|
زرداري پنهنجي آمريڪا جي پهرين دوري ۾ سارا پيلن کي ٻک هڻڻ جي
سَڌَ ظاهر ڪئي پر کيس رڳو من موهن سنگهه سان ئي ٻک نصيب ٿيو
جنهن جي نتيجي ۾ هن پاڪستان جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. پنهنجي تازي
نيويارڪ ياترا دوران زردايءَ وري پنهنجي اڪابريءَ جو مظاهرو
اها ڳالهه ڪندي ڪيو ته آمريڪي فوجي دستا پاڪستاني حدن ۾ داخل
نٿا ٿي سگهن. ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ويزا ئي ڪونهي. اهڙيون ڳالهيون
ڀلي کڻي ڪنهن لاءِ مذاق ئي بڻيون هجن پر قوم لاءِ ڪنڌ جهڪائڻ
جوڳيون آهن. آمريڪا وٽ به سندن تاريخ ۾ اهڙن ڦهلجندڙ اڳواڻن جي
کوٽ نه رهي آهي. مثلن صدر جيرالڊ فورڊ جيڪو ٿاٻڙجڻ کانسواءِ
ڏاڪڻ تي هلي نه سگهندو هيو ۽ نه ئي وري کيس تلاءُ ۾ ترڻ وقت
ڪناري جو اندازو ٿيندو هيو، جنهن ڪري هو عمومن ڀت ۾ وڃي مٿو
ٽڪرائيندو هيو. هوڏانهن وري موجوده صدر جارج بش آهي جنهن جي
واتان عجيب غريب جملا نڪري ويندا آهن. مثلن ”اسان جي درآمدات
جو وڌندڙ حصو پرڏيهه کان ٿو اچي“، جيڪڏهن اسان ڪامياب نه
ٿياسين ته پوءِ ناڪامي جو خطرو آهي ۽ ”اسين هر نامعلوم واقعي
لاءِ تيار آهيون چاهي اهو ٿئي يا نه ٿئي“. آمريڪا هڪ عالمي سپر
پاور آهي ۽ هو اهڙيون مسخريون برداشت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو پر
پاڪستان هڪ غريب ۽ مصيبتن ۾ جڪڙيل ملڪ آهي جنهن ۾ اهڙي سگهه
آهي ئي ڪو نه. جيڪڏهن پاڪستان جا اڳواڻ جيڪي ان جي عالمي سطح
تي نمائندگي ڪن ٿا، اهي پنهنجي اعليٰ معيار رکندڙ هم منصبن سان
انهن جي ئي سطح تي منهن نٿا ڏئي سگهن ته پوءِ جيڪي ٽوڪون ۽
ٺٺوليون ٿيون ٿين اهي پنهنجي جاءِ تي پر قومي مقصد حاصل ڪرڻ ۾
به ناڪامي ٿي ٿئي. اهوئي سبب آهي جو موجوده حڪمرانن جا آمريڪا،
چين، سعودي عرب ۽ عرب امارات جا دورا ناڪام ويا، حالانڪه اهي
اُهي ملڪ آهن جيڪي هميشه ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪندا رهيا
آهن. ٻئي پاسي وري هندستان سان شملا معاهدي جو مثال موجود آهي
جتي مزاڪرات جي آخري ڏينهن تائين ڪو به کڙ تيل نڪرندي نظر نه
پئي آيو پر آخر ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اندرا گانڌي کي
اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي تجويز ڏني، اها ميٽنگ ٿي جنهن جي نتيجي
۾ ٿوري دير اندر ئي شملا معاهدو طئي ٿي ويو. حقيقي اڳواڻ
نمايان هوندو آهي ۽ سڄي دنيا سندس اهميت ۽ وزن کي مڃيندي آهي.
سڀ کان اهم ڳالهه ته اها آهي ته اهڙو شخص عوام جو غيرمتنازعه
اڳواڻ هوندو آهي. هٿ ٺوڪيا اڳواڻ جيڪي حالتن جي هڪ عجيب اتفاق
۽ خود غرض پوئلڳن جي سهاري سان اڀرن اچن ٿا اهي اهڙيون گهرجون
پوريون نٿا ڪري سگهن.
ان کان اڳ جو ڪو نقصان ٿي پئي، ڪنهن کي کپي ته اها حقيقت
زرداري جي ذهن ۾ ويهاري. هڪ اهڙو شخص جنهن کي پنهنجي گهرواريءَ
يارنهن سالن کان وٺي پري ڪري ڇڏيو هيو اهو وري ان جي قتل
کانپوءِ اوچتو اچي منظرعام تي ظاهر ٿو ٿئي ۽ ويجهي ۾ ويجهي
ٿاڻي تي ڊُڪي وڃي پهچي فرياد داخل ڪرائڻ ۽ قاتلن خلاف جهاد جو
اعلان ڪرڻ بدران هو پنهنجي گهرواريءَ جي سياسي ۽ مالي ورثي
ڏانهن مڪمل ڌيان ڦيري ڇڏيو. ان عمل ۾ ان کي اهڙن واڳن جي به
ٽيڪ حاصل رهي ٿي جيڪي گذريل يارنهن سال اقتدار کان ٻاهر رهيا
آهن ۽ بي چينيءَ سان وري اقتدار جا مزا ماڻڻ لاءِ گفون
وهائيندا ٿا وتن. ان جي نتيجي ۾ ملڪ کي اهڙو صدر نصيب ٿو ٿئي
جنهن جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن هڪ سياسي طور هڪ سگهاري
عورت سان شادي ڪئي. ان ڳالهه جي ته هاڻي ڪا اهميت ئي نه رهي
آهي ته ان جون ڪي به علمي لياقتون ڪو نه آهن ۽ هو ڪيترن ئي
فوجداري ڪيسن ۾ مکيه جوابدار ڄاڻايل آهي جن مان هن مشرف سان
ڪيل ڊيل ذريعي جان ڇڏائي. اها ڳالهه به هاڻي صاف طور واضح ٿي
چڪي آهي ته هو ڀٽو خاندان جي اثر واري دائري کان ٻاهر پنهنجي
ذاتي حيثيت ۾ ڪو نه ٿو هلي سگهي ۽ ان لاءِ جيئي ڀٽو جي نعري ۽
پنهنجي گهرواري جي تصوير هيٺان پناهه وٺڻ لازمي بڻيل آهي. اهڙي
طرز عمل ذريعي هو ملڪ اندر ماڻهن کي ته ڪجهه عرصي لاءِ بيوقوف
بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو پر اهو حربو پنهنجي گهرواري جي
تصوير اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جهڙي ايوان ۾ کڻي وڃڻ جهڙا
ناٽڪ کيس عالمي سطح تي ڪم ڪو نه ايندا. هاڻي ته اهڙيون ڳالهيون
ملڪ اندر به پاروٿيون ٿينديون ٿيون وڃن.
زرداري جي موقعي پرستن جي خوشامند مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي،
اهي ئي ساڻس سچا ۽ وفادار ڪو نه آهن، نه ته اهي ئي هن کي اها
تجويز ڏين ها ته پنهنجي خامين ۽ ڪوتاهين تي ڪک رکڻ لاءِ پاڻ
بادشاهه نه ٿئي. هن حڪومت جي اٺن مهينن جي مختصر دور ۾ ئي
زرداريءَ کي پيپلز پارٽي جي ٽين حڪومت جي ناڪامي جو به مُک سبب
ليکيو ٿو وڃي. پنهنجي ماضيءَ جي تجربي مان سبق سکندي هن کي
پارٽي جي شريڪ چيئرمين واري عهدي مان مطمئن ٿيڻ کپي ها ۽ پس
پرده رهي اهو ڪجهه ڪندو رهي ها جنهن جو هو ماهر آهي، پر هاڻي
ته خاص ڪري سنڌ ۾ ڌڪيل عوام ان کي پنهنجي نفرتن جو نشانو بڻائي
ڇڏيو آهي. صدر ۽ وزيراعظم جا اختيار پنهنجي هٿ ۾ رکي، عدليه کي
3 نومبر 2007ع واري حيثيت ۾ بحال ڪرڻ کان انڪار ڪري، سترهين
ترميم ۽ آرٽيڪل 58(2)بي بحال رکي پارليامينٽ کي نظرانداز ڪري
اهڙي وقت جڏهن غريب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ ۽ مائر پنهنجا ٻچا وڪڻي
اٽو وٺڻ تي مجبور هجن، هن پنهنجي ڇاڙتن ۽ همسفرن جن مان گهڻن
جو ڏوهاري رڪارڊ موجود آهي، انهن کي وڏي پئماني تي نوازي،
ڪرپشن قتل ۽ معاشري جي هر برائيءَ کي ڇوٽ ڏئي، وڏي سرڪاري خرچ
تي دنيا جا سير ڪري ۽ حڪومت ۾ يا حڪومت جي ويجهو رهندڙن کي
پنهنجا فرائض انجام ڏيڻ جو پابند بنائڻ بدران عياشيون ڪرڻ جي
اجازت ڏئي پنهنجي لاءِ ڀڄڻ جون سڀ واٽون بند ڪري ڇڏيون آهن،
ٻيو ته ٺهيو پر تازو آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ ان ڳالهه جو
انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي اترين علائقن ۾ آمريڪي ميزائيل
حملا زرداري حڪومت سان هڪ معاهدي تحت ڪيا وڃن ٿا ۽ ان معاهدي
هيٺ زرداري حڪومت ملڪ اندر عوامي جذبن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ نالي
ماتر احتجاج ڪندي رهندي.
هڪ آمريڪي جرنيل اها ڳالهه به پڌري ڪئي آهي ته آمريڪي فوج
پاڪستاني فوج سان گڏجي اترين علائقن ۾ ويڙهاڪن خلاف ڪارروايون
ڪري رهي آهي. هن حڪومت ته ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي پر آمريڪي
آشيرواد سان پيپلز پارٽي ۽ مشرف وچ ۾ ٿيل ڊيل جي پسمنظر ۾ ڏٺو
وڃي ته ان جو ئي حصو لڳي ٿو. انهيءَ ئي ڊيل جي ڇانوَ ۾ اين آر
او وجود ۾ آيو ۽ مشرف اڃان تائين صدارتي سهوليتون ۽ مراعتون
ماڻي احتساب کان آجو لڳو ويٺو آهي. گهڻا ماڻهو ته اهو به سمجهن
ٿا ته شهيد بينظير ڀٽو کي منظرعام تان انڪري هٽايو ويو جو هوءَ
ان ڊيل تان ڦري وئي هئي، جنهن جو ثبوت آمريڪي ميڊيا جي ان
پڌرائي مان ملي ٿو ته آمريڪي نائب صدر ڊڪ چيني شهيد بينظير ڀٽو
کي ناقابل اعتبار قرار ڏنو.
وڌ ۾ وڌ مقبول سياسي اڳواڻ جي اوچتو سياسي منظر تان اهڙي وقت
جڏهن چونڊون ٿيڻ واريون هيون، هٽي وڃڻ سبب سڄو سياسي عمل بحران
جو شڪار بڻجي ويو جنهن مان موجوده سيٽ اپ جنم ورتو. زرداري
سڌيءَ طور عوام جو نمائندو ڪو نه آهي. هو اڳ به هڪ غيرمقبول
شخص هيو ۽ هاڻي به غيرمقبول آهي. قسمت ۽ بکين ۽ ”پلاءُ پاليٽڪس“
۾ يقين رکندڙ سياستدانن هن کي اهڙين ته بلندين تائين پهچائي
ڇڏيو آهي جنهن جو هن پاڻ ڪڏهن خواب به نه ڏٺو هوندو ۽ جتي هو
جچي به ڪو نه ٿو. پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ ڪا ساک يا عوام ۾ پاڙون
نه هجڻ سبب هو سياسي طور نِٻلُ ۽ انهن پارليامينٽرين آڏو محتاج
آهي، جن ان کي هن عهدي تائين پهچايو آهي، پر انهن جي حمايت به
سستي ملهه ۾ نٿي ملي. انهن کي کارائي پياري راضي رکڻ ۾ زرداري
اڳ جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. وزارتون، مشيريون، سفارتون
اعليٰ انتظامي عهدن تي مقرريون، ڪنگال بڻيل ملڪي خزاني تي
ناقابل برداشت بار آهي، جنهن مان اهڙو ته اوٻر اٿيو آهي جيڪو
هاڃيڪار ئي ثابت ٿي ٿو سگهي. حڪومت جو وقار ۽ مرتبو ٻڏي وڃي
تري ۾ پيو آهي ۽ ان جي رٽ وڃي ٻڙيءَ برابر بيٺي آهي. اعليٰ
عهدي تي فائز ماڻهو، پيپلز پارٽي جا ٻه گذريل مختصر دور نظر ۾
رکندي پنهنجي ڀاڳن تي ڀروسو نٿا ڪن ۽ ٻيڙو ٻڏڻ کان اڳ جلد کان
جلد مال ميڙڻ ۾ پورا آهن. بينظير انڪم سپورٽ اسڪيم ۽ پنڻ جي
ٻين اهڙن ڍنگن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جا حوال ٻڌي ماڻهو حيران ٿو ٿي
وڃي. حڪومت وارن جي ڪرپشن ۽ ارهه زورايون هن ماحول ۾ بند ڪرڻ
مشڪل بڻجي ويون آهن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن تي ڪنٽرول ڪيو ويو
ته پوءِ حڪومتي صفن ۾ وڏي پئماني تي بغاوت ٿيندي ۽ حڪومت اچي
ڦهڪو ڪندي.
سوال هاڻي اهو آهي ته حالتون ڪيئن بهتر ٿينديون؟ جيڪڏهن ڪو اتا
ترڪ به اڀري اچي ته هو اهڙي ماحول ۾ ڇا ڪري سگهندو جنهن ۾
ڪرپشن ۽ نااهلي معاشري جو ان حد تائين لازمي جز بڻجي وئي آهي
ته ايماندار ماڻهوءَ کي چريو ٿو ليکيو وڃي، نظرياتي ۽ اصولن ۾
يقين رکڻ، مدي خارج ڳالهه ٿي وئي آهي؟ بهرحال پاڪستان جهڙي ملڪ
کي جنهن ۾ عظمت جا گهربل اهڃاڻ موجود آهن، اهڙي دل ڏاريندڙ
ماحول جو بک بڻجڻ نه ڏجي. تباهيءَ کان بچڻ جي هر واٽ تي غور
ڪرڻ ضروري آهي جنهن مان هڪ اه به ٿي سگهي ٿي ته چيف جسٽس
افتخار محمد چوڌري جهڙي ايماندار، قابل ۽ لائق ماڻهوءَ جي
اڳواڻيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن کي فعال ۽ آزاد بڻايو وڃي ته جيئن هو
ڪرپٽ، نااهل ۽ ناڪام ٿيل عنصرن کي ميدان مان ڪڍي صاف ۽ شفاف
چونڊون ڪرائي. اليڪشن جي ورڪ تي به ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ بي
قاعدگين ڪندڙن کي فوري طور سخت سزا ڏني وڃي. وزارتي قلمدان به
اهليتن ۽ لياقتن جي بنياد تي ڏنا وڃن، ڪابينا مختصر هجڻ کپي ۽
وزير سرڪاري خرچ تي عياشيون ڪرڻ بدران پنهنجي منصبي ذميواري
نڀائڻ جا پابند هجن، سادگي ۽ حليعت اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري
آهي. اهڙا قدم کڻڻ سان حڪومتي ڍانچي ۾ موجود سمورو گند ڀل صاف
نه به ٿي سگهي پر اها هڪڙي مناسب شروعات ٿي سگهي ٿي. سڀ کان
اهم ڳالهه اهاآهي ته مختصر سول حڪومتن جي ناڪامين کانپوءِ ڊگهي
عرصي لاءِ فوجي حڪمراني جي ناري واري چڪر کي روڪڻ لاءِ فورن
مٿي ذڪر ڪيل طرز تي صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. |