آمريڪي حملا، پاڪستان جي ڪمزوري يا ضرورت!

نسيم زهره

پاڪستان جا سرڪاري اهلڪار جيڪو ڪجهه چون ٿا ۽ جيڪا ڪجهه حقيقت آهي ان ۾ وڏو فرق آهي. مثال طور پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم پنهنجن تازن بيانن ۾ اميد ظاهر ڪئي آهي ته اوباما جي نئين حڪومت پاڪستان تي حملا بند ڪري ڇڏيندي پر جڏهن ته واشنگٽن مان ايندڙ اصلاح هن کان بلڪل مختلف آهن. هڪ رپورٽ مطابق آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي هوائي جهازن جي جاسوسي چرپر ۾ وڌيڪ تيزي پيدا ڪندو. هي رپورٽ وال اسٽريٽ جنرل ارڙهن نومبر تي شايع ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج افغانستان ۾ پنهنجن جاسوسي جهازن جي نيٽ ورڪ ۾ اضافو ڪري رهي آهي ته جيئن طالبان جو مقابلو ڪري سگهجي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ”ٽاسڪ فورس او ڊين اي“ جي نالي سان اڳئين سال جي شروعات ۾ هڪ نئون آپريشن شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت وڌيڪ هزارين فوجي افغانستان موڪليا ويندا. طالبان جي پناهه گاهن کي ڳولي لهڻ لاءِ بغير پائلٽ ۽ پائلٽ وارن جهازن جو دائرو پاڪستاني علائقن تائين وڌايو ويندو ۽ انهن جهازن مان ورتل معلومات جي روشنيءَ ۾ هوائي ۽ زميني حملا ڪيا ويندا. انهن اطلاعن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مستقبل ۾ به پاڪستاني علائقن اندر آمريڪي هوائي حملن ۾ ڪنهن ڪمي جو امڪان موجود نه آهي ۽ شايد ميزائيل حملن ۾ اڃان به تيزي نظر اچي.

اهڙي طرح صدر ۽ وزيراعظم کي اها به شڪايت آهي ته آمريڪي هوائي حملن سان پاڪستان ۾ امن امان واري صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي، ان باوجود پاڪستان ۽ آمريڪي تعلقات ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ واري صورتحال نظر ڪو نه ٿي اچي. صدر ۽ وزيراعظم جي ويجهڙائي واري ملاقات کانپوءِ جيڪو سرڪاري پريس نوٽ جاري ڪيو ويو، ان مطابق ٻنهي ليڊر ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آمريڪي هوائي حملا پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف هلندڙ جنگ کي هاڃو رسائي رهيا آهن ۽ اهڙن آمريڪي ڪاررواين جي ڪري خودڪش حملن کي هٿي ملي رهي آهي.

ٻئي پاسي آمريڪي ۽ نيٽو ڪمانڊرن جي دعويٰ آهي ته هنن جا پنهنجي پاڪستاني هم منصب جنرلن سان ڪڏهن به سٺا تعلقات نه رهيا آهن. پاڪستان جي عوام کي ان ڳالهه جي ڪا خبر نه آهي ته پاڪستاني ۽ آمريڪي حڪومتن جي وچ ۾ اهڙن هوائي حملن جي باري ۾ ڪو ٺاهه موجود آهي. عوامي حلقن ۾ اهو تاثر عام آهي ته پاڪستان جڏهن به آمريڪي حملن جي مذمت ڪري ٿو ته ان جو اثر بلڪل ابتو ٿو نڪري. آمريڪي اهڙي احتجاج کانپوءِ وڌيڪ شدت سان پنهنجا حملا جاري رکن ٿا ۽ هو ان باري ۾ ڪنهن به بين الاقوامي قانون جي پاسدار نٿا ڪن ۽ نه ئي وري هنن کي پاڪستان جي خودمختياري جو ڪو احساس آهي. پاڪستاني سرڪار طرفان جيڪي ڪمزور بيان جاري ڪيا ٿا وڃن، انهن ۾ ڪا اهڙي ڌمڪي شامل نه هوندي آهي، جنهن مان اهو پيغام ملي ته پاڪستان جوابي ڪارروائي به ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي وري اهڙن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پاڪستان جي جمهوري حڪومت آمريڪي حملن جي خلاف هميشه نالي ماتر احتجاج ڪيو آهي. پاڪستاني وزيراعظم ۽آمريڪي صدر جي وچ ۾ جيڪا شرم الشيخ ۾ ملاقات ٿي ان کان اڳ ۾ آمريڪي سفير کي چيو ويو هو ته هن مسئلي کي ان ملاقات جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي، پر آمريڪي سفير اين پيٽرسن انهن حملن کي جائز قرار ڏنو. اهڙي طرح جڏهن سيپٽمبر ۾ جنرل مولن پاڪستان آيو ته هن به پاڪستاني سرڪار جي اهڙي احتجاج کي رد ڪري ڇڏيو. ٻنهي آمريڪي اهلڪارن اهڙي ڪا به ضمانت نه ڏني ته مستقبل ۾ پاڪستان تي حملا نه ڪيا ويندا. جڏهن ته ان کانپوءِ انهن حملن ۾ ويتر تيزي اچي وئي آهي. 3 سيپٽمبر تي پهريون ڀيرو پاڪستان تي زميني حملو ڪيو ويو، آمريڪا پنهنجن ارادن کي بلڪل صاف ظاهري ڪري چڪو آهي. هو وزيراعظم ۽ جنرل مولن جي ملاقات کانپوءِ گڏيل بيان جاري ڪرڻ تي به تيار نه ٿيو.

آمريڪي صدر سان پاڪستاني صدر ۽ وزيراعظم جي ملاقاتن کانپوءِ جيڪي بيان جاري ڪيا ويا انهن ۾ ڪو به اهڙو صاف موقف اختيار نه ڪيو ويو ته آمريڪي حملا پاڪستان جي لاءِ قابل قبول نه آهن ۽ اهڙن حملن سان پاڪستان جي خودمختياري تي حرف ٿو اچي. هن حقيقت مان اهو اشارو ملي ٿو ته آمريڪي حملن جي باري ۾ پاڪستان سرڪار جي پاليسي ۾ ڪو به وزن نه آهي.

جڏهن ته قول ۽ فعل ۾ تضاد هجي ته عوام ۾ بي چيني پيدا ٿيڻ هڪ فطري ڳالهه آهي، اهڙن ماڻهن جو تعداد بلڪل گهٽ آهي جيڪي اهڙو يقين رکندا هجن ته حڪومت پاڪستان آمريڪي حملا روڪرائڻ ۾ ڪنهن سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مشرف دور ۾ اهو طئي ٿيل هو ته آمريڪا اهڙي ڪنهن حملي کان ڪجهه منٽ پهرين پاڪستان کي آگاهي ڏيندو ۽ اهائي پاليسي هن وقت به جاري آهي. جڏهن مشرف اقتدار ۾ هو ته آمريڪا پاڪستان جي اجازت کانسواءِ ٻه ڀيرا حملا ڪيا، هاڻي جڏهن هتي جمهوري حڪومت آهي ته اها وري فوج جي حمايت سان آمريڪا کي اهڙن حملن جي اجازت ڏئي رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهن جي راءِ ان کان مختلف به آهي. هو اهو سمجهن ٿا ته فوج اهڙن آمريڪي حملن تي خوش نه آهي. عام راءِ ۾ ان اختلاف جو بنياد فڪري، منطقي ۽ سياسي  اختلافن کي ظاهر ڪري ٿو.

ان حقيقت ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته آمريڪي حملن خلاف پاڪستان جو موقف هڪ ڪمزور ۽ منجهائيندڙ موقف آهي ۽ ان ۾ ڪو به وزن نه آهي. پاڪستان ۽ آمريڪي فوجن جي وچ ۾ قائم ناتا پنهنجي عروج تي آهن، جنهن جو دائرو افغانستان کان وٺي پاڪستان جي قبائلي علائقن تائين وسيع آهي. ان کان علاوه ٻين اهم شعبن ۾ به اهڙو تعاون موجود آهي. ان ڪري جيڪڏهن آمريڪي هوائي ۽ ميزائيل حملن سان پاڪستان ۾ بي گناهه ماڻهن جي رتوڇاڻ ٿي رهي آهي ۽ معاشي بدحالي به پيدا ٿي رهي آهي ته ان ۾ آمريڪا جو ڪهڙو نقصان آهي! آمريڪي حملن سان پاڪستاني سرڪار کي ڪو به فائدو نه ٿي رهيو آهي ۽ هاڻي ته عوام ۽ آمريڪا ٻئي هن حڪومت تي ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پاڪستان ۾ جڏهن به آمريڪي حملن جي ڪري عام شهري وڏي انگ ۾ پنهنجون حياتيون وڃائي ويهندا آهن ته وڌ ۾ وڌ حڪومت اهو ڪندي آهي جو هو آمريڪي سفير کي گهرائي ڪا شڪايت داخل ڪرائي ڇڏيندي آهي يا وري ڪو اڀرو سڀرو بيان جاري ڪري ڇڏيندي آهي. عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ۽ پنهنجي آئيني ذميدارين جي حڪومت کي ڪا پرواهه ئي نه آهي.

حقيقت اها آهي ته آمريڪي حملن سان حڪومت جو پنهنجو نقصان آهي، حڪومت جي مثال هن وقت اهڙي آهي ته هو شڪاري ڪتن سان به گڏ آهي ته جان بچائيندا سَهي سان به گڏ آهي. آمريڪا جي ظاهري طور تي مخالفت به ڪري ٿي ته عوامي احتجاج ۾ به شريڪ آهي، پر اهو تاثر عام آهي ته جيڪڏهن پاڪستان آمريڪا کي القاعده جي نهايت اهم اڳواڻن جي گرفتاريءَ ۾ مدد ڪري رهيو آهي جيڪي پاڪستان جا به دشمن آهن. هن وقت تائين القاعده جي اٺن اهم اڳواڻن کي مارڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن، پر ڪنهن هڪ جي به تصديق نٿي سگهي آهي. ٻئي طرف بي گناهه پاڪستانين جي قتل عام جي ڪري بنياد پرستي کي هتي ملي رهي آهي.

پاڪستان جي جمهوري حڪومت ۽ فوج کي هاڻي ڪنهن مضبوط حڪمت عملي کان ڪم وٺڻو پوندو. آمريڪي حملن جي باري ۾ ڪمزور موقف جي ڪري پاڪستان جي سالميت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي. جيڪڏهن آمريڪا ان ڳالهه تي سندرو ٻڌي بيٺو رهيو ته خفيه معلومات ملڻ تي هن کي پاڪستان اندر حملا ڪرڻ جو حق آهي ۽ ان لاءِ کيس ڪنهن جي به اجازت جي ضرورت نه آهي ته پوءِ ٻين ملڪن لاءِ به اهو مثال بڻجي ويندو.

پاڪستان کي آمريڪي حملن جي باري ۾ هڪ واضح ۽ مضبوط پاليسي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاليسي ۾ آمريڪا کي به شامل ڪرڻ گهرجي، پر اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو. جڏهن آمريڪا اهو تسليم ڪندو ته پاڪستان جي مدد کانسواءِ هو دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندو. پاڪستان کي انهن خارجي خطرن کي منهن ڏينهن لاءِ ڪنهن پنهنجي ٺاهيل مضبوط پاليسي جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪرڻ پاڪستان جي ذميواري آهي، آمريڪا جي نه!