|
جيتوڻيڪ فسطيني عوام قبضي هيٺ چونڊون وڙهي رهيو آهي پر اهي
پوءِ به ڪئارٽيٽ (آمريڪا، روس يورپي ينين ۽ گڏيل قومن )
کان ان مطالبي جو حق رکن ٿا ته چونڊون ڪير به کٽي ان جي
نتيجي جو کين احترام ڪرڻ گهرجي.
جيڪڏهن فلسطين جو مزاحمتي ڌريون مصر پاران ڪرايل مفاهمتي
معاهدي تي راضپو ڏيکارين ٿيون ته ڪئارٽيٽ کي گهرجي ته
اليڪشن جيڪا ڌر به کٽي ان کي کيس عزت جي نگاهه سان ڏسي ۽
جيڪڏهن ڀلي حماس فتح حاصل ڪري ته ان نتيجي کي مڃڻ کپي.
انهيءَ شرط کي اسين مصر تي عائد نه ٿا ڪري سگهون نه ئي ان
ڳالهه جو اهو مقصد آهي ته آڇ معائدي تي ٻيهر بحث ڇيڙيو وڃي.
پر ان معاعدي جو سادو مطلب اهو ٿو نڪري ته لاڳاپيل بين
الاقوامي ڌرين کي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي.
جيتوڻيڪ فلسطيني عوام قبضي هيٺ ٿيندڙ چونڊن واري سوال کي
ان ڪري نظر انداز ڪري چڪو آهي ته متان آزادي واري جدوجهد ۾
گهٽتائي اچي وڃي ۽ سموري توانائي گهرو ويڙهه ۾ نه ضايع ٿئي.
پر پوءِ به فلسطيني عوام جو اهو حق ته بڻجي ته هو مٿي ذڪر
ڪيل شرط تي بين الاقوامي ڌرين کان پٺڀرائي حاصل ڪرڻ جو
مطالبو ڪن. بحرحال فلسطين اندر ماضيءَ ۾ به بين الاقوامي
ڌرين چونڊن جي نگراني ڪئي آهي ۽ نتيجن جي سزا به فلسطيني
عوام کي بوڳڻي پئي آهي. پر اهم ڳالهه اها به آهي ته ايندڙ
چونڊون معاشي پابنديون هيٺ ڪرايون وينديون ۽ جڏهن ته
اسرائيل پاران غزا تي مڙهيل جنگ دوران ٿيل تباهي جو به
ازالو نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي جنگ جو اڃان به خطرو موجود آهي.
جيڪڏهن هي جوياري (Quartet
) مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي عمل نه ٿو ڪري ته پوءِ فلسطيني
عوام کي ضرور هيٺيون پيغام ڏيڻ چاهيندو جيڪو هي آهي ”اوهان
اوسلو ٽيم (Oslo
team
) کي ووٽ ڏيو ۽ ان تي اعتماد ڪيو ڇاڪاڻ ته اها ٽيم اوهان
جي ترجماني ڪندي ۽ جيڪڏهن اوهان اوسلو ٽيم کي ووٽ نه ٿا
ڏيو ته پوءِ اوهان کي بي انتها ناڪا بندين کي منهن ڏيڻو
پوندو جيڪي عرب دنيا به ختم نه ٿي ڪرائي سگهي. انهي سان
اوهان جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيندو رهندو. هاڻي ٿيڻ ائين کپي
ته جيڪي ناڪابنديون ڪيترن ئي سالن تائين غزا جو ڳلو
دٻائينديون رهيون اهي اوهان جون رهنما بڻجن.“
اسين
چونڊن جي راند کيڏندڙ رانديگرن مان وڌيڪ اميد نه ٿا رکون.
جڏهن ته فلسطين جا دشمن پنهنجون تکيون تلوارون فلسطيني
عوام جي ڳلن مٿان لٽڪائي رهيا آهن. اسين صرف انهن کي اهو
چوڻ ٿا چاهيون ته جمهوريت بابت اسان کي ايترو گهڻو نه
ٻڌائين، هي ڪي چونڊون ته نه چئبيون.
بس اهو هڪ طريقو آهي ته بندوق جي نوڪ تي صرف ووٽرن پر
انهن جي معصوم ٻارن کان کين وفادار رهڻ جو قسم پيو ورتو
وڃي. انهيءَ سبب ڪري آزادي کان پهرين مزاحمتي تحريڪن کي
ووٽ ڏيڻ جو حق نه ٿو ڏنو وڃي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي
ته پرڏيهي تسلط هيٺ اتان جو عوام بندوق جي نوڪ تي آزادي جي
تحريڪ لاءِ ڇو ووٽ وجهي؟ مزاحمت مزاحمتي ويڙهاڪن کان
قرباني طلب ڪري ٿي پر عام طور تي عام شهرين ڪڏهن به اهڙو
مطالبو نه ٿي ڪري ته اوهان مزاحمت يا پنهنجي ڪٽنب لاءِ کاڌ
خوراڪ جي چونڊ ڪريو. مفاهمتي معاعدي ۾ اهم ڳالهه اها
دهرائي وئي آهي ته فلسطيني اختياري صدر (Palestinian
authority president
) وٽ سڀ اعليٰ اختيار هوندا. هن پروپوزل تحٽ هو چونڊن
واري ڪميشن، قومي مفاهمتي ڪميٽي اعليٰ سيڪيورٽي بورد جو
سربراهه هوندو.
هي پي اي صدر فلسطين جي عوام منجهه ڇڪتاڻ جو اصل سبب آهي.
حقيقت ۾ هي فلسطيني سياست ۾ موجود آڱرن تي ڳڻڻ وارن غير
مقبول شخصيتن ۾ نمايان نظر اچي ٿو، پي اي قيات مصر واري
مفاهمتي پروپوزل کي پوءِ به قبول ڪري ها جيڪڏهن اهو 20
صفحن بجاءِ 1000 صفحن تي مشتمل هجي ها. هي قيادت هن معاعدي
کي چونڊن لاءِ هڪ ديباچو (preamble
) سمجهي ٿي. هي اڳواڻ سيجرائين اصلاحن واري سيرپ ۾ ضم ٿي
ويا آهن جنهن ۾ نه صدر ”قومي ايڪتا“ پر ”مزاحمت کي ڪٺو ڪرڻ“
وارا لفظ شامل آهن پر اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته هي
ڪو مفاهمتي معاعدو نه آهي. ڇاڪاڻ ته مفاهمتي عمل کي ”برن
ڪمن“ سان ملائي نه ٿو سگهجي. ان معاعدي ۾ جيڪا ڳالهه آڇي
وئي آهي اها هيءَ آهي ته ناڪا بندين ۽ غزا اخلاف شروع ڪيل
جنگ امن ثمر حاصل ڪيو وڃي. پي اي صدر واضع طور تي حماس سان
مفاهمتي رويو رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو مفاهمتي
معاعدي کي ضرور قبول ڪندو ڇاڪاڻ ته ان ذريعي هو حماس کي
ختم ڪرڻ لاءِ منصوبا جوڙيندو.
فلسطيني
اٿارٽي جيتوڻيڪ معاعدي جي ڪافي نقطن سان متفق نه آهي پر
اها ٻن ڳالهين سبب ان معاهدي کي قبول ڪندي. پهرين ڳالهه
اها آهي ته غزا ۾ سيڪيورٽي ايجنسين جي نئين جوڙ جڪ ڪئي
ويندي ۽ ٻيو ته غزا مان ناڪا بنديون هٽائڻ کان اڳ نيون
چونڊيون ڪرايون وينديون. اهڙي صورتحال ۾ چونڊون ڪرائڻ جو
مقصد مفاهمتي ماحول پيدا ڪرڻ نه پر ان ذريعي حماس جي اثر
کي ختم ڪرڻ آهي.
فطرتي
طور تي اوسلو ٽيم بلڪل به خوش نه رهندي جيڪڏهن ايندڙ
چونڊون 2006ع وارين چونڊن جيان ڪرايون وينديون. هي اهوئي
ساڳيا ماڻهو آهن جن مقرر وقت پورو ٿيڻ کان پوءِ به صدارتي
چونڊ ٿيڻ کان نابري واري هئي ۽ سندن اهڙي مطالبي جي عرب
ليگ قرارداد ذريعي پٺڀرائي پڻ ڪئي ويئي هئي. هاڻي هو ان
ڪري چونڊون ڪرائڻ نه ٿا چاهن ته ڪو هو چونڊ عمل ۾ دلچسپي
رکن ٿا پر حماس کي ڪچلڻ چاهن ٿا ۽ رملا ۾ موجود حڪومتي
ڍانچي کي سگهارو ڪرڻ گهرن ٿا جنهن جي آمريڪا ۽ يورپ معاشي
۽ مالي مدد ڪري رهيا آهن.
هي
رٿيل چونڊون فلسطيني عوام جي خواهشن جي نفي آهن. انهيءَ
مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مزاحمتي ڌرين وٽ صرف هڪڙوئي طريقو
آهي اهو هي ته ”بين الاقوامي پارٽين تي زور ڀريو وڃي ته
اهي چونڊ نتيجن جو احترام ۽ قومي اصولن جي پاسداري ڪن ۽
اهڙي انهن کي مناسب جمهوري رويو اختيار ڪرڻ گهرجي.“
اهڙي
قسم جي صورتحال پيدا ڪرڻ لاءِ غزا ۾ موجود حڪومتي اٿارٽي
جي رويي ۾ پڻ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مفاهمتي
معاعدن تي حماس صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چونڊون هڪ
طرفيون ڪرايون وڃن ٿيون ته انهي سان ويسٽ بينڪ ۽ غزا ۾
وڌيڪ ڏار پوندا ڇاڪاڻ رملا زبردستي غزا تي چونڊ نتيجا نه
ٿو مڙهي سگهي. هڪ طرفي چونڊ عمل جي نتيجي ۾ اها ڳالهه
يقيني بڻجي ويندي ته اوسلو ٽيم جو مقصد مفاهمت نه آهي.
آمريڪا
۽ يورپ کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ”عام چونڊن جو ڪهڙو مطلب نڪري
سگهي ٿو ۽ اهي ان کان ڳالهه کان به ڊنل آهي ته مصري
پروپوزل تي سندن اختياري ڪيل خاموشي کي هاڪار سمجهندو
ويندو. ان ڪري جارج مچيل اها ڳالهه شوز انداز ۾ ڪئي آهي ته
آمريڪا مصري پروپوزل کي قبول نه ٿو ڪري ۽ جوياري جي ٽن
نقطن تي زور ڀري ٿو. 1.فسادن کي ترت روڪيو وڃي 2. اڳوڻن
معاعدن تي واعدي وفا ڪئي وڃي 3. اسرائيل کي تسليم ڪيو. 3.
انهن نقطن جو مطلب اهو ٿو نڪري ته ناڪابنديون اڃا به
موجودآهن ۽ آمريڪا سينيئر عملدار جي بيان ذريعي فلسطيني
اليڪٽوريٽ کي خبردار ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي سگهي ٿو
ته آمريڪا هڪ قسم جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.
شايد
ايئن به ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا کي عرب سياست سمجهڻ ۾ ڏکيائي
پيش ايندي هجي. ڇاڪاڻ ته عرب اڳواڻ جيڪو ڪجهه چوندا آهن
حقيقت ۾ ان جو مقصد هڪ ٻئي تي اثر ويهارڻ ۽ سياسي جوڙ توڙ
ڪرڻ هوندو آهي. هو هڪ ”ايڪتا“ جو اهڙو معاعدو به ڪري سگهن
ٿا جيڪو کين ٻئي ڏينهن ننڍ مان اٿڻ سان ياد ئي نه هجين.
اهڙي قسم جو مثال اسين نوري المالڪي پاران مصر سان ڪيل
سهڪار واري معاعدي جو ڏيئي سگهون ٿا. پر تڏهن وري صورتحال
بلڪل مختلف هوندي آهي جڏهن مخالف ٻاهريون قوتون عرب دنيا
سان لاڳاپا قائم ڪن ٿيون. عرب ملڪ ٻاهرين قوتن سان لاڳاپا
رکڻ ۽ معاعدا ڪرڻ ۾ گرمجوشي جو مظاهرو ڪندا آهن جيڪو اسان
کي ٻين عرب ملڪن سان معاعدن ۾ بنهه نظر نه ايندو آهي.
جڏهن
به ڪنهن رياستي معاعدي ڪرڻ پٺيان مختلف، فرقن، فيملين،
برادرين ۽ ننڍن بادشاهن وغيره جو هٿ هوندو آهي ته اتي
منفرد قسم جا قانون جنم وٺندا آهن.
رملا
۾ موجود فلسطيني اٿارٽي اتي پنهنجي مفادن واري حڪومت قائم
ڪري ويٺو آهي جيڪا تسلط جي پاڇي هيٺ وڌي رهي آهي ۽ ان کان
علاوه يروشلم ۾ يهودين، فلسطيني پناهگيرن جي مقصد کي ڪچلڻ
۽ اسرائيل سان سيڪيورٽي تي تعاون جي حامل آهي. اسين هن کي
دهشتگرد حڪومت به چئي سگهون ٿا. هي حڪومت الهندي آزاد خيال
فڪر جي پوئلڳي ڪندي ڪميونسٽن ۽ نازين جيان جمهوري عمل جي
رستي اقتدار حاصل ڪري ان کي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، 20 هين صدي
جي آخر ۾ اهڙي اصطلاح کي اسلام تحريڪ خلاف پڻ استعمال ڪيو
ويو هو. اسلامي تحريڪن جي مخالفن پاران چونڊ نتيجن کي
تسليم ڪرڻ کان هميشه انڪار ڪيو ويو آهي يا اهڙي قسم جون
چونڊن ۾ رخنو پيدا ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جي صورتحال ان
وقت پيدا ٿي آهي جڏهن انهن تحريڪن پاران ڪاميابي حاصل ڪرڻ
جو اندازو لڳايو ويو آهي. فلسطيني ڪيس ۾ اسان کي هڪ اهڙو
ڪلاسڪ مثال ملي ٿو جنهن ۾ اسلامي تحريڪ پاران فتح حاصل ڪئي
ويئي آهي ۽ هارايل پارٽي ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري
رهي آهي ان حوالي کان ٻاهريون قوتون فاتح پارٽي کي هارائڻ
خاطر مداخلت ڪري رهيون آهن ته جيئن اها پارٽي ٻيهر اڀري نه
سگهي.
جڏهن ته رملا ۾ موجود حڪومت جيڪا بين الاقوامي ۽ عرب
پٺڀرائي جو مزو ماڻي رهي آهي اها ڪا چونڊيل حڪومت نه آهي
اها آمريڪا ۽ اسرائيلي منشا سان هڪ مڙهيل حڪومت آهي. |