طالبانائيزيشن- حقيقت يا افسانو!

نثار لغاري

سنڌ جي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ وزير تعليم پير مظهرالحق متحده قومي موومينٽ جي سربراهه الطاف حسين سان لنڊن ۾ ملاقات کانپوءِ 19 نومبر 2008ع تي اياز سومري سان گڏ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ نرم ۽ گرم انداز ۾ ايم ڪيو ايم جي انهيءَ دعويٰ کي سڌي ريت رد ڪري ڇڏيو ته ڪراچي يا سنڌ ۾ ڪنهن قسم جي طالبانائيزيشن ٿي رهي آهي!! هنن اهو پڻ چيو ته جيڪي به ثبوت ڏنا ويا آهن، اُهي ناڪافي آهن ۽ اُهي ڪجهه انگريزي رسالي هيرالڊ جا مضمون آهن ۽ ٻيون ڪي اخباري ڪٽنگس ۽ بيان ثبوت طور ڏنا ويا هئا!!

وزير صاحبان اها پڻ ڳالهه ڪئي ته طالبانائيزيشن جي ڳالهه ڪري صوفين جي رڌتي سنڌ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا نهايت غلط ڳالهه آهي! هنن جو لهجو ڪٿي مجموعي طرح سخت به هو جيڪا بهرحال چڱي ڳالهه آهي پر ذوالفقار مرزا صاحب ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه کي الطاف حسين جي انهيءَ بيان جو پڻ نوٽيس وٺڻ گهربو هو، جنهن ۾ هن ڪراچي جي ماڻهن کي پنهنجي ڪارڪنن کي هٿيار خريد ڪرڻ ۽ شوٽنگ ڪلب ۾ وڃي نشاني بازي سکڻ جي تقلين ڪئي آهي. هڪ وڏي اڳواڻ جو اهڙو بيان ڇا قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي ڪوشش نه آهي؟ جڏهن سندس پارٽي حڪومت ۾ به شامل آهي ۽ سنڌ ۾ کين وڏو حصو مليل آهي، حڪومتي ايجنسيون، پوليس هنن سان گڏ آهي، پوءِ به اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ ڇا ڪنهن ٻي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ته نه آهي؟!

مشرف جي سموري آمريتي دور ۾ کين اها طالبائزيشن ياد نه آئي، پر جڏهن ڪنهن به ريت هڪ جمهوري حڪومت جو قيام عمل ۾ آيو تڏهن طالبان ۽ مذهبي انتهاپسند ياد اچي ويا ۽ وري هٿيار وٺڻ ۽ هٿيار سکڻ جون ڳالهيون پڻ ڪيون ٿيون وڃن!! ڇا هڪ عوامي ليڊر جنهن جي پارٽي حڪومت ۾ به شامل هجي اهو اهڙي قسم جا بيان ڏئي سگهي ٿو؟ ڇا اها ڪنهن به ريت جمهوري روش آهي؟! ۽ هنن سڀني ڳالهين هوندي به هٿيار گڏ ڪرڻ ۽ هٿيار سکڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته پوءِ هي يقينن ڪنهن گهري سازش جو حصو آهي. هڪ دفعو وري هن ڌرتي هن خطي ۾ افغانستان ۽ آزاد قبائلي علائقن کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ رت ۽ خون جي هولي کيڏڻ جي سازش ٿي رهي آهي. طالبان، طالبان جي گوڙ ۾ ڪي ٻيون ڳالهيون به زير غور آهن. جمهوري عمل کي هميشه عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڪي نه ڪي گهاٽ ته ضرور گهڙيا ويندا آهن. ماضيءَ ۾ لساني جهيڙا هئا بندوق جا رُخ سنڌين طرف هئا ۽ هاڻي وري به سموري مزاحمتي عمل کي غلط رُخ ڏيڻ جو عمل ٿي رهيو آهي.

مذهبي رجعتي ۽ انتهاپسندي اڄ جو مظهر نه آهن، اُهي سرد جنگ جي سموري عرصي ۾ وڌي وڏا ٿيا ۽ هتي جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَالحق جنهن لاءِ هتي اهي حق جا داغي نعرا هڻندا هئا ته ”مرد مومن مرد حق ضياءَالحق ضياءَالحق“ ۽ اُن وقت ۽ ان کان پوءِ سمورو عرصو اهي طالبان کير ۾ ڌوتل هئا! جڏهن اهي آمريڪا لاءِ نام نهاد طريقي غيرمقدس طريقي ڳچيءَ ۾ پيا آهن ته طالبان طالبان جي ڳالهه ٿي رهي آهي. دهشتگرد ۽ فاشي مافيائن جي ڪاررواين، 12 مئ تي خون جي هولي کيڏڻ وارن ۽ هنن طالبان ۾ بنيادي طرح ڪهڙو فرق آهي؟! اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪافي سوال آهن جيڪي حل طلب آهن، جواب طلب آهن!! پٺاڻن جي نمائندگي ڪندڙ عوامي نيشنل پارٽي واضح طرح اهو چيو آهي ته طالبان جي آڙ ۾ اشارو پٺاڻ آبادي طرف آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن توڙي پٺاڻن ۾ 12 مئي جي واقعن کانپوءِ ڪافي حد تائين لساني ۽ سياسي ڇڪتاڻ ۽ تضاد موجود آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن انفرادي توڙي گروهي صورت ۾ به نظر اچي رهيو آهي. جمهوري عمل ۽ آمريت مخالف پيش رفت جي ڪري اهو ٽڪراءُ ماٺو ٿيو هو ۽ انهيءَ جي شدت ۾ گهٽتائي آئي هئي پر هڪ دفعو وري اُن کي اُڀاريو پيو وڃي!!

طالبان ۽ طالبائيزيشن جي جيڪا هيتري وڏي ڳالهه ۽ پروپيگنڊا ٿي رهي آهي، اُن بابت انگريزي توڙي اردو ميڊيا ۽ ٻيون جمهوري سياسي ڌريون صحيح طريقي ردعمل ظاهر نه پيون ڪن، هن حقيقت يا فساني کي انگن ۽ اکرن سان رد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، کين خبر ناهي ڪهڙو نانگ سنگهي ويو آهي. حقيقت ۾ سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ طاقت رکي ٿي ۽ اُها به هن حوالي سان مضبوط اسٽينڊ وٺي سگهي ٿي پر ڇاڪاڻ ته مٿي خود حڪومت به تمام گهڻي نرمي سان شين کي ڏسي رهي آهي ۽ حالتن جو صحيح طريقي سان ڇيد توڙي ادراڪ نٿو ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري حالتون ڪنهن مرحلي تي وڏي بگاڙ جو شڪار پڻ ٿي سگهن ٿيون.

حقيقت اها پڻ آهي ته مذهبي انتهاپسندي ۽ طالبائيزيشن جي نالي ۾ آمريڪي سامراج جي به هڪ وسيع تر حڪمت عملي آهي ۽ اُن مطابق هتي پڻ صفبندي ٿي رهي آهي ۽ ٿيندي رهندي آهي. هن وقت هڪ طرف سامراجي جارحيت ۽ اُن خلاف مزاحمت جو عمل آهي، جيڪو خود افغانستان کانپوءِ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به ڦهلجي رهيو آهي، ٻئي طرف وري مذهبي شدت پسند قوتون آهن جيڪي پنهنجي هڪ ڌار ايجنڊا رکن ٿيون. اُهي هن وقت پنهنجو عمل بظاهر آمريڪا مخالف (نه ڪي سامراجيت مخالف) لبادي ۾ ڪري رهيون آهن ۽ اُنهيءَ لبادي جي ڪري عوام جي مختلف حصن مان سپورٽ پڻ ٿي رهي آهي. بقول ڊاڪٽر مبارڪ علي ته هنن جو اڻسڌي آمريڪي حڪمت عملي جي حمايت سان گڏ هڪ پنهنجي ايجنڊا پڻ آهن. اهڙي طريقي هڪ طرف سامراج ۽ اُن جون سڌيون توڙي اڻسڌيون حامي قوتون آهن ته ٻئي طرف وري مذبي قوتون هنن جي وچ ۾ جنگ هن وقت اهڙي نوع جي آهي جنهن ۾ عوام پيسجي رهيو آهي. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”وڙهن سانَ لتاڙجن ٻوڙا!“ هاڻي عوام ۽ عوامي ڌرين جو پنهنجو ڪردار ڇا آهي ۽ ڪيئن بهتر ٿئي اهو سوال اڃا تاريخ کي ڏيڻو آهي ۽ خود حقيقي عوامي قوتن جي ڪلهي تي تاريخ اهو اهم ترين فرض پڻ عائد ڪري ڇڏيو آهي. باقي هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ اڳتي ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي، اهو هن خطي جي عوام ۽ عوام دوست مزاحمتي قوتن جيڪي اڃا تياري جي ڦٽڻ جي عمل ۾ آهن خلاف هڪ تياري آهي مستقبل جي رٿابندي آهي!!

حقيقت اها پڻ آهي ته خود جمهوري عمل جيڪڏهن آزاد نموني هلايو وڃي ته اُهو خود مذهبي انتهاپسندي جي خاتمي جو سبب بڻجي ويندو پر گڏوگڏ اُهو عمل آمريتي قوتن ۽ ٻين مڙني دهشتگرد قوتن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو. ان ڪري اُهي پنهنجو ڪردار، پنهنجي بقا جي جنگ خوف ۽ دهشت جي فضا پيدا ڪري وڙهي رهيون آهن. انهن جو خاتمو ته گهڻو وقت اڳ ٿي ڪو هجي ها. جيڪڏهن هتي توري به جمهوري عمل جي اجازت ڏني وڃي ها!!

هن اهم مرحلي تي اهو اهم آهي ته خود موجوده پ پ حڪومت جمهوري عمل ۽ ”جمهوري“ حڪومت خلاف ٿيندڙ سازشن کي خود پنهنجي طرفان به اسٽينڊ وٺي رد ڪري ۽ گڏوگڏ ٻين جمهوري عوامي قوتن جو به اهو فرض آهي ته اُهي وڌ کان وڌ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. دانشور جيڪي هن عمل ۾ بلڪل خاموش تماشائي آهن، اُهي پڻ اڳتي اچن. هن وقت حقيقي عوامي سامراجيت مخالف نقطئه نظر اختيار ڪندي جيڪڏهن مذهبي رجعت پسندي کي به رد ڪيو ته تاريخي طرح ۽ عوامي سطح تي به ان جي پذيرائي ٿيندي باقي فقط طالبان ۽ مذهبي انتهاپسندي کي رد ڪيو ۽ هڪ طرفي ڳالهه ڪبي ته ان جا نتيجا به بهتر نه نڪرندا، جهڙي ريت ڪجهه قومپرست گروپ پڻ متحده جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف وري ڪجهه سوشلسٽ دانشور باجوڙ ۽ ٻين هنڌن تي يا خود افغانستان ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ طالبان جي اهو چئي حمايت ڪري رهيا آهن ته اها درحقيقت عوامي مزاحمت آهي. اها سامراجيت مخالف جنگ آهي جنهن جو روپ مذهبي آهي. ڇا خودڪش ڌماڪا عوام ۾ ڪرڻ، فوجي اهلڪارن ۽ عوام وچ ۾ ڪو به فرق نه ڪرڻ جو عمل عوامي مزاحمت آهي يا دهشتگردي؟! انتهاپسندي، طالبانائيزيشن، اسلامائيزيشن توڙي دهشتگردي جي حقيقي عوام دوست نقطئه نظر سان وصف ٿيڻ گهرجي! خود اُهي قوتون جيڪي مذهبي هوندي سامراجيت مخالف ويڙهه ڪري رهيون هيون، انهن جو طريقيڪار ڇا هو! مولانا سنڌي خاڪسار تحريڪ، جمعيت علماءِ هند، ريشمي رومال تحريڪ، ڇا طالبان ۽ مذهبي قوتون اڄ انهن کي سڃاڻين به ٿيون. ڇا هي فقط سامراج جي ضرورت سرد جنگ جي عوام مخالف حڪمت عملي جي پيداوار نه آهن؟ اهي ۽ اهڙا ٻيا معاملا توڙي سوال اڃا به حل طلب آهن، بحث طلب آهن، پر اهو هرگز نه ٿيڻ گهرجي ته ڪنهن به طريقي سامراجيت نواز حڪمت عملي جو شڪار ٿي وڃجي!! هن وقت انهن بحث ۽ مباحثن سان گڏ طالبان ۽ طالبانائيزيشن جي افساني ۽ حقيقت جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه آهي اُهو ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اُن کي ضرور ظاهر ڪرڻ گهرجي. هن حوالي سان سرڪاري ٽي وي توڙي نجي ٽيوي چينلن تي به ثبوتن کي کڻي اچڻ گهرجي. ڇو ته عوام کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ ڪنهن به ريت سازشن کان بچي سگهڻ ممڪن نه آهي. باقي جيڪڏهن معاملن کي نظرانداز ڪيو ويو ته ان جا نتيجا خراب ئي نڪرندا!!