|
پاڪستان جي ٺهڻ وقت 1947ع ۾ ٻه شوگر ملون ڪم ڪري رهيون
هيون ۽ اهي ملون خانگي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ ناڪافي هيون،
کنڊ جي ڏس ۾ پرڏيهي ملڪن مان کنڊ گهرائڻ تي تمام گهڻو پئسو
خرچ ٿيندو هو، کنڊ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت 1957ع ۾
ڪين ڪميشن قائم ڪري ملڪ ۾ شوگر مل لڳائڻ جو پروگرام ٺاهيو،
پاڪستان هاڻي دنيا جي 105 ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي کنڊ ٺاهڻ
وارو ملڪ آهي.
کنڊ جي استعمال جو رجهاڻ پاڪستان ۾ گذريل 17 سالن کان
ڏينهن و ڏينهن وڌندو ٿو وڃي، آبادي جي اضافي ملڪ ۾ کنڊ جي
ضرورت کي وڌائي ڇڏيو آهي، 07_2006 ۾ پاڪستان جي هڪ گهر ۾
8. 28 ڪلو گرام کنڊ خرچ ٿيندي هئي جيڪا هاڻ 30 ڪلو گرام
تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي ملن کي سڀ کان وڌيڪ
فائدو 05_ 2004 جي دوران ٿيو، کنڊ جي بحران جو جائزو وٺبو
ته هي بحران اصل ۾ 6_2005 کان آمر مشرف جي حڪومت ۾ شروع
ٿيو، آمر مشرف جي حڪومت ۾ انهن جي اتحادين جي شوگر ملون
هيون سو انهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ کنڊ جو بحران تي ان وقت
جي حڪومت قابو نه ڪيو.
مشرف، شوڪت عزيز حڪومت کنڊ جي انڊسٽري جي بحران کي ختم ڪرڻ
يا کنڊ جا وڌيڪ ڪارخانه لڳائڻ بدران انهي جو آسان طريقو
کنڊ جي اگهن ۾ اضافي وارو ڪڍيو، جنهن سان هڪڙي پاسي کنڊ
مالڪن کي فائدو ٿيو ته ٻئي پاسي عام ماڻهو مهانگائي هيٺ
اچي مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور ٿيو، انگ اکرن موجب
آڪٽوبر 2006 ۾ کنڊ جي مارڪيٽ قيمت 20.78 رپيا هئي جيڪا
مشرف، شوڪت عزيز حڪومت جي پاليسين جي ڪري وڌي فيبروري 2006
۾ 42 رپين تائين پهتي جنهن کي پرڏيهه مان کنڊ گهرائي 26
رپيا ڪيو ويو.
کنڊ جي پيداوار ۾ صوبن جو ڪردار:
ملڪي کنڊ جي پيداوار ۾ پنجاب طرفان 60 سيڪڙو سنڌ 30 سيڪڙو
جڏهن ته سرحد مان 10 سيڪڙو کنڊ حاصل ڪئي ويندي آهي
پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 77 کنڊ جي ملون ڪم ڪري رهيون آهن،
جن ۾ پنجاب اندر 39 ملون سنڌ ۾ 32 ۽ سرحد ۾ 6 ملون کنڊ جي
پيداوار ۾ مصروف رهنديون آهن، پاڪستان ۾ ڪمند جي پيدوار
لاءِ پنجاب جو تقريبن 906.30 هيڪٽر ايراضي استعمال ٿيندي
آهي جڏهن ته سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ ڪمند جي پيدوار لاءِ
28968 هيڪٽر ايراضي استعمال ڪئي وڃي ٿي. پنجاب ۽ سرحد ۾ 90
سيڪڙو ڪمند جي پوک بهار موسم جڏهن ته 10 سيڪڙو سرهه موسم ۾
ڪئي ويندي آهي. ڪمند جي فصل جي حوالي سان سنڌ ۾ سرهه جي
موسم ۾ 70 سيڪڙو پوک جڏهن ته بهار موسم ۾ 30 سيڪڙو پيداوار
ٿيندي آهي. اهڙي طرح پنجاب ۽ سرحد ۾ کنڊ جي پيدوار 8 کان
10 مهينن تائين هلندي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ کنڊ جي پيداوار 12
کان وٺي 14 مهينن تائين ٿيندي آهي. ڪمند جي ڪٽڻ جو سيزن
پنجاب ۾ نومبر جڏهن ته سنڌ ۾ آڪٽوبر ۾ شروع ٿيندو آهي.
پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ جي کنڊ جي پيداواري صلاحيت ڪيترو
قدر بهتر آهي، سنڌ ۾ ڪمند جي فصل پاڻي جي ڪري بهتر ٿيندي
آهي. اهو سبب آهي جو سنڌ جي قومپرستن ڌرين ۽ سنڌ جا
آبادگار پاڻي جي ورڇ جي حوالي سان دانهون ڪري رهيا آهن. پر
وفاقي حڪومت توڙي نوڪر شاهي سنڌ جي پاڻي جي کوٽ تي ڪا به
توجهه نه ڏيئي رهي آهي.
کنڊ جي بحران جو اصل سبب :
ملڪ توڙي صوبن ۾ کنڊ جي بحران جي اصل ذميدار آمر مشرف ۽
شوڪت عزيز جي پرڏيهي طاقتن کي خوش ڪرڻ واري پاليسيون رهيون
آهن. جڏهن ته پاڪستان ۾ کنڊ جي بحران جي اصل وجهه مشرف دور
۾ کنڊ جي افغانستان ۾ اسمگلنگ کي چيو ويندو آهي، مشرف جي
سڄي آمراڻي دور ۾ پرڏيهي سرمائيدارن کي خوش ڪرڻ جي پاليسي
تحت کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنهن ۾ کنڊ
جي امپورٽ تي ڪڪ بيڪس وٺڻ جو نوڪر شاهي نظام عروج تي پهتو
۽ ملڪ ۾ کنڊ يڪدم 18 رپين کان 2006 ۾ 42 رپين تائين پهچي
ويئي. جڏهن ته دهشتگردي ۾ ملوث افغانستان کي کنڊ سپلاءِ
ڪرڻ ۾ مل مالڪن کي فائدي جي لالچ ڏيئي سموري پيدا ٿيل کنڊ
کي افغانستان مهانگن اگهن تي فروخت ڪئي ويئي. کنڊ جي
اسمگلنگ جو رجهان اڄوڪي جمهوري دور ۾ به جاري آهي جنهن ته
ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ نوڪر شاهي حڪومت سان ملي ڪري انهن مل
مالڪن کي هٿي ڏيئي رهي آهي.
کنڊ جي بحران جو اصل ذميدار ڪير:
پ پ جي جمهوري حڪومت ۾ ويٺل اڳواڻن ڪڏهن به ميڊيا ۽
پروپيگنڊا تي ڪا به پاليسي نه ٺاهي آهي ۽ ميڊيا پروپيگنڊا
جي حوالي سان پ پ 1974ع کان وٺي اڄ تائين ناڪام آهي، انهيءَ
ڏس ۾ پ پ جي قيادت کي اها خبر ئي نه آهي ته انهن جا سڄڻ ۽
دشمن ڪير آهن، هي پ پ جي اها تنظيمي خرابي آهي جنهن تي
ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي شعبي ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪميٽي ٺاهڻ
گهرجي جيڪي صحافت جي عظيم پيشي سان لاڳاپيل آهن ۽ جن جو
ماضي، حال بي داغ آهي، نذير ناجي ۽ شاهد مسعود جهڙن ماڻهن
تي اعتبار ئي پ پ جي پروپيگنڊا مهم جي شڪست رهيو آهي.
کنڊ جي بحران جي اصل ذميدارن کي پ پ جي حڪومت اڃا تائين
پڌرو نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته تاريخي طور کنڊ جو بحران
2005 ۾ آمر مشرف، شوڪت عزيز حڪومت ۾ شروع ٿي ويو هو. انهيءَ
زماني ۾ کنڊ 18 رپيا هئي ۽ ملڪي کنڊ جي بدران پرڏيهي
ڪمپنين کي توازن لاءِ کنڊ پرڏيهه مان گهرائي وئي. جڏهن ته
آمر مشرف جي حڪومت ۾ انهن جي اتحادين مسلم ليگ ق ۽ ايم ڪيو
ايم انهيءَ مسئلي تي ڪو احتجاج نه ڪيو، انهيءَ جو سبب هي
هو ته کنڊ جي مالڪن ۾ گهڻو ڪري اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي
آمر مشرف جي حڪومت جا اتحادي هئا. انهن کي فائدو وٺرائڻ
لاءِ آمر مشرف، شوڪت عزيز، اسمگلنگ جي غير سرڪاري اجازت
ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مشرف جي ساٿين پنهنجي کنڊ کي
افغانستان اسمگل ڪيو ۽ جڏهن انهيءَ تي گوڙ ڪيو ويو ته
ساڳين ئي ملڪ مالڪن آڪٽوبر 2006 ۾ کنڊ جا اگهه 42 رپين
تائين پهچايا، هن سڄي صورتحال ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ ملڪي
ضرورتن لاءِ ڪ ابه پلاننگ نه ڪئي وئي ۽ پوءِ جڏهن پ پ
حڪومت آئي ته انهيءَ کي اهو مسئلو اڳوڻي حڪومت کان ورثي ۾
مليو.
تجزئي نگارن جو هڪ خيال اهو به هو ته آمر مشرف ملڪ جي
اڪانامي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري پ پ کي حڪومت کان
ٻاهر رهڻ گهرجي. پر شايد پ پ ۾ ويٺل سياسي ڏاها صورتحال جو
صحيح جائزو نه وٺي سگهيا ۽ پ پ جي حڪومت وجود ۾ آئي. پ پ
جي جمهوري حڪومت جو خيال هو ته هو عوام لاءِ ڪجهه رليف
ڏياري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڪنٽرول ڪري وٺندا. پر اڳوڻي
آمر مشرف جي معاشي مسئلو پ پ حڪومت جي عوام ۾ ناڪامي جو هڪ
اهم سبب ٿي رهيا آهن. پ پ جي وفاقي توڙي صوبائي حڪومت آمر
مشرف جي حمايتين کي پنهنجو اتحادي ٺاهڻ تي مجبور آهي،
جيتوڻيڪ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ، کنڊ جي بحران جا اصل ذميدار آمر
مشرف جا ساٿي آهن. اڄ پ پ جي حڪومت جو نوڪر شاهي تي ڪنٽرول
ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ حڪومتي فيصلن تي عمل
ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. پ پ کي گهرجي ته هو
جمهوري سياسي ۽ کاٻي ڌرين سان تعلقات ٺاهي ۽ پنهنجي تنظيمي
ڍانچي کي عوام جي تڪن تائين ڦهلائي، نوڪر شاهي تي اعتبار
ڪرڻ بدران سياسي ڪميٽين ذريعي کنڊ ۽ ٻين بحرانن تي قابو
آڻي، ان سلسلي ۾ عوام ان سان سهڪار ڪندو. نه ته پوءِ عوام
جو انتقام جمهوريت کي لڏائي ٿو سگهي، انهيءَ سان گڏ اهو
ياد رکجي ته ملڪي بحرانن جي ذميداري حڪومتن تي ئي هوندي
آهي، انهيءَ ڏس ۾ بحرانن کان ڪيئن نڪرجي اهو ڪم پ پ جي
حڪومت جو آهي، ڇو ته پ پ هاڻي عوام جي منتخب ٿيل حڪومت آهي.
کنڊ جو بحران ڇا لٺين تي دنگ ڪندو!
ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جي اچڻ شرط جتي دهشتگردي ۽ اقتصادي
تباهيءَ جا چئلينج سامهون آيا اتي اٽي ۽ عام واهپي جي شين
جا اگهه گهٽائڻ جو به چئلينج مليو، جڏهن ته بيروزگاري به
سنڌ جو ته خاص طور ناسور بڻجي ويل مسئلو آهي، حڪومت هر
عوامي مسئلي کي ماضيءَ جو تحفو قرار ڏيندي جلد حل ڪرڻ جا
اعلان ڪندي رهي آهي پر اڃان تائين ان ڏس ۾ ڪا وڏي ڪاميابي
حاصل نه ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري عوام جي اهڙي بيچينيءَ جو
اسٽيبلشمينٽ حامي پارٽيون فائدو حاصل ڪرڻ ۽ حڪومت خلاف
عوام کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، گذريل رمضان شريف ۾
جڏهن حڪومت اٽو 10 رپيا في ڪلو وڪڻڻ جو اعلان ڪيو ته ماڻهن
جون قطارون لڳي ويون جن کي لٺيون هڻي ڀڄايو ويو فائدو وري
به وڏن ماڻهن ۽ واپارين کي ٿئي ٿو. جن روايت موجب ڳجهه
ڳوهه ۾ مڻن جي حساب سان اٽو خريد ڪري اسٽاڪ ڪيو ۽ وڏي اگهه
تي وڪڻي وڏو نفعو ڪمايو، مسڪين ماڻهن فقط هڪ ويلو اٽو حاصل
ڪرڻ لاءِ زندگين جو نذرانو ڏنو. ڪراچيءَ ۾ کوڙي گارڊن وارو
سانحو ته وسرڻ جوڳو ئي نه آهي جتي ڪيتريون ئي عورتن اٽي لپ
لاءِ حياتي وڃائي ويٺيون ۽ سندن معصوم ڳڀي جو انتظار ئي
ڪندا رهجي ويا نه امڙ موٽي نه کين ڳڀو نصيب ٿيو، انتظار
ڪندڙ لکين معصومن کي مائرن، ڀينرن، ڏاڏين ۽ نانين جا مڙهه
مليا، هاڻي به اٽو مسڪين جي خريد کان چڙهيل آهي، عام واهپي
واري هر شئي جي اگهه ۾ 200 سيڪڙو واڌ ٿي وئي آهي، ان ڪري
غريب ماڻهن کي پنهنجن ٻچن لاءِ 2 ويلا پيٽ ڀرڻ ۾ به پريشان
ٿي رهي آهي، هاڻي وري گذريل ٻن مهينن کان کنڊ اڻلڀ آهي،
شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ هوٽلن وارن جو ڪاروبار نه هجڻ ڪري
چانهه جو ڪوپ سان نيرن ڪري مزدوري لاءِ ويندڙ پورهيت به
پريشان آهن، ڏسندي ئي ڏسندي 25 رپيا ڪلو واري کنڊ 100 رپيا
ڪلو ٿي وئي آهي، سا به سفارش تي وڏن ماڻهن کي ميسر آهي،
حڪمرانن فرمايو ته ڳڙ ۽ مٺائي استعمال ڪيو، کين اها به خبر
نه آهي ته ڳڙ ۽ مٺائي ته اڳ ئي کنڊ کان به مهانگي آهي،
هاڻي وري اٽي وارو تجربو هجڻ باوجود روزانو 2 ڪلاڪ يوٽيلٽي
اسٽورن تان 38 رپيا في ڪلو کنڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي،
جنهن کان پوءِ غريبن هڪ ڀيرو ٻيهر قطارن ۾ بيهي لٺيون کائڻ
لاءِ پٺن کي تيل مالش شروع ڪئي آهي، سول اهو آهي ته حڪمران
اهڙين سازشن کي سمجهڻ ۽ ناڪام بڻائڻ لاءِ پاليسيون ڇو نه
جوڙي رهيا آهن. چوڻ وارا ته چون ٿا ته حڪومت ۾ ويٺل اڪثر
قومي ۽ صوبائي وزيرن جون پنهنجو شگر ملون آهن. افسوس ته
حڪومت مخالف شگر ملز مالڪن جيان اهي به پنهنجون شگر ملون
وقت کان اڳ نه سهي مقرر مدي ۾ به چالو ڪري کنڊ جو اسٽاڪ
مارڪيٽ ۾ آڻي سازش ناڪام بنائي نه سگهيا آهن. اهڙي صورتحال
آخر ڪٿي دنگ ڪندي؟ ان جو انت ڪا ٿي ٿيڻو آهي؟ فائدو ڪنهن
کي ۽ نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي؟ خبر ناهي ڇو حڪومت ۾
ويٺلن کي ان جو احساس نه آهي، ڇاڪاڻ ته خبر ناهي ته جمهوري
حڪومت جي مخالفن جو اٽي ۽ کنڊ بحران کان پوءِ ڪهڙو هدف
آهي، ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته اهڙي سازش ۾ لڪل ڳجهن هٿن
کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پهچائي ان کان اڳ جو کنڊ
بحران کان پوءِ مرچن يا لوڻ جو بحران پيدا ٿئي. کنڊ جي
اسمگلنگ جي ڏس ۾ ڪا ميپٽيشن ڪميشن جي چيئرمين سپريم ڪورٽ
آڏو موقف رکي چڪو آهي ته کنڊ جي ڪڻي لاءِ کنڊ کي فري
مارڪيٽ ڪري پرڏيهه ملڪن کي کنڊ موڪلڻ ۽ گهرائڻ جي اجازت
ڏني وڃي. انهيءَ باوجود حڪومت اڃا تائين ڪا اهڙي پاليسي نه
ٺاهي سگهي آهي جنهن سان کنڊ جي اسمگلنگ کي روڪي سگهجي. |