڳاپا قائم ڪن ٿيون. عرب ملڪ ٻاهرين قوتن سان لاڳاپا رکڻ ۽ معاعدا ڪرڻ ۾ گرمجوشي جو مظاهرو ڪندا آهن جيڪو اسان کي ٻين عرب ملڪن سان معاعدن ۾ بنهه نظر نه ايندو آهي.

 جڏهن به ڪنهن رياستي معاعدي ڪرڻ پٺيان مختلف، فرقن، فيملين، برادرين ۽ ننڍن بادشاهن وغيره جو هٿ هوندو آهي ته اتي منفرد قسم جا قانون جنم وٺندا آهن.  رملا ۾ موجود فلسطيني اٿارٽي اتي پنهنجي مفادن واري حڪومت قائم ڪري ويٺو آهي جيڪا تسلط جي پاڇي هيٺ وڌي رهي آهي ۽ ان کان علاوه يروشلم ۾ يهودين، فلسطيني پناهگيرن جي مقصد کي ڪچلڻ ۽ اسرائيل سان سيڪيورٽي تي تعاون جي حامل آهي. اسين هن کي دهشتگرد حڪومت به چئي سگهون ٿا. هي حڪومت الهندي آزاد خيال فڪر جي پوئلڳي ڪندي ڪميونسٽن ۽ نازين جيان جمهوري عمل جي رستي اقتدار حاصل ڪري ان کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، 20 هين صدي جي آخر ۾ اهڙي اصطلاح کي اسلام تحريڪ خلاف پڻ استعمال ڪيو ويو هو. اسلامي تحريڪن جي مخالفن پاران چونڊ نتيجن کي تسليم ڪرڻ کان هميشه انڪار ڪيو ويو آهي يا اهڙي قسم جون چونڊن ۾ رخنو پيدا ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جي صورتحال ان وقت پيدا ٿي آهي جڏهن انهن تحريڪن پاران ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. فلسطيني ڪيس ۾ اسان کي هڪ اهڙو ڪلاسڪ مثال ملي ٿو جنهن ۾ اسلامي تحريڪ پاران فتح حاصل ڪئي ويئي آهي ۽ هارايل پارٽي ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ان حوالي کان ٻاهريون قوتون فاتح پارٽي کي هارائڻ خاطر مداخلت ڪري رهيون آهن ته جيئن اها پارٽي ٻيهر اڀري نه سگهي.  

جڏهن ته رملا ۾ موجود حڪومت جيڪا بين الاقوامي ۽ عرب پٺڀرائي جو مزو ماڻي رهي آهي اها ڪا چونڊيل حڪومت نه آهي اها آمريڪا ۽ اسرائيلي منشا سان هڪ مڙهيل حڪومت آهي.

پهريون صفحو