Sunday, November 15th 2009 - Zu'l-Qad 26th 1430 H

 آچر 15  نومبر 2009ع  - 26 ذوالقعد 1430 هه

 

ڪامريڊ حسن ناصر   تاريخ توکي نٿي وساري سگهي

سارنگ مصطفى

ماضيءَ کان سواءَ مستقبل نٿو ٿي سگهي،ماضيءَ ۽ حال کي فِراموش ڪري جنهن مستقبل کي جوڙيو وڃي اهو مصنوعي طور تي چند حڪمرانن لاءَ خوش حال ته ٿي سگهي ٿو پر سماجن، تهذيبن ۽ انسانن کي بد حاليءَ کان سواءِ ڪجهه به نٿو ڏئي سگهي وقت بيهندو ناهي هٿرادو فلسفا ۽ فرد  اُن ۾ رڪجي ويندا آهن، ائين تاريخ جو هڪ نئو باب پنهنجي سيني مٿان  ماضيءَ جي ارڏن  ڪردارن  کي جاءِ ڏيندو آهي، فرد ختم ٿي ويندا آهن پر قردار هميشه زنده رهندا آهن .

چون ٿا ته تاريخ ۾ اهڙا لمحه به ايندا آهن جڏهن وقت جي رفتار  تيز  ٿي ويندي آهي، صديون سالن ۾ سال مهينن ۽ مهينا ڏيهن ۾ سميٽجي ويندا آهن، عمومي سماجي شعور بلند ٿيئڻ لڳندو آهي .محنت ڪش عوام تيزيءَ سان نتيجا وٺڻ شروع ٿي ويندي آهي  ۽ حڪمرانن جون تمام سازشون انهن جي سامهون بي معنى بڻجي وينديون آهن ۽ انهن جون چالبازيون  هڪ هڪ ٿي بي نقاب ٿي وينديون آهن، اهڙي ڪيفيعت جي سڀ کان پهرين اهيا نشاني هوندي آهي ته ماڻهون سوچڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن، سوچ ڪيتري نه عظيم ٿيندي آهي جنهن کي محنت ڪش عوام پنهنجي آس پاس وکريل مسئلن کي ، مشاهدن ۽ تجربن سان حاصل ڪندي آهي ، سوچ تمام گهڻن سوالن کي جنم ڏيندي آهي ۽ پوءَ اهي سوال جوابن جا متلاشي بڻجي  ويندا آهن، تڏهن حڪمرانن جي ايوانن ۾ لرزش اچي ويندي آهي اهي تمام عياشيون،عيش و عشرتن کي بچائڻ ۽ سرمائيدارن جي منافعي جي  حفاظت ڪرڻ خاطر محنت ڪش عوام جي سوچن مٿان جبر جو  تالو هئڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن ،ڪڏهن خوف ته وري ڪڏهن لالچ جو هٿيار حڪمرانن ساڻ هوندو آهي پر جن فردن کي سوالن جا جواب ملي ويندا آهن اهي  خوف ۽ لالچ جي سرحدن کان تمام اڳيان نڪري ويندا آهن، انهن  جو شعور ڌرتيءَ مٿان ڦهليل سرمائيدارانا غلاظت جو حصو ٿيئين بجاءِ انقلابي فلسفي جي اڻهانگي سفر جو راهي بڻجي ويندو آهي ، تاريخ جي انهن قردارن مان حسن ناصر به هڪ ڪردار  آهي جنهن کي 1960 ۾ ايوب خان جي دورِ حڪومت دوران ٽارچر سيلن جون سختيو ڏيئي شهيد ڪيو ويو  جنهن جو ڏوهه اهيو هو ته هن جي شعور ڪجهه سوالن جا جواب ڳولهي ورتا هئا ۽ مارڪس جي فلاسافي کڻي محنت ڪش عوام کي هڪ اهڙي شعور طرف کڻي وڃي رهيو هو  جنهن کي سوشلسٽ نظام چيو ويندو آهي،

حسن ناصر جيڪو پاڪستان جي مزدورن ۽ هارين جي پارٽي جوڙڻ جي عمل ۾ هيو زندگيءَ جون تمام خواهشون ۽ خواب صرف انقلاب بڻجي چڪا هئا،چون ٿا ته جيڪي انسان پنهنجي فقر ۽ فلسفي تي پختگيءَ رکندا آهن اهي پهنجي اندر ۾ بهاڙن مثل بڻجي ويندا آهن جن کي هوائون يا طوفان لوڏي ناهن سگهندا .

تاريخ جو سفر به عجب جي نشاني جيان ٿيندو آهي ،جيئن تاريخ جي جڙت قردارن سان ٿيندي آهي ائين شهرن سان پڻ ٿيندي آهي ،

جڏهن آئون هن مضمون کي لکي رهيو آهيان ته منهنجي ذهين ۾ بار بار لاهور شهر جي متعلق ڪجهه خيال اچي رهيا آهن ،اهوئي شهر جنهن ۾ ڀڳت سنگ کي ڦاهي ڏئي  شهيد ڪيو ويو  ، هي  اهوئي لاهور شهر آهي جنهن ۾ حسن ناصر کي تشدد وگهي شهيد ڪيو ويو هڪ  اهو قردار جيڪو  ورهاڱي کان پهرين هندستان ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدوجهد دوران حڪمرانن هٿا شهيد ٿيو ٻيو حسن ناصر جنهن کي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ سوشلسٽ انقلاب لاءِ جدو جهد دوران شهيد ڪيو ويو

1968  جي انقلابي تحريڪ يا 1969  جي دوران محنت ڪش طبقي جي تمام جدو جهد تي اگر گهرائيءَ  سان نظر وجهندا سين ته ان تحريڪ پٺيان سرڪشيءَ جي جذبي اندر  اسانکي حسن ناصر  جهڙن   نوجوانن جون ئي قربانيون نظر اينديون .

افسوس صرف ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي ان انقلابي شعور کي محنت ڪش طبقي تائين رسائي نه ڏئي سگهي،

کاٻي ڌر جو وڏو حصو اڄ  اين، جي، اوز جي دلدل ۾ ڦاٿل نظر ٿو اچي رهيو آهي جيڪو اولهه جو سامراجي ۽ اصلاح پسند رجحانات ۽ ٻئين ادارن جي مالياتي طور مر هون منت ٿي انهن جي نظرياتي ۽ سياسي پرچار کي فروغ ڏيئڻ لاءِ انهن جا ملازم ٿي رهجي ويا آهن پنهنجي انهن انقلابي نظريات ۽ لائح عمل جي تنزليءَ لاءِ طرح طرح جا جواز ڏئي حقيقت ۾ اهي مارڪس ازم ۽ انقلابي سوشل ازم لاءِ رڪاوٽ ۽ ضد بڻجي ويا آهن

50 سالن جي سفر کان پوءِ اڄ جيترو مارڪس ازم نوجوانن توڙي محنت ڪش مٿان اثر انداز ٿيو آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ايترو اثر انداز ناهي رهيو حالات ۽ واقعات انقلاب طرف وڃي رهيا آهن سامراجي لٽ مار جيترو هينئر ظاهر ٿي آهي پهرين ڪڏهن ناهي ٿي IMF يا ورلڊ بينڪ جي قاتل شرطن اڄ انسانيت جو قتل عام ڪرڻ لا کلي سامهون اچي چڪيون آهن .

ايترو شدت سان غربت ۽ آهو بڪا جون رڙيون بلند ٿي رهيون آهن ، جيترو  وحشت سان اشرافيه جون عورتون مهنگيون خريداريون ڪندي ٿيون نظر اچن ،ايترو ئي ذلت سان محنت ڪش عوام مهنگائيءَ جي عذاب ۾ دٻجي قوت خريد کان محروم ٿي رهي آهي

جيترا وڏا وڏا پلازه ٺهي رهيا آهن آوتروئي  هيٺ غريبن جا ڪکاڻا گهر زمين دوش ٿي رهيا آهن حڪمرانن جي محلاتن ۾ ڳرن جنريٽز سان جيتري تيز روشني آهي ان کان ڪئي گنا زياده غريبن جا پاڙا لوڊ شيدنگ جي ڪري اونڌهائي ۾ ٻڏي رهيا آهن ،جيترا اعلى معيار عياش گاهن جي طرز تي حڪمرانن جي لاءِ پرائيوٽ ڪلينڪ ٺهي رهيون آهن اوتروئي تيزيءَ سان هي محنت ڪش عوام علاج کان محروم ٿي رهي آهي جيترا عاليشان تعيلمي ادارا بالادست طبقات جي اولادن لاءِ ٺهي رهيا آهن اوترو ئي وڌيڪ غريبن جا ٻار اسڪولن ۽ تعيلم کان محروم ٿي رهيا آهن .

اهڙي معاشري کان بغاوت جو نالو حسن ناصر جي جدو جهد آهي.

ڪامريڊ حسن ناصر کي ڀيٽا

گل بيگ ڏاهري

ٻئي مهاڀاري جنگ ۾ برطانيا ڪمزور  ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي فاتح ملڪن کي پنهنجي مرضيءَ مطابق آزادي ڏني، برصغير به انهن مان هڪ آهي.

برصغير پڻ جن ۾ غلط طريقي سان ورهائجڻ جي ڪري آزاد گهٽ، غلام وڌيڪ لڳو آهي، پاڪستان ۽ هندستان جي ورهاست ۾ برطانيا جي سامراجيت ڪشمير جي فيصلي ۾ ظاهر ٿئي پئي. علائقو پاڪستان کي ملڻو هو پر ڏيڻو ڪو نه هو. علائقي تي ڄمڻ وقت ئي جهيڙو ٿيئي پيو ۽ جهيڙي ۾ ورهائجي ويو. هندستان کي قبضي ۾ آيل ڪشمير ۾ اڻ ڳڻپ خون وهيو آهي ۽ اڃان وهي پيو. خون ڪيترن مرحلن مان گذري ڪٿي پهتو آهي، ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ صحيح مواد ڪونهي.

غير حقيقي نظريي (غير حقيقي مان مراد ته قائد اعظم محمد علي جناح پنهنجي طبعيت ۽ سوچ ۾ غير مذهبي هو پر مذهب جي بنياد تي ٺهندڙ ڀارتي آل انڊيا مسلم ليگ جو ته صرف صدر هو پر مذهب جي بنياد تي مليل ملڪ جو سربراهه ٿي رهيو هو ۽ مهاتما گانڌي فڪري طور مذهبي هو پر سيڪيولر رياست جي سربراهي قبول ڪري رهيو، مطلب ته ٻئي وڏا اڳواڻ به قومي نظريي کي رد ڪندي قبول ڪري رهيا هئا) جي بنياد تي آزاد پاڪستان ۽ هندستان ۾ آزادي وقت ايترو خون وهيو شايد ايترو اڳ ۾ آزادي لاءِ وهي ها ته برطانيا سرحدون ورهائڻ ۽ پوءِ به حڪمران رهڻ جي بجاءِ ائين ڀڄي برصغير خالي ڪري ها جيئن جاپانين چين ۾ گوڏن تي زور وڌو هو.

پاڪستان ۾ سکن جو قوس ٿيو ۽ سنڌ جي صوفي سرزمين تان هندو روئيندا جهازن ۾ هندستان ڏانهن روانا ٿيا. هندستان جي اقليتي مسلمان علائقن ۾ مسلمان خون جو نظرانو ڏيندا پاڪستان جي سرحدن ۾ پهتا غير فطري رياست سان گڏ غير فطري هجرت ٻنهي پاسي ڏکن، ڏوراپن، گهائن ۽ وڇوڙن سان گڏ علم، بلند سوچ ۽ عظيم فڪر به رسايو هو. جيئن سنڌي اديبن جو موقف رهيو آهي ته سنڌي مڊل ڪلاس ۽ عظيم هندو ڏاها سنڌ کي ويران ڪري ويا آهن تئين ئي اردو ٻولي ڳالهائيندڙ ڏاهن جو چوڻ آهي ته اهي به اعليٰ تعليمي ادارن مان پڙهيل آهن ۽ پاڻ سان علم جو ڏيئو کڻي آيا آهن. پاڪستان جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ زبانن جو فرق ذهني ڏي وٺ ائين نظر نه ٿي اچي جيئن سنڌ ۾ آهي. تاريخ جي ان بي شعوري ۽ غير حقيقي شمڪش ۾ حقيقي شعور حقيقتن کي اورانگي گهڻو پوئتي رهجي وڃڻ سان گڏ چٽو به ٿي پيو آهي. تاريخي علم ٻڌائي ٿو ته ٻئي دماغ هڪ طرف لائين تي آهن جي هتان کان هشو ڪيولراماڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، آءِ ڪي گجرال، ايل ڪي آڏواڻي، اي جي اتم، موهن ڪلپنا وغيره جهڙا اعليٰ سوچيندڙ ويا آهن ته اتان کان امام علي نازش، سجاد ظهير، اعزاز نظير، حمزا علوي، حسن ناصر، علامه شبير احمد عثماني، علامه عبدالرشيد نوحاڻي، حضرت عبدالعزيز  جهڙا دور انديش ۽ نيڪ ذهين به سندر سپنن ۽ روشن منزلن سان پاڪستان جي سرحدن ۾ داخل ٿيا آهن.

هتان کان هندو قومپرستيءَ ۽ سوشلزم ۽ پويان مذهب پرستيءَ سوشلزم سرحدون پار ڪيون آهن. سوشلزم جي پرچارن کي سرحدون ڀانءِ نه پيون آهن. هندستان ۾ هشو ڪيولراماڻي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيو ۽ هتي سجاد ظهير کي پاڪستان  ڇڏڻو پئجي ويو ۽ امام علي نازش کي مايوسي ۾ ڀٽڪندي نظريي سان زنده رهڻو پيو.

 هن سڄي ذهني ٽوڙ ڦوڙ ۾ ڪي اهڙا به آهن جن پاڪستان جي بي رحم حڪمرانن ۽ هتان جي معاشري تي بي حسي ۽ پسماندگي سان مسڪرائيندي چمڪندڙ اکين ۽ صحت مند دماغن سان اهڙو ته جهيڙو نڀايو آهي جو اهي هتان جي هر باضمير ۽ تبديلي جا خواب ڏسندڙ اسان جا رهبر ٿي پيا آهن. حسن ناصر به انهن مان هڪ آهي ۽ اڄ اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان جنهن انسان کي صحيح پيش به ناهي ڪيو جنهن کي تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ به ناهي ڏني، جنهن سان غداري ڪئي آهي ۽ جنهن جي باري ۾ نئين نسل تائين صحيح ۽ مڪمل ڄاڻ به ناهي پهچائي اهو ڪيئن نه اسان لاءِ جن سان هن جو ڪو به سماجي، معاشي ۽ خوني رشتو ڪو نه هو، پنهنجو گهر محبوب رشتا، عيش عشرتون ۽ معاشرو ڇڏي آيو هو.

ها! 13 نومبر حسن ناصر جي جسماني خاتمي جو ڏينهن آهي ۽ اهو خاتمو ياد ڏياري ٿو ته جنرل ايوب خان روس جي انقلاب کان خوفزده ٿي سوشلزم جي صحيح پرچار ڪندڙن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي هئي. هي ئي اهي هئا جن چيو ٿي ته پاڪستان ۾ جاگيرداري ختم ڪئي وڃي، پر ايوب خان ڪن کي ته ڊڄاري پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ زمين ورهائڻ جو سياسي ڍونگ ڪرڻو هو ۽ هن اهوئي ڪيو.

شهيد حسن ناصر هڪ هنڌ لکيو آهي ته سامراج کي صرف پنهنجا مفاد عزيز آهن ۽ انهن جي پورائي جيڪو به ڪندو، سامراج ان سان هوندو. ان وقت شهيد حسن ناصر اڄ جي لفظن کي ڪيڏو نه درست ڪيو آهي جو آمريڪا کي جمهوري حڪومت جي گهرج آهي ته هو ان ڪمزور حڪومت کي هر بحران مان ڪڍڻ لاءِ اڳڀرو آهي.

             شهيد حسن ناصر اعليٰ اسڪولن جي تعليم ۽ بورجوازي پرورش جي باوجود به سوشلسٽن جي ور چڙهي وڃڻ جي ڪري پنهنجي پرسڪون زندگي کي خدا حافظ چئي سوشلزم تحت سماج جي اندر تبديلي جا خواب آڻيندي اچي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿيو، جتي جي معاشري جي سماجي اوسر ۽ مزاج جي کيس ڪا به خبر ڪا نه هئي. ان اوپرائپ جي ڪري اڪثر ڪميونسٽ معاشري ۾ ضم نه ٿي سگهيا ۽ حڪمرانن هنن جي ان ڪمزوري جو خوب فائدو ورتو.

ڪميونسٽن ۽ حڪمرانن جي وچ ۾ اکٻوٽ جي راند شروع ٿي وئي ۽ راند ۾ ٻين جيئان حسن ناصر به گرفتار ٿيندو هيو. انقلابي پراڻو هوندي به پنهنجي ڪردار، گرفتار ۽ معاشري سان پيار ڪرڻ جي ڪري پنهنجو لڳندو آهي. حسن ناصر هتان جي سرزمين ۽ استحصالي طبقي سان واعدي وفائي جو هڪ وڏو مثال ڇڏي ويو آهي. اهو حسن ناصر ئي هو جنهن کي هڪ سال ملڪ بدري ملي ان عرصي ۾ هي پنهنجي ماءُ ۽ خاندان سان هندستان ۾ ويجهو ٿيو. سندس ماءُ چيس ته سجاد ظهير وانگر رهي پئه. حسن ناصر پنهنجي ماءُ کي چيو ته هو پنهنجي ڪامريڊن کي اڪيلو ڇڏي نه ٿو سگهي. ائين ئي  باڪردار انقلابي وانگي وري پنهنجي حياتيءَ کي جوکي ۾ وجهي پاڪستان پهتو. پاڪستان ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي کيس سندس ڪامريڊ جي مخبري تي آخري دفعو گرفتار ڪيو ويو. پنهنجي ماءُ جي نافرمانيءِ تي پشيمان ٿيندي جيل مان خط ۾ چيائين ته سوشلزم جو رستو هن پاڻ چونڊيو هو ۽ اهو هن جو شعور هو، ان ڪري هي پنهنجي شعوري فيصلي تان هٿ کڻڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي. 

حسن ناصر جي ذهني پختگي، نظرياتي سچائي ۽ استحصالي طبقي لاءِ اٿاه پيار حڪمرانن کي برداشت نه ٿيو. حڪمرانن هن جي روشن خيالي، پاڪستان سان سچائي ۽ معقول رويي کي ڪا به اهميت نه ڏني ڇو جو حڪمرانن کي صرف پنهنجي طاقت ۽ بالادستي کپندي هئي. پاڪستان جي جنم ڀومي شهر لاهور جي شاهي قلعي ۾ حسن ناصر کي فوجين غير انساني ايذاءَ ڏئي تڙپائي کيس هميشه لاءِ ٿڌو ڪري ڇڏيو. مارڻ کان پوءِ سندس لاش کي لاوارثن جيئان گمنام جاءِ تي اڄوڪي ڏينهن تي دفنائي ڇڏيو (13 نومبر 1960) هيءَ اهو مهاجر هو جنهن نه مهاجر سڏايو ۽ نه ئي وري هڪ پل لاءِ اجنبي ٿي رهيو هو. حسن ناصر پاڪستاني حڪومت کان نه گهر گهريو هو، نه زمين گهري هئي ۽ نه ئي وري ڪا سٺي نوڪري ورتي هئي بلڪ هي اهو اوچو انسان آهي جنهن پنهنجي امير ماءُ کي چيو هو ته هو هن جي جيل جي يارن کي ڪجهه قرض موٽائي ڏي جيڪو هي واپس ڪرڻ جي اهل نه رهيو آهي.

حسن ناصر ته پاڪستان جي حڪمرانن کان صرف عقلي رويو گهريو هو، هن ته صرف پاڪستان جي مضبوطي چاهي هئي، هن ته صرف پاڪستان جي اڪثريت جي خوشحالي سوچي هئي. موٽ ۾ خون جو نظرانو ڏيڻو پئجي ويس جيڪو ڏئي اسان کي قرضي ڪري ويو.

اردو ٻولي ڳالهائيندڙ علم جو چراغ ڪيترو کڻي آيا آهن اهو وقت ثابت ڪندو پر حسن ناصر جنهن روشنيءَ جي شمع سان داخل ٿيو هو اهو ٻرندي ڇڏي ويو.

حسن ناصر جهڙا ماڻهو بنا سرحد لڪيرن ۽ شناختي ٺپن جي اونداهي ۾ روشني، ويرانين ۾ آباد ۽ سناٽي ۾ زبان بڻجي مسئلن کي جاڳائي وجهندا آهن. اهڙن ڪردارن لاءِ  شاهه عبدالطيف ڀٽائي وٽ ٻه خوبصورت ۽ معنيٰ خيز لائنون آهن.

”ڪ ڪي کاهوڙي، ڇپر ۾ سڏ ٿيو،

اڳي ٿي سنئي، انهيءَ سڌي ڳالهڙي“

ڪامريڊ حسن ناصر شهيد کي سرخ سلام

امرتا سومرو

ڪامريڊ حسن ناصر جو تعلق حيدرآباد (دکن انڊيا) سان هو. ڪامريڊ حسن ناصر جو والد رٽائرد هوم سيڪريٽري هو. نظام حيدرآباد (دکن انڊيا) جي خلاف تلنگانه ڪسان تحريڪ ۾ به ڪامريڊ ڀرپور حصو ورتو . ورهاڳي کانپوءِ ڪامريڊ حسن ناصر 1948ع ۾  پاڪستان آيو ۽ هتي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۾ سرگرم ٿي ويو. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد ضلعي تنظيمي ڪميٽي ڪراچي جو سيڪريٽري صوبائي تنظيمي ڪميٽي حيدرآباد جو رڪن ۽ علائقائي تنظيمي ڪمٽي جو رڪن هو.

 ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هڪ انتهائي سلجهيل،  ديانتدار ۽ قرباني جو جذبو رکندڙ نوجوان هو.  ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هڪ اهڙو ڪامريڊ هو جيڪو دوستن سان پئسي ڏوڪڙ کان وٺي لٽي، ڪپڙي ۽ کاڌي پيتي تائين  پنهنجي هر شئي ونڊيندو هو، باوجود ان جي جو هن جو تعلق سکي ستابي گهراڻي سان هو. پر هو پاڪستان جي مزدور طبقي ۽ مظلوم قومن جي حقن لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار هوندو هو.

 ڪامريڊ حسن ناصر شهيد کي پنڊي سازش ڪيس ۾ 15 جولاءِ 1951ع ۾ گرفتار ڪيو ويو (واضح رهي ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي مقبوليت کان خوف کائي حڪمرانن ان سازش جي آڙ ۾ جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان تي بحيثيت سياسي پارٽي پابندي لڳائي ڇڏي.

 قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪامريڊ روپوش ٿي پارٽي ۾  ٻيهر سرگرم ٿي ويو. 1955ع ۾ ون يونٽ جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي. 1956ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان الاٽي ڪسان تحريڪ شروع ڪئي جنهن کي عوام بي حد موٽ ڏني. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد هارين کي منظم ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي.

 1958ع ۾ جڏهن فوجي آمر ايوب خان اقتدار تي راتاهو هنيو ته ان جي خلاف پارٽي جدوجهد کي منظم ڪيو ۽  آخرڪار ان جدوجهد جي جواب ۾1960ع ۾ ڪامريڊ حسن ناصر کي روپوشي جي حالت ۾ گرفتار ڪري لاهور شاهي قلعي ۾ آندو ويو جتي ڪامريڊ کي  1960ع ۾ تشدد ڪري شهيد ڪري ڇڏيائون جڏهن ته ڪامريڊ جي عمر  صرف 33 سال هئي. ڪامريڊ حسن ناصر شهيد ۽ ڪامريڊ نذير عباسي شهيد جي قربانين اسان ڪميونسٽن ۾ هميشه هڪ نئون جوش، جذبو ۽ اتساه ڏنو آهي ۽ اسان جي ان يقين کي اڃان به مضبوط ڪيو آهي ته هڪ غير طبقاتي ۽ ڦرلٽ کان آزاد معاشري جو خواب هڪ ضرور ساڀيان ٿيندو . فتح آخرڪار عوام جي ئي ٿيندي. 1956ع ۾ پارٽي پاران ڪيل ڪسان الاٽي تحريڪ اڄ هاري حقدار جي شڪل اخيتار ڪري چڪي آهي ۽ پارٽي شهيد شاهه عنايت جي ”جو کيڙي سو کائي“ جي جدوجهد جي تسلسل کي برقرار رکندي اڄ ”زمين به هاري جي ۽  پيداوار به هاري جي زمين تان نجي ملڪيت جو خاتمو ڪري جاگيرداري کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيراڻڻ لاءِ عوام جي جدوجهد کي  پنهنجي نوجوان ۽ کاهوڙي ڪامريڊ خادم ٿهيم جي قيادت ۾منظم ڪري  رهي آهي. ان سلسلي ۾  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان 8 نومبر تي جيڪب آباد ۾ هاري حقدار ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ان ڪانفرنس لاءِ جيڪو وال پوسٽر جاري ڪيو ويو ان ۾ هاري کي پنهنجي ڏاٽي سان غلامي جي زنجير تي وار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان اهو سمجهي ٿي ته هاري ۽ مزدور جو اتحاد ئي ملڪ مان جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي پاڙ پٽي سگهي ٿو .

 1956ع ۾ پارٽي پاران ڪيل ڪسان الاٽي تحريڪ جيان اڄ هاري حقدار کي به عوام پاران وڏي موٽ ملي رهي آهي ڇاڪاڻ ته پاڪستان جو عوام اهو سمجهي ٿو ته هن عظيم ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ حسن ناصر شهيد جي جدوجهد کي سرخ سلام پيش ڪرڻ ۽ ان جي خون جو بدلو وٺڻ جو اهو ئي رستو آهي ته ان جي پارٽي جي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي.

 شاعري جي زبان ۾ پرويل خيال مزاحمتي شاعر حبيب جالب ۽عظيم ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ حسن ناصر جي شهادت کي ڀيٽا ڏيندي چيا هئا.

پهريون صفحو