|
ٻيو ۽ آخري حصو:
نفعا يا فائدا:
1)
وڏو فائدو ملڪيت جو ٻٽي خاندان ڏانهن مٽي مائٽيءَ جي سهاري وڃڻ
وارو عمل رڪجي ٿو. 2) ڏک سک ۾ ويجهي خوني رشتي واري زال وڌيڪ
برداشت ڪري ٿي يا سهارو ڏيڻ جو ڪارڻ هجي ٿي. 3) سماجي محرومين
جي ڪري نفسياتي طور الجهي وڃڻ کانپوءِ ٻاهرين ڪاوڙ جهيڙي جي
صورت ۾ گهر اندر ڪڍڻ آسان هجي ٿي. 4) سال کي ڏکيو يا سکيو رکڻ
لاءِ کائنس ڪير پڇڻ وارو اڪثر ڪري ڪو نه هوندو آهي. 5) رت جي
رشتي هجڻ ڪري ۽ زندگي نڀائڻ واري سوچ هجڻ ڪري، اڪثر زالون مڙسن
جا گهڻا ناز نخرا برداشت ڪنديون آهن، جنهن ڪيفيت جو ناجائز
فائدو وٺندي مڙس اڃان به وڌيڪ بي ڍنگي طرز واري هلت هلي ٿو. 6)
جنسي موج مستيون ڪرڻ لاءِ رت جي رشتي واري زال اڪثر طور خبر
هجڻ جي باوجود به ڪو احتجاج ناهي ڪندي پر ان جي ابتڙ مڙس جي
اهڙين حرڪتن کي مڙساڻو شانُ سمجهندي فخر سان رازدان سنگتياڻين
کي ٻڌائيندي رهندي آهي. اهڙي سوچ کي غلامانا سوچ جي باقيات
چئجي ته حرج ڪو نه هوندو.
نقصان:
1) موروثي بيماريون نسل در نسل هلنديون رهن ٿيون. 2) شعوري
ترقيءَ ۾ اضافي جي رفتار هڪ مخصوص رفتار سان هلي ٿي، جنهن ڪري
ڪو وڏو تخليقڪار پيدا جا وارا گهٽ هجي سگهن ٿا. 3) موروثي
بيمارين جي علاج تي خانداني ملڪيت جو وڏو حصو خرچ ٿيندو رهي ٿو،
جنهن ڪري اهڙو خاندان معاشي ڊوڙ ۾ هوريان هلڻ لاءِ مجبور هجي
ٿو. 4) اخلاقي، سماجي براين کي گهڻو ڪري لڪايو وڃي ٿو، جنهن
ڪري اهڙا خاندان گهڻو بداخلاق ۽ اندريان ڏوهاري هوندا آهن. 5)
خاندانن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پاڻ کي مٿي ڪرڻ لاءِ انسانيت سوز ڏوهه
به ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن تي افسوس به ناهي ڪيو ويندو.
- سماجي ۽ معاشرتي ڏوهاري بيمارين کي لڪائڻ جا ڳجها طريقا:
جاگيردار ذهنيت رکندڙ خاندانن ۾ اڪثر ڪري بي جوڙ (جنهن ۾ پسند
جو خيال نه رکيو وڃي) شاديون ڪرايون وڃن ٿيون جنهن ڪري اهڙي
عمل سان انيڪ اخلاقي ۽ سماجي بيماريون جنم وٺن ٿيون، جن کي
خانداني عزت ۽ وقار برقرار رکڻ لاءِ لڪايو وڃي ٿو، جنهن لاءِ
وڏو ڪردار خانداني دائي ادا ڪندي آهي يا ٻن خاندانن يا انهن
کان وڌيڪ جي بدڪردار فردن جي پوسٽ مين وارو رول ادا ڪندڙ کي
”ڌوتي“ به چيو ويندو آهي. اها ڌوتي يا ٽپالڻ اڪثر ڪري جنسي
ناجائز طريقن قائم ڪرائڻ ۾ وڏو هٿ ونڊائيندي آهي، جنهن کيس
جوڳو معاوضو ڏنو ويندو آهي. شادي نه ڪرائڻ جي ڪري ويٺل
ڪنواريون ڇوڪريون جن کي شاديءَ جي ڪا به اميد ڪا نه نظر ايندي
آهي، سي اڪثر ڪري جنسي بيمارين ۾ مبتلا ٿي وينديون آهن. اهي
بيماريون گهڻو ڪري نفسياتي هونديون آهن، جن ۾ ماليخوليا،
چريائپ جا دورا پون، ننڊ تمام گهٽ اچڻ، اکين تي هر وقت خار
آلود يا نشي ڪرڻ کانپوءِ واري ڪيفيت طاري رهندي اٿن. اهڙين
ويٺل ڇوڪرين کي ڌوتيون يا دايون جنسي ناجائز رشتي قائم ڪرڻ لاءِ
اتساهينديون آهن، ڪنواري ڇوڪري کي جنسي رستي قائم ڪرڻ لاءِ وڏو
ڊپ حمل ٿيڻ جو هوندو آهي، جنهن کي دائي حل ڪرڻ لاءِ ضمانت
ڏيندي آهي.
حويليءَ جون ديوارون رڪاوٽ بڻبيون آهن پر ڪي عاشق سر جو سانگو
لاهي ديوارن اندر ٽپي ويندا آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن حويليءَ جي
اندران به همت جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي ۽ حويليءَ جي چوڪيدارن
کي ڏوڪڙن تي خريد يا لالچايو ويندو آهي. ان طرح اهڙيون مجبور
ڇوڪريون اڪثر شاديءَ جهڙا مزا ماڻينديون آهن.
حويليءَ کان ٻاهر نڪرڻ جو بهانو ڪنهن آستان جي زيارت کي به
بڻايو ويندو آهي. ان طرح زيارت لاءِ به بهانا ٺاهيا ويندا آهن،
جن ۾ وڏو بهانو ”جِنُ“ هوندو آهي جيڪو مخصوص آستان جي زيارت
لاءِ مجبور ڪندو رهندو آهي. ڪن ڪنوارين ڇوڪرين کي جنسي خواهش
کي گهڻو روڪڻ يا دٻائڻ ڪري هسٽريا جا دورا به پوندا آهن، اهڙن
دورن کي جِنَ جو واسو سمجهي جِنَ ڪڍڻ وارن فقيرن يا پيرن کي
اول ته حويليءَ ۾ اندر آڻي جِنَ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ان
صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن هسٽريا جي دورن واري ۽ جِنَ ڪڍڻ وارو گڏجي
جِنَ کي ڪجهه ملاقاتن کانپوءِ ڀڄائي ڇڏيندا آهن. ٻي صورت ۾
آستانن يا پيرن فقيرن جي حويلين ۾ آڻي ڇوڪريءَ جو جِنُ ڪڍيو
ويندو آهي.
جنسي نشي ۾ مست ٿي ويل ڪي جوانڙيون سر جو سانگو لاهي حويلين جا
وڏا وڏا ڪوٽ اورنگهي رات جو تفريح حاصل ڪري اينديون آهن.
اهڙيون همت ڀريون اڪثر ڪري ڪارو ويس ڪري نڪرنديون آهن، جن کي
عام طور تي ڏائڻ به چوندا آهن، ڏائڻ جي مشهور ٿي وڃڻ کانپوءِ
گهڻو ڪري انهن جو پيڇو ناهي ڪيو ويندو. حويلين جي وڏن وڏن ۽
ڪشاده ايراضيءَ وارن ڪوٽن اندر مقام (قبرستان) پڻ هوندو آهي
جنهن ۾ جنسي بغاوت ڪندڙ ڪراڙيون ڪنواريون، هٿ سان ماريون ويل
ڄمڻ سان دائيءَ هٿان گهٽو ڏيارائي يا ڪنهن زهريلي دوا ذريعي
مارايل معصوم ٻارڙيون ۽ ناجائز طور ڄاول يا ڪيرايل ٻارن کي
پوريو ويندو آهي.
گهوٽڪي ضلعي جي هڪ اهڙي حويليءَ جا راز ملڻ کانپوءِ پتو پيو ته
ڪيتريون ئي ڪنواريون اهڙي قسم جي حويليءَ ۾ سسڪي سسڪي زندگي
جهاڳي ويون جيڪي اهڙي اندرين قبرستان ۾ پوريل آهن.
- اوطاقن کان هوٽلن تائين:
اوطاق دراصل درٻار جي نقل جي باقيات آهي، جنهن جو سماجي ڪردار
گهڻ رخو هوندو هيو، درٻاري قدرن يا ريتن کي اوطاق ۾ دهرائڻ جو
معيار دولت تي هوندو هيو، يعني جيڪو جاگيردار جيترو امير هيو
ته ان نسبت سان اوطاق ۾ سڄو ڏينهن گهما گهمي هلندڙ هوندي هئي.
درٻار وانگي اوطاق کي عدالت طور، تفريح گاهه طور، ڪچهري ڪرڻ
لاءِ، غمي ۽ خوشيءَ جهڙن موقعن کان وٺي عيد نماز پڙهڻ تائين يا
مسافرخاني ۽ سراءِ طور پڻ استعمال ڪيو ويندو هيو، جنهن جو سڄو
خرچ اوطاق مالڪ ڀريندو هيو يا آمدنيءَ جي نسبت سان درٻاري قدرن
جو نقل ڪيو ويندو هيو. اسان اوطاق کي ماضيءَ جي نشاني طور
سمجهڻ لاءِ حق بجانب آهيون، ڇاڪاڻ ته اها هاڻي پنهنجي اصلي
صورت ۾ موجود ڪونهي. ان جو وڏو سبب اوطاق ۾ اچڻ واري لاءِ
وڏيري کي پيرين پوڻ، خوشامند ڪرڻ، جائز ناجائز ڪمن صرف هائوڪار
ڪرڻ لازمي هيو. جديد دور جي انفرادي سماجي آزاديءَ کان پوءِ هڪ
بدڪردار جي آڏو خوديءَ کي جهڪائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ان طرح هاڻي
اوطاقون واندو وقت گذارڻ لاءِ موزون به ڪونهن رهيون. شخصي
آزاديءَ کانپوءِ عوام جي اڪثريت جديد دور جي سهولتن معرفت
وڏيري کان سماجي بائيڪاٽ ڪندي پنهنجي لاءِ جديد اوطاق يعني
هوٽل ٺاهي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ويهندڙ جو شانُ ۽ عزت هڪ جيتري
هوندي آهي. سڀ هڪجهڙين ويهڻ جي جاين تي ويهندا آهن ڪو به هيٺ
يا مٿي ناهي ويهندو.
جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا هاڻي گهر گهر ۾ هڪ جهڙيون تفريحون ميسر
ڪري ڏنيون آهن. سو امڪان اهو آهي ته تفريح لاءِ هڪ پڪي مرڪز
ٺاهڻ جي به ضرورت ڪونهي رهي، جنهن ڪري هوٽل به هوريان هوريان
ڪمزور ٿي رهيا آهن. ان طرح وڏيري جي اوطاق هاڻي ويران ٿي رهي
آهي يا اهو چوڻ موزون ٿيندو ته هوٽلن کان گوءِ هارائي چڪي آهي
۽ مستبقل ۾ هوٽل به اها کٽيل گوءِ هارائيندا. ان طرح اوطاق
معرفت وڏيري جو رعب ۽ دٻدٻو، حشمت ۽ شهرت هاڻي ماضيءَ جو کنڊر
بڻجي وئي آهي. |