Sunday, November 15th 2009 - Zu'l-Qad 26th 1430 H

 آچر 15  نومبر 2009ع  - 26 ذوالقعد 1430 هه

سنڌ جا آئيني حق، قوم پرست جدوجهد ۽ لانگ مارچ

قوم پرست تحريڪ ۾ نظرياتي لاڙا ۽ تحريڪ

وارث رضا

تاريخي طور سنڌ ۽ ان جو عوام پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ ٻين جي جمهوري حقن جي حفاظت لاءِ هميشه جاکوڙ ڪئي آهي. ملڪ ۾ ون يونٽ ۽ فوجي آمر ايوب خلاف تحريڪ هجي يا بنگالي قوم جي ڳالهه هجي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام هر مرحلي تي پنهنجو سياسي ۽ جمهوري ڪردار دنيا سامهون چٽو ڪري رکيو آهي. هي اها ئي سنڌ آهي جتان جمهوري ۽ عوامي قدرن جا سرواڻ حيدر بخش جتوئي، حسن ناصر، هوشو شيدي ۽ ڪامريڊ نظير عباسي جهڙا کاهوڙي اڳواڻ پيدا ٿيا. سنڌ جي عوام فوجي جنرل ضياءَ خلاف ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به سنڌ جي عوام پنهنجي سياسي ۽ جمهوري حقن جي  گڏيل تحريڪ جاري رکيل ۽ فوجي آمر مجبور ڪيو ته هو ملڪ جي عوام کي سياسي ۽ جمهوري آزادي ڏي. فوجي آمر ضياءَ جي دور ملڪ جي سڀني ادارن کي غير جمهوري ٺاهڻ سان گڏ اهڙا غير نظرياتي ۽ غير فطري قومپرست پيدا ڪيا جنهن اڳتي هلي سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ حقيقي قومپرست تحريڪ کي نقصان رسايو. اڄوڪي سنڌ حقيقي قومپرستي جي جاکوڙ ۾ مصروف آهي. سنڌ جي حقن جي حاصلات ۾ مختلف قومپرست سڏرائڻ واريون ڌريون عملي سياست ۾ مصروف آهن. جيتوڻيڪ هنن جي سياسي طاقت مضبوط آهي پر تنهن هوندي به اهي قومپرست ڌريون عوام لاءِ اڄ تائين هڪ سوال آهن. موجوده پ پ جي جمهوري حڪومت ۾ سنڌ جي قومپرست تحريڪ ۾ هڪ گڏيل سياسي جدوجهد ڪرڻ جي ڪوشش سنڌي سماج کي اڳتي وڌائڻ جوڳي آهي. جنهن کي نه جاري رکڻ گهرجي پر قومپرست اتحاد کي سازشن سان محفوظ بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سنڌ جي حقن لاءِ گڏيل جدوجهد کان پهرين قومپرستي جي حقيقي حيثيت ۽ اهميت کي سمجهڻ  لاءِ هڪ قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ تي نه رڳو ڳالهائجي بلڪه انهي بحث ذريعي عوامي تربيت جا در کولجن. ڇو ته قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ ئي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي مستقل حق ڏيارڻ جوڳي ٿيندي. اها بحث هڪ ڊگهي عرصي کان ٿي رهي آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ قومپرست تحريڪون پنهنجي اصل ۾حقيقي نظرياتي بنياد وجهي به سگهيون آهن يا رڳو قومپرستي جي نالي تي 19 هين صدي جي پولينڊ ۽ آسٽريا وانگر شاونسٽ تحريڪون آهن. قومپرست تحريڪن جي اهميت ۽ قومن جي وچ ۾ قومي مسئلي جو جائزو پهريون ڀيرو سماجي نقطي سان ”سوشلزم“ جي ڏاهن وروت، ڪميونزم جي باني ڪار ڪارل مارڪس جو قومپرستي باري ۾ خيال هو ته ”اها قوم جيڪو پنهنجي تسلط ٻين قومن تي رکڻ چاهيندي آهي هو پاڻ پنهنجي آزادي کي قيد ڪري رهي هوندي آهي اهڙي طرح فريڊوڪ اينگلس جو چوڻ هو ته ”ڪابه قوم ٻين تي قبضو ڪري آزادي حاصل نٿي ڪري سگهي“.

ساڳئي طرح سوشلسٽ روس ۾ قوميتن جي وڌندڙ رجحانن ۾ شاونسٽ روين تي لينن جائزو وٺندي اها ڳالهه چئي هئي ته ”سوشلسٽ غريب ۽ غلط قومن جي مدد ڪندا آهن ۽ انهن جي حقن لاءِ انهن کي جدوجهد ڪرڻ ڏانهن وڌائيندا آهن. پر قومپرست تحريڪن لاءِ اهو به ضروري آهي ته اهي ته هر غريب ۽ ڏتڙيل طبقي لاءِ ويڙهه ڪن ۽ هڪ اهڙي رياست جو تصور ڏين جنهن ۾ ڏتڙيل طبقي جي مفادن سان گڏ اصل جمهوري قدرون به هجن“

روس ۾ لينن جي انهي سوچ قومن کي حق خودمختياري سان گڏ زبانن جي احترام جو حق ڏياريو. اڄوڪي سنڌ ۾قومپرست تحريڪ کي سمجهڻ لاءِ سوشلسٽ فڪر کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. سنڌ جي عوام جي حقن جي جاکوڙ ۾ شاهه عنايت شهيد ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سوشلسٽ فڪر جي قربانين کي نه رڳو ياد رکڻ جي ضرورت آهي پر انهن کي سمجهڻ ۽ مسلسل غور ڪرڻ سان گڏ انهي کي سنڌ جي ماحول مطابق ڪرڻ لاءِ ڏاهپ لکڻيون لکڻ جي ضرورت آهي. انهي مرحلي تي اهو چوڻ يا سمجهڻ ته شاهه عنايت، شاهه لطيف، حيدر بخش جتوئي يا ڪامريڊ نظير عباسي رڳو قومپرست سياست جا پوئلڳ هئا. اها ڳالهه تاريخي ۽ علمي حوالي سان غلط آهي، انهي ڏس ۾ شاهه لطيف جي ”سر ڪاپائتي“ کي سمجهڻ اڄ عام اهمڪم آهي، انهي سر ۾ شاهه صاحب شاهه عنايت شهيد جي سوشلسٽ فڪر کي سنڌ جي حقن لاءِ ضروري خيال ڪري انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سر ڪائپائتي ۾ شاهه لطيف ڀٽائي طبقاتي جهڙي نظام کي چٽو ڪندي انهي کي عوامي جدوجهد ذريعي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. هاڻوڪي سنڌ ۾ علمي ڏاهپ ڏينهون ڏينهن غير معياري ٿيندي ٿي وڃي. سنڌ جي علمي ڏانهن پنهنجي عملي حيثيت ۾ هميشه سنڌ ۾ کاهوڙي ڪردار تي زور ڀريو آهي.

اسان جي قومپرست تحريڪ ۾ آهستي آهستي جذبائيت ختم ٿيڻ ڏانهن ٿيندي پئي وڃي ۽ انهي جي جاءِ تي سوچ ۽ فڪر جا در کلي رهيا آهن. جيڪا سنڌ جي حقن جي عوامي جدوجهد لاءِ هڪ سٺي واٽ آهي. انهي ڏس ۾ شاهه لطيف جي ”سرڪائپاتي“ کي ملن وانگر جذباتي انداز سان پڙهڻ بجاءِ انهن سرن کي سائنسي انداز سان پڙهڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ شاهه عنايت شهيد جي کاهوڙي جدوجهد جي نتيجي ۾ ”سر کاهوڙي“ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي خود تنقيدي تي عمل ڪندي پاڻ تي تنقيد ڪئي آهي ته هو کاهوڙي ناهي ٿي سگهيو.

سنڌ جي حقن ۽ عوام جي طبقاتي ڪردار کي وائکو ڪرڻ ۽ غير جذباتي سوچ جي ڪارڪنن اندر تربيت اڄوڪي قومپرست تحريڪ جو اهم ڪم آهي. قومپرستي جي نظرياتي بيهڪ کي سمجهڻ لاءِ جيستائين سوشلسٽ نظريي جي اهم اڳواڻ لينن کي نه پڙهبو تيستائين قومپرستي جي نظرياتي تربيت ۾ ”کاهوڙي“ ڪردار پيدا نه ٿيندو. ٻين قومن جي وجود کي تسليم ڪندي ۽ ٻين قومن جي حقن جي حفاظت ئي قومپرست تحريڪ ۾ ”کاهوڙي“ ڪردار جو سبب ٿيندي. ان ڏس ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي طبقاتي ڪردار جي جاچ ڪرڻ کان علاوه اهي سامراجي لاڙا به ڏسڻا پوندا جيڪي سنڌ جو اٽوٽ انگ ٿيندي به عوام دوست نه آهن ۽ سامراجي مفادن جي لاءِ هو قبائلي ۽ وڏيرڪي سوچ کي اڳتي ڪري رهيا آهن. قومپرست سياست کي هاڻوڪي حالتن ۾ جڏهن سامراج هر شئي جو مالڪ ٿيندو ٿو وڃي، اهڙا نظرياتي سوال ڪارڪنن ۾ اٿارڻا پوندا. جنهن جي ذريعي ڪارڪنن جي تربيت جا شعوري در کلن، آءُ علي حسن چانڊيو جي ان ڳالهه کان سهمت آهيان ته ”قومپرست تحريڪ ۾ هاڻي هڪ انقلابي ڪردار طور تربيت جي ضرورت آهي گڏيل فيصلن، گڏيل جدوجهد ۽ گڏيل ليڊرشپ جي طور سامهون اچڻ جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي.

سنڌ جون نياڻيون ۽ سياسي جدوجهد

ڊاڪٽر وزير گهنڃو

سکر ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپر تي لب مهراڻ جي ڪناري تي ڄهيل هڪ هوٽل جي گهاٽي سنبل جي وڻ هيٺان ويهي رهيس. هتي ويهڻ ۾ عجيب قسم جي آسيس ملندي آهي. هن ئي ڪنڌي تي سنڌ جي قلم ڌڻي شيخ اياز جو گهر آهي جنهن سنڌ جي حلالي پٽ جو ڪردار ادا ڪندي، سنڌ ۽ سنڌوءَ جي سونهن سوڀيا ۽ عظمت تي لکين لفظ ارپيا

سنڌ ديس جي ڌرتي او توتي

پنهنجو سيس نمايان مان

مٽي ماٿي لاهيان مان......

هوٽل جو بيرو منهنجي فرمائش تي هڪ ڪڙڪ چانهه کڻي آيو سنڌوءِ جو ديدار سامهون آ. ائين محسوس  ٿي رهيو آ ڄڻ ڪا ماءٌ پنهنجي ٻچي کي جهول ۾ جهلي ويٺي هجي. سنڌ ڌيمي انداز ۾ ڪنهن واهه جي صورت ۾ وهي رهيو آ. سندس سيني ۾ ڪا به موج ۽ مستي نه اٿس ۽ ڪا به لهر لوڏ ۽ دهشت نه اٿس ائين لڳي رهيو آ

کڻي پئي پساهه

پسڻ ڪارڻ پرين جي

ٻن ننڍڙن بتيلن ۾ سوار ٻار تفريح ڪري رهيا آهن. هي اهو ئي سنڌو آ جنهن جي دم ۽ دهشت، سونهن ۽ سوڀيا تي لطيف مرشد کان وٺي شيخ اياز، شمشير الحيدري، امر جيل، تنوير عباسي، نجم عباسي، رسول بخش پليجو، جي ايم سيد، استاد بخاري، حيدر بخش جتوئي، سرويچ سجاولي، عبدالڪريم گدائي، تاجل بيوس، انور پيرزادو، علڻ فقير، جيجي زرينه بلوچ، عابده پروين محمد يوسف ۽ ٻين ڪيترن ئي سنڌ دوست اديبن، دانشورن، فنڪار، شاعرن، ساڃاهه وند صحافين ۽ قلم ڌڻين ڳالهايو، لکيو ۽ ڳايو آ. تنهن جو ضمير هي آ ته ”سنڌ سنڌوءَ جي موجن سان سلهاڙيل آ“ سنڌ ۽ سنڌوءَ کي هنن امڙ جو درجو ڏنو آ.

پر اڄ ان امڙ جي جهوليءَ ۾ ڪا به ڇولي نظر نه ٿي اچي اها هستي نظر نه ٿي اچي ۽ اها سرمستي نظر نه اچي ڄڻ ته اها خاموشي سان پنهنجي نالائق پٽن جي لاتعلقي، اڻڄاڻائيءَ، خاموشي ۽ غداري تي ماتم ڪندي گذرندي هجي.

ها، پوءِ به اهڙي ڌيمي چال ته ضرور اٿس جهڙي عوامي تحريڪ جي قائد محترم رسول بخش پليجو جي قيادت ۾ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچيءَ تائين جي پيرين پنڌ قافلي ۾ شامل ٻارن ۽ مردن سان گڏ سنڌياڻين جي آ. جيڪي ڳاڙها جهنڊا هٿن ۾ کنيو هڪ سچي سپاهيءَ جيان قطار ۾ هلندي، سنڌ ۽ سنڌوءَ کي بچائڻ جا نعرا هڻنديون، اڳتي وڌي رهيون آهن.

اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي

متان ائين سمجهين مئا مور سارا

هي اهي سنڌياڻيون آهن جن هن کان اڳ چار ڀيرا سنڌ جي حقن خاطر لانگ مارچون ڪري، وقت جي سنڌ دشمن ويرين سان مهاڏو اٽڪائي، ڪيئي خاموش فتحون حاصل ڪيون آهن. انهن فتحن مان هڪ وڏي فتح، بچيل سنڌوءَ کي واڳن جي وات مان ورائڻ آهي. يعني سنڌوءَ لاءِ ازدها نانگ ڪالا باغ ڊيم کي ختم ڪرائڻ ۾ هنن سنڌ جي سورمين جو مردن سان گڏ ٻچن سميت ڪيل شاندار جدوجهد اهو ثابت ڪيو آ ته لطيف جون سورميون اڃان زنده آهن.

هيءَ اهائي سنڌياڻي تحريڪ آ جنهن جي پرعزم ارادن، جذباتي ولولن ۽ گورنر هائوس ڪراچيءَ اڳيان سنڌ ۽ سنڌو کي بچائڻ لاءِ هڪ نڊر سپاهي جيان وڙهندو ڏسي سنڌ جي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو به مٿن هڪ ڀروسو ڪري ويئي. اهو ڀروسو سندس ساڀيان ٿيو، جڏهن سنڌ جي ڏاهي محترم رسول بخش پليجو ۽ محترما بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ ڪالا باغ ڊيم اڏڻ جي اعلان خلاف، لکين سنڌياڻيون ڪمون شهيد تي لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيون. اهو منظر ڏسڻ وٽا هيو. هر چهري تي فتح جا آثار نمايان هئا.

ان وقت جڏهن شهيد بينظير ڀٽو جي نعرن جو جواب لکين مردن ۽ ٻارن سان گڏ سنڌياڻين ٿي ڏنو تنهن مهل محترما بينظير ڀٽو کي به سنڌ پاران ڏنل لقب ”ماروي ملير جي“ جو فرض چڪائيندي ضرور محسوس ٿيو هوندو. ڇو ته اهو ڌرڻو لطيف جو درياءَ بچائڻ لاءِ هيو.

ان ڌرڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان وقت جي سرڪار نواز ليگ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون.

ان کان پوءِ نوازشريف طرفان ڊيم ٺاهڻ جي اعلان وارو خطاب ختم ڪيو ويو ۽ محترمه بينظير ڀٽو تي روز نئون هٿ ٺوڪيو ڪيس مڙهڻ جو سلسلو گهٽجي ويو ۽ محترمه تي ٻاهر وڃڻ جي پابندي ختم ٿي.

ان جدوجهد سان سنڌ کي ٻه وڏا فائدا ٿيا. هڪ محترمه ان کان پوءِ ٻاهر وڃي نئين سياسي دور جي شروعات ڪئي ۽ ٻيو هيسيل هرڻيءَ جيان وهندڙ سنڌوءَ مٿان رکيل ڪات وقتي طور پري ٿي ويو. پر لطيف چواڻي

هي تان ٿوريون _ جي تو ڀورا ڀانئيون

راتيون ٻيون گهڻيون _ جي تو اينديون هيڪلي

ان کان پوءِ سنڌ مٿان جنرل مشرف جون اٺن سالن جون ڪاريون راتيون هن سنڌ ۽ مهراڻ ڏٺيون.

پر وقت تي حق ۽ سچ جي نگاهه رکندڙ ماڻهن ڏٺو ته ان ڀيانڪ ڪارين راتين جي رستن تي به هي ئي قافلا هئا جن اسان کي وقتي فتحون ڏنيون.

اڄ سنڌ اندرين ۽ ٻاهرين دشمنن جي ٻٽي عذاب مان گذري رهي آهي قبائلي جهيڙا ڪرائي، ماڻهو مارائي، چوريون، ڦرلٽون ۽ ڌاڙا هڻائي ۽ ماڻهو اغوا ڪرائي، سڄي سنڌ ۾ خوف ۽ دهشت وارو ماحول بڻايو ويو آهي. ماڻهن جو ماڻهن تان ئي ويساهه کڻايو ويو آهي. دهشتگرد ڀوتارن پاران پنهنجن انائن ۽ دهشت کي قائم رکڻ لاءِ ڪارو ڪاريءَ جي آڙ ۾ پنهنجي گورک ڌندن کي قائم رکڻ لاءِ قبائيلي دهشتگردي قائم ڪئي وئي آهي.

انهن سمورن عذابن مان ڇوٽڪاري جا جواب سچ پچ ته هن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پنڌ ڪندڙ قافلي مان گهونجندڙ نعرن مان ملن ٿا. جواب ملن ٿا ان قافلي ۾ شامل لطيف جي ڪردارن جي عڪاسي ڪندڙ بهادر عوام ۽ سنڌياڻين جي پيرن جي پٿون ٿيڻ مان ۽ انهن پيرن مان وهندڙ رت جي نشانن مان سنڌ بچائڻ جي رستي ۾ اٿندڙ هر قدم، سنڌ جي نئين تاريخ لکي ٿو ۽ هن مقصد ۾ وڌندڙ هر هڪ وک اسان جي من ۾ موجود گهڻن ئي سوالن، وهمن ۽ وسوسن جا جواب ڏي ٿي.

قافلي ۾ شامل نياڻين ۽ معصوم ٻارن جا پير پٿون ڏسي ۽ انهن جي جوش، جذبي ۽ ولولي کي ڏسي ڪيترائي جهريل روح توانا ٿي ويا آهن. هي قافلو هن ڀيانڪ ۽ دهشتزده ماحول ۾ ڄڻ ڪو نئون نياپو کڻي آيو هجي، نئين آس، اميد ته سنڌ ۾ ڪجهه ٿيڻ گهرجي جي اڪير کڻي آيو هجي. وري همٿ ۽ جوت جاڳي آ وري ڪا چڻنگ دکي آ ۽ پاڻ کي وري گڏ ٿيڻ جو موقعو مليو آ. جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو خودڪشيون نه ڪن! پنهنجا ٻچا نه وڪڻن، امير ترين سنڌ جا ماڻهو غريب ترين نه هجن سنڌ جا ڦريل معدني وسيلا واپس ورتا وڃن ۽ مهراڻ جون موجون موٽايون وڃن ته پوءِ پاڻ کي هن عملي جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو.

مهراڻ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل گهاٽن وڻن مان ڪان ڪان جا آواز شروع ٿين ٿا. خيالن جو سلسلو ٽٽي ٿو. ٻيڙيءَ وارن سڙهه ڪناري لڳايا آهن. سج جي سنڌوءَ مٿان سرخاڻ سانجهيءَ جو پيغام ڏئي رهي آهي. مان ڪرسيءَ تان عوامي آواز اخبار کڻي روانو ٿيان ٿو. مان هر ان اخبار کي ساڻ کڻڻ ۾ فخر ٿو محسوس ڪيان، جنهن ۾ سنڌ جي سڏ کي ورنايو وڃي ٿو. عوامي آواز به قافلي جي هر ڏينهن جي خبر نمايان ڏئي، ائين محسوس ڪرايو آهي ڄڻ ته اها به هن قافلي سان پيرين پنڌ اچي ٿي.

کڻي پئي پساهه

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي

سنڌ جون سريويچياڻيون پنڌ ۾

سليم جمالي

3 نومبر 2009ع جو ڏينهن منهنجي زندگي جو نرالو ۽ يادگار ڏينهن هو جڏهن آئون صبح جو سويري سنڌ جي اقتدار اعليٰ، پاڻي، زمينون، شهر، وسيلا ۽ ٻولي بچائڻ لاءِ ننڍي کنڊ جي طويل لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هٽڙي پهتو هئس.

لانگ مارچ جڏهن هٽڙي کان حيدرآباد ڏانهن روانو ٿيو تڏهن قافلي ۾ شريڪ ٻارن، نوجوانن، پوڙهن مردن ۽ عورتن ۾ مون جيڪا پنهنجي ڌرتي وطن، درياهه، وسيلن ۽ قومي وجود کي بچائڻ لاءِ جيڪي شعور ڏٺو تڏهن مون کي سنڌي قوم جي حقيقي آزادي جي منزل ويجهو ڏسڻ ۾ آئي.

مردن سان گڏ سنڌياڻيون جيڪي مارچ ۾ هيون هو ڄڻ للڪاري رهيون هيون انهن جي اکين ۾ آزادي جو سپنو هو، هو ميدان عمل ۾ هيون هو ائين هلي رهيون هيون جيئن آزادي جا سپاهي فتح کان پوءِ پنهنجي ڌرتي تي مارچ ڪندا آهن.

پر مون جي اکين ۾ ان وقت لڙڪ تري آيا جڏهن هڪ کير پيئائيندڙ عورت جو معصوم ٻار روئي رهيو هو. اها بهادر عورت پنهنجي ٻار کي چپ ڪرائڻ بدران گجگوڙ نعرن جا جواب ڏيڻ ۾ مصروف هئي، ان وقت موت جي ذهن ۾ ويٽنامي عورتن جون پنهنجي ديس جي آزادي لاءِ ڏنل قربانيون ياد آيون ۽ شيخ اياز جي اها وائي ياد آئي.

جيڪا هن سنڌياڻي تحريڪ کان متاثر ٿي لکي هئي.

پڙ ۾ آهه پچار، نه گهر گهگهيريون آئيون،

وڃن پيون واٽ تي، ٻانهن جهلي ٻار،

گهر گهگهيريون آئيون

کير پياڪ ٻار روئي رهيو هو شايد کيس کير جي ضرورت هئي پر امڙ جيڪا ڪنڌڪوٽ کان 600 ڪلو ميٽر جو پيادل مارچ ڪري آئي هئي تنهن جي ڇاتي ۾ ڇا کير هوندو.

اها سورمي پنهنجي ٻار جي روئڻ جو فڪر انهي ڪري نه ڪري رهي هئي جو اها امڙ پوري سنڌ جي ٻارن جي آزادي واري جدوجهد ۾ مصروف هئي ۽ هن کي پوري سنڌ جي ٻارن جي آزادي جو فڪر هو. سنڌ جون عورتون پنهنجي مٿي تان گنديون لاهينديون ڪو نه آهن ڇو ته هو پنهنجي گندي تي فخر ۽ ناز ڪنديون آهن پر لانگ مارچ ۾ ڪيترن ئي امڙين جي مٿي مان مون گنديون پنهنجي ڌرتي جي بقا لاءِ لٿل ڏٺيون هيون.

هنن کي ٽائيم ئي ڪو نه جو هو مٿي تي گنديون رکن هو اڳيان وڌڻ واريون سرويچياڻيون هيون. هنن کي پنهنجا شهر فتح ڪرڻا هئا. لانگ مارچ ۾ مون هڪ بهادر دلير  عورت ڏٺي جنهن کي بلوچي لباس پاتل هو شايد ڪنڌڪوٽ واري علائقي جي هئي، هٿ مٿي کڻي جيئي سنڌ جي نعرن جو جواب ڏيئي رهي هئي.

سندس جذباتي انداز ۾ نعرا هڻڻ ۽ جواب ڏيڻ کي مون جڏهن غور سان ڏٺو تڏهن مون کي اتر سنڌ جي عورت جي غلامي واري زندگي جو خاتمو ڏسڻ ۾ آيو.

سنڌياڻي تحريڪ جون سرويچياڻيون جڏهن ڳاڙها جهنڊا اڀا ڪري گجگوڙ نعرا هڻندي هوشو جي شهر حيدرآباد پهتيون تڏهن سندن نعرا للڪاريون بڻجي دشمنن جون دليون ڌڌڪائي رهيا هئا.

تڏهن مون کي شيخ اياز جا اهي لفظ ياد آيا جيڪي هن 10 جولائي 1987ع تي شاهپور چاڪر ۾ ٿيل سنڌياڻي تحريڪ جي ڪنويشن لاءِ موڪليا هئا.

” مون اوهان کي پنهنجي شاعري جو حصو بڻائي ڇڏيو هو اوهان منهنجي خواب جي عظيم ترين تعبير آهيو منهنجي ان مستقبل جي تصور جي بهترين تصوير آهيو جي اڳتي هلي اسان جي نجات ثابت ٿيندو“

مطلب ته هر سنڌياڻي پوءِ اها جوان نينگري هجي يا کير پياريندڙ امڙ اڌوهيءَ واري هجي يا پوڙهي جيجي هر هڪ امڙ انهيءَ ڏينهن ڌرتي جي آزادي واري جدوجهد ۾ مصروف هئي.

هنن امڙين کي وطن جي سڪ ۽ تڙپ واري انداز ۾ ڏسڻ کان پوءِ مون کي سنڌ امڙ جي آزادي جو سج ويجهو ڏسڻ ۾ آيو.

قومي عوامي لانگ مارچ

ايڊووڪيٽ وسند ٿري

 

هوريان هوريان، ٽولي ٽولي

سنڌي بني آ، ڇولي ڇولي

چنريون، پَٽڪا، ٽوپي، اجرڪ

رنگ برنگي هولي هولي

پنهنجا تون پار، ڏسي ڇڏ

هوڏانهن سڀ غدار، ڏسي ڇڏ

دهشتگردن جا هيڏا فوٽا

پنهنجي بنا خبر اخبار، ڏسي ڇڏ

سنڌ جا هيڏا ليکڪ سارا

جي اڄ بڻيا ڪمدار، ڏسي ڇڏ

پنهنجي کي جو پڙهڻ نٿا ڏين

هو ڪنهن جا آهن ٻار، ڏسي ڇڏ

هِت هُت چون واويلا هي

پيگ تي پياليدار ڏسي ڇڏ

روز ڪن ٿا ٽوڪون، چٿرون

ڀڙوا ۽ بيمار، ڏسي ڇڏ

سڀ کي سڃاڻڻ جي خاطر

سڀ کان نياري لانگ مارچ

ڳالهه ٻڌو هي ساٿي سارا

سنڌ جا ٿيندا وارا نيارا

آزادي اعلان آ اسان جو

هاڻي لڳايو نينهن جا نعرا

ڳٽ غلامي جا لاهينداسين

نئون سماج بڻائينداسين

ملن، گئسن ۽ تيلن تي هاڻ

پنهنجا حق ڄمائينداسين

ڦريل زمينون واپس واري

ٻنيون ٻارا ٺاهينداسين

ڌاريا لوڌي ڌرتي ڌوئي

سنڌڙي جنت ٺاهينداسين

وستي وستي واهڻ واهڻ

ڳاڙهو جهنڊو جهولائينداسين

حق سمورا وٺي پوءِ پيارا

هو جمالو ڳائينداسين

جاري آهي جاري رهندي

هي منزل واري لانگ مارچ.

قومي عوامي لانگ مارچ

سنڌ هي ساري لانگ مارچ

وسيلن خاطر، لانگ مارچ

ڌرتي جي خاطر، لانگ مارچ

پاڻي جي خاطر، لانگ مارچ

ناڻي جي خاطر، لانگ مارچ

روزگار جي خاطر، لانگ مارچ

واپار جي خاطر، لانگ مارچ

تعليم جي خاطر، لانگ مارچ

ٻچڙن جي خاطر، لانگ مارچ

شهرن جي خاطر، لانگ مارچ

راڄن جي خاطر، لانگ مارچ

ڀيڻن جي خاطر، لانگ مارچ

ڀائرن جي خاطر لانگ مارچ

هي سنڌ جي خاطر، لانگ مارچ

سڄي قوم جي خاطر، لانگ مارچ.

 

ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين

سنڌي سنڌي سنڌي سائين

نينگر جاڳيون، ڇوڪر جاڳيا

هاڻ ته پيارا ڇا ٿو ڀائين

هي جهانگي ۽ جهونجهار اٿي پيا

ارڏا اڙٻنگ، يار اٿي پيا

ڳوٺن مان ڪئين ڳڀرو ڳڀرو

پوڙها ڪي پڳدار اٿي پيا

جاڳو جاڳو سنڌيو جاڳو

جاڳڻ جا جتنار اٿي پيا

وير به پنهنجا وارڻ جي لئه

ويڙهيچا وينجهار اٿي پيا

پنهنجن ڀيڻن، مائن سان گڏ

ماڻهو مڻيادار اٿي پيا

سنڌي نياڻيون، ٻار ٻڍا سڀ

ماڻهو لک هزار اٿي پيا

ڳاڙهن ڳاڙهن جهنڊن سان هي

ڳاڙهي ڳاڙهي لانگ مارچ.

 

جاڳو جاڳو پورهيت هاري

جاڳو جاڳو ڪڙمي ڪاري

جاڳڻ جو هي، گهنڊ وڳو آ،

جاڳ ته پيارا، جنگ آ جاري

مزدور مرن پيا، ڪارڻ ڇاهي

مردار ڦرن پيا، ڪارڻ ڇاهي

هُن جي گهر ۾ گلم غاليچا

چَنگ چُرن پيا، ڪارڻ ڇاهي

ڪپهه اپايون، ملون هلايون

ڳڀو به ناهي، ڪارڻ ڇاهي

ٻنين مان انبار ڪڍون ٿا

لولو به ناهي، ڪارڻ ڇاهي

ووٽ وٺڻ کان پوءِ وڏيرو

خدا سڏائي، ڪارڻ ڇاهي

روٽي، ڪپڙا اور مڪان

نعرا لڳائي، ڪارڻ ڇاهي

هي سارو ڪارڻ سمجهائڻ لاءِ

هي پنهنجي پياري، لانگ مارچ.

پهريون صفحو