پهرئين هندستاني هاءِ ڪمشنر سري پرڪاش جون يادگيريون

پاڪستان، مسلم سلطنت يا اسلامي سلطنت!

سنڌيڪار: اميرشر

هاءِ ڪمشنر جي حيثيت ۾ منهنجي آفيس ۽ رهائش ته ڪراچيءَ ۾ هئي پر آئون ملڪ جي اندرين حصن ۾ جتي جتي سنڌي هندن جي اڪثريت هئي ويندو رهندو هيس ته جيئن انهن کي پنهنجو وطن ڇڏڻ کان منع ڪريان. اهو به هڪ عجيب منظر هُيو پنهنجي پونجي گڏ ڪري، هي ماڻهو هميشه لاءِ پنهنجي وطن کي خيرباد چوڻ لاءِ آتا هيا.

سنڌ ۾ عرب اٺين صديءَ ۾ حملي جي نيت سان آيا هُيا. اهو به ٿي سگهي ٿو ته هي ماڻهو اُن کان به اڳ ڏکڻ هندستان ۾ واپار جي نيت سان آيا هُجن. اُن ڪري ئي سنڌين جو رابطو ۽ ضابطو هِن ملڪ جي سڀني مسلمانن کان اڳ جو قائم آهي. جهڙا سنڌي هندن ۽ سنڌي مسلمانن جا هڪ ٻئي سان واسطا ۽ تعلقات آهن. اهڙا ٻنهي ملڪن جي ڪنهن به حصي ۾ ڪٿي به ڏسڻ ۾ نٿا اچن. واسطا به انتهائي گهرا ۽ مضبوط ايتريقدر جو ڪجهه معروف سنڌي هندن مون کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اسان جو مذهب هندو آهي پر مذهب جو اسان تي ايترو گهڻو اثر ناهي“. معاشري ۾ هنن جو طريقه ڪار بلڪل مسلمانن جهڙو آهي. سکن جي عقيدن کي به هنن مان گهڻن پنهنجو عقيدو ڪيو آهي ۽ سندن عبادتگاهن کي ”گردواري“ بجاءِ ”گرومندر“ چون ٿا ۽ سڄي صوبي ۾ گرو گرنٿ صاحب وڏي عقيدي سان پڙهيو وڃي ٿو.

هندن جي مندرن جو تعداد به تمام گهڻو هيو، پر انهن ۾ پوڄا ڪرڻ وارن جي گهڻائي اترپرديش، گجرات ۽ ڏکڻ سنڌ جي ماڻهن جي هُئي. جيتوڻيڪ منهنجو ڪم مون لاءِ بلڪل نئون هيو ۽ ڪانگريسي هجڻ سان گڏ پنهنجي معاشرتي ۽ خانداني ريتن سبب آءٌ هر فرقي جي ڀائيچاري جو حامي هُيس. انهن سببن ڪري سنڌي هندن جي لڏپلاڻ سبب منهنجي دل ڪڙهندي رهندي هُئي. ايترين وڏين آفتن، زلزلن، جنگين ۽ ڏڪارن سبب به ايترن ماڻهن جي لڏپلاڻ نه ٿي هئي جيتري هاڻي ئي رهي هئي. هاءِ ڪمشنر هجڻ ڪري اُهي لڏپلاڻ جا منظر پنهنجين اکين سان ڏسڻ تي مجبور به هُيس ته انهن بدنصيب لاڏئو ماڻهن جي چُرپر ۾ مدد به ڪندو رهندو هيس. اهو ته ايندڙ وقت ۾ ڪو مورخ يا ماهر نفسيات ئي ٻُڌائي سگهي ٿو ته ورهاڱي وقت ايتري وڏي لڏپلاڻ سوين انقلابن ۽ جنگين کان وڌيڪ ڪيئن ۽ ڇو ٿي؟ اهڙيون حالتون به ڇو ۽ ڪيئن پيدا ٿيون؟

ڪراچيءَ ۾ لڏپلاڻ جي ٽِن سيلابن سان منهنجو واسطو پيو. پهريون گروهه آل انڊيا سروس جي هندن جو هُيو جن ۾ ريلوي جي پٽيوالي تائين هُيا. ۽ انهن مان هرهڪ هندستان پهچڻ لاءِ بيقرار ۽ بيچين هُيو. اُن کان پوءِ عام سنڌي هندن جو وارو آيو جيڪي سمجهائڻ جي باوجود هندستان وڃڻ لاءِ آتا هُيا. انهن مان ڪجهه ته هوائي جهاز رستي ويا، ريل جو سفر خطرناڪ هيو ۽ اڪريت لاءِ سامونڊي رستي جو بندوبست ڪرڻو پيو هيو. ٽيون طبقو انهن مسلمانن جو هيو جيڪي جوش جي نشي ۾ پاڪستان پهتا هُيا ۽ جڏهن هِتي هِن رياست ۾ سندس لاءِ ڪابه گنجائش نه ڏٺائون تڏهن وطن جي ياد مذهبي سرگرميءَ کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿي ۽ گهر موٽي وڃڻ جو فڪر وڌي وين.

پنهنجي دوري دوران مون ڏٺو پئي ته وڏا وڏا علائقا، جن جا رهاڪو ڪافي خوشحال هُيا سي ويران ۽ سنسان هُيا. هڪ هڪ هندو اُتان هليو ويو هُيو. هڪ ڀيري آءٌ ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ مسٽر کهڙو هڪ ئي موٽر ۾ سفر ڪري رهيا هُياسين ته هُن مون کي ٻڌايو ته پاڪستان اچڻ وارو هر مسلمان شهر ۾ رهڻ چاهي ٿو ۽ ڳوٺن ۾ رهڻ کين نامناسب ٿو لڳي، جيڪڏهن هي ڳوٺن ۾ وڃن ۽ زراعت ۾ لڳي وڃن ته کين ڪافي منافعو ٿيندو. ڇو جو انهن زمينن ۽ فصلن جا مالڪ انهن کي ايئن ئي ڇڏي ويا آهن ۽ فصل ۽ زمينون بيڪار پيون آهن.

مون ۽ منسٽر کهڙو هيءُ دورو پري پري تائين ڪيو ۽ دل کولي ڳالهيون ڪيون. هُن چيو ته اصل ۾ نه ته ڪير ورهاڱي جو حاميءَ هُيو ۽ نه ئي مستقل پاڪستان جي خواهش ڪنهن کي هئي. هو چوڻ لڳو ته آءٌ خود مسلم ليگ جي اندروني حلقي سان واسطو رکان ٿو ۽ مون کي چِٽيءَ طرح ياد آهي ته پاڪستان جو مطالبو صرف سودي بازي لاءِ ڪيو ويو هيو ته جيئن گڏيل هندستان ۾ مسلمانن کي وڌيڪ ۽ رعايتون حاصل ٿي سگهن.

هڪ وڏي انگريزي اخبار جي انگريز صحافيءَ خود مون کي چيو هيو ته ”پاڪستان ٺهڻ سان مسٽر جناح کي ڌچڪو لڳو هُيو، حقيقت ۾ هُن پاڪستان نٿي چاهيو ۽ جڏهن پاڪستان ٺهي ويو ته هُن نٿي ڄاتو ته ڇا ڪجي“ ۽ انهن انتظامن لاءِ مسٽر جناح کي ڏاڍيون ڏکيائون پيش آيون هيون. هِنن ڳالهين جي اصليت الائي ڪيئن آهي آءٌ صرف اُهي لکي رهيو آهيان جيڪي منهنجي ڪنن تائين پهتيون.

سيپٽمبر 1947ع ۾ آءٌ سنڌ جو دورو ڪندو حيدرآباد پهتس. هيءُ شهر سنڌ جو وڏو شهر آهي ۽ سنڌين جي نظر ۾ هن شهر جي اهميت به آهي ۽ اُهي هر سال مذهبي جوش سان هتي ضرور ايندا آهن. ساڌو واسواڻي به هتان جو رهاڪو هُيو. سندس مريد عورت کي ڪنهن قتل ڪيو هُيو. آءٌ اُن جي تعزيت لاءِ وٽس ويس ۽ ڏٺم ته هو به سفر جي سامان ٻڌڻ ۾ لڳل هيو ۽ ڪنهن به قيمت تي هتي رهڻ نٿي چاهيائين.

اُتي ئي مون کي فون ذريعي پيغام مليو ته مسٽر جناح مون سان ملڻ چاهي ٿو ۽ فلاڻي تاريخ تي مون کي مانيءَ جي دعوت تي گهرايو اٿائين. صدر سلطنت جو دعوت نامو اصل ۾ هڪ حڪم هوندو آهي، اُن ڪري آءٌ پنهنجو دورو ملتوي ڪري واپس ڪراچي هليو آيس.

مسٽر جناح گورنمينٽ هائوس جو انتظام بلڪل يورپين طريقي جو رکيو هُيو جنهن کان آءٌ اڃا تائين اڻ واقف هُيس ۽ اُتي جي هر شئي مون لاءِ نئين هُئي. آءٌ جو بنارس جي قديم تهذيب جو ماڻهو هُيس ۽ ٻيو ڪانگريس ۾ هوندي ولايتي شين جي استعمال نه ڪرڻ سبب ان شئي مان اڻ ڄاڻ هُيس.

منهنجو اندازو هيو ته هي هڪ پرائيويٽ دعوت هوندي پر اُتي پهچي خبر پيم ته ٻين به گهڻن ماڻهن کي دعوت هئي. مانيءَ کان اڳ سڀ مهمان هڪڙي قطار ۾ بيٺا، مسٽر جناح ۽ مِس فاطمه آيا ۽ سڀني سان هٿ ملايائون. جيئن ته آئون صرف سايون ڀاڄيون استعمال ڪندڙ هيس اُن ڪري مون لاءِ ٿورو مسئلو هيو. دعوت ۾ اعليٰ قسم جو شراب رکيل هيو ۽ هر شراب جو نالو چانديءَ جي ننڍڙي تختيءَ تي اُڪريل هيو جيڪي چانديءَ جي زنجيرن سان بوتلن تي لڙڪيل هُيون. ڪجهه ماڻهن پيتو ۽ جن نه ٿي پيتو اُنهن پنهنجا ڀريل گلاس ٻين جي حوالي پئي ڪيا. مانيءَ بعد اسين ڊرائنگ روم ۾ گڏ ٿي ويٺاسين. مسٽر جناح مهمانن سان ملڻ لاءِ پاڻ ڪونه اُٿيو هُيو، هو هڪ صوفي تي ويٺل هُيو ۽ هڪ هڪ ڪري پنهنجي منظورِ نظر ماڻهن کي سڏي رهيو هيو. اُنهن ماڻهن جي لسٽ هڪ يورپين آفيسر وٽ هئي جيڪو شايد سندس سيڪريٽري هيو باقي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڦِريا پئي.(هلندڙ)

سڀ کان پهريائين مون کي سڏ ٿيو ۽ آءٌ وڃي هُن جي ويجهو ويٺس هُن انتهائي اخلاق سان مون کان پڇيو ”مسٽر سري پرڪاش ڪيئن آهين؟“ ”توسان گهڻن ڏينهن بعد ملاقات ٿي آهي“. سڀ کان اڳ ته مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ پوءِ چيم ته آئون هڪ دلچسپ دوري تي هُيس ۽ موهن جو دڙو گهمي آيو آهيان جتي اسان جي ڇهه هزار سال تهذيب ۽ تمدن جا آثار موجود آهن.“ مون کيس ٻڌايو ته ”گهڻو اڳ آثار قديمه جي ماهر ۽ موهن جو دڙو دريافت ڪندڙ ڊاڪٽر بينرجيءَ جي بنارس ۾ هڪ ليڪچر دوران هِن تهذيب ۽ تمدن بابت ٻُڌو هُيو. پوءِ مون مسٽر جناح ۽ ٻين آفيسرن جو شڪريو بجا آندو جن مون سان هِن دوري ۾ سٺو ورتاءُ ڪيو هُيو. هُن چي ”تون جتي چاهين وڃي سگهين ٿو ۽ حڪومت توکي هر قسم جون سهوليتون ڏيندي“. مون وراڻيو ”جيستائين آءٌ جيئرو آهيان ٻنهي ملڪن کي ڪڏهن به الڳ نه سمجهندس پر هميشه انڊيا کي هڪ ئي ملڪ چوندس. ۽ پاڪستاني ماڻهن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ هم وطن سمجهندس.“ مون اهو به چيو ته ”آءٌ ڪڏهن به اهو وساري نٿو سگهان ته اوهان ڪانگريس جا اهم ليڊر رهي چڪا آهيو ۽ منهنجي دل ۾ اوهان لاءِ احترام اهڙو ئي آهي جهڙو اڳ ۾ هيو.“

پوءِ مون چيو ته جيڪڏهن اجازت ڏيو ۽ ناراض نه ٿيو ته آءٌ هڪ ڳالهه چوان! هُن وراڻيو ”ضرور چئه، آءٌ هر وقت چاپلوسن جي گهيري ۾ آهيان، ڪو ته اهڙو دوست ملي جيڪو سچ چوي! ضرور چئه-!“ سندس جواب سان منهنجي همٿ وڌي پوءِ به سفارتي آدابن کي نظر ۾ رکندي چيم ته ”آءٌ اوهان جو خيرخواهه آهيان ۽ پڪ اٿم ته منهنجي چوڻ سان اوهان کي غلط فهمي نه ٿيندي“. ٻيو دفعو سندس يقين ڏيارڻ بعد چيم ته:

”آءٌ ڄاڻان ٿو ته مذهبي اختلافن سبب ورهاڱو ٿيو آهي ۽ اُهو مڪمل به ٿي چُڪو آهي ته پوءِ ان ڳالهه تي زور ڇو پيو ڏنو وڃي ته هيءَ اسلامي حڪومت آهي“؟

مون هي چوڻ جي همت ڪئي ته: ”جيڪڏهن اِن ڳالهه تي زور نه ڏنو وڃي ته هيءَ اسلامي حڪومت آهي ته هندو هتان کان نه ڀڄندا.“

پوءِ مون پنهنجا تاثرات ۽ اکين ڏٺا مشاهدا بيان ڪيا ته ڪيئن ملڪ جا اندريان حصا ويران پيا آهن ۽ اهڙن هزارين ماڻهن سان منهنجو واسطو پيو آهي جيڪي پنهنجو سڀ ڪجهه ڇڏي ڀڄي رهيا آهن.

اُن تي مشتر جناح وراڻيو ”مون لفظ ”اسلامي“ ڪڏهن به ناهي چيو، تون هڪ ذميوار آفيسر آهين اهو ٻڌائڻ تنهنجو فرض آهي ته مون ڪٿي اهو لفظ چيو آهي“

مون وراڻيو ”وزيراعظم لياقت علي خان چيو آهي ته پاڪستان هڪ اسلامي حڪومت مسٽر جناح وراڻيو آهي ته لياقت علي خان کان پُڇ، مون سان ڇو ٿو وڙهين“؟ مون ماٺ نه ڪئي ۽ چيم ”خود اوهان 31 آگسٽ تي لاهور ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته پاڪستان هڪ اسلامي رياست آهي“. مسٽر جناح کي يقين هُيو ته هُن ”اسلامي رياست“ ڪڏهن به ناهي چيو اُن ڪري وراڻي ڏنائين ”تون اصل بيان مون کي ڏيکار“.

ايئن چوندي هو اُٿي بيٺو، سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ معمولي طريقي سان مون کان موڪلاڻي ڪيائين.

منهنجي بدقسمتي هئي جو يقين هُيم ته مسٽر جناح لفظ ”اسلامي“ چيو هيو- اُن ڪري صبح ٿيندي ئي ڪراچيءَ جي مشهور اخبار جي هندو ايڊيٽر وٽ پهتس ۽ کانئس اخبار جي اها ڪاپي گهريم جنهن ۾ پوري تقرير ڇَپي هُئي. سندس پُڇڻ تي کيس رات واري سموري ڳالهه ٻڌائي ڇڏيم. اخبار وارن کان اهڙا قصا هضم ٿي ڪونه سگهندا آهن. سو هُن اخبار ۾ منهنجو انٽرويو ڇاپي ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن بعد مونکي مسٽر جناح جو خط مليو، جنهن ۾ هُن اها شڪايت ڪئي ته مون دعوت واري گفتگو اخبار ۾ ڇپرائي ڇڏي. مون کي ايڊيٽر تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر هاڻ بيوس هُيس.

بعد ۾ مون اُن تقرير جو اخبار مان غور سان مطالعو ڪيو. خبر پيم ته جناح صاحب هڪ دفعو به لفظ ”اسلامي“ جو ذڪر نه ڪيو هيو پر لفظ ”مسلم“ پنج ڇهه ڀيرا چيو هُيو. تڏهن مون کي پنهنجي غلطيءَ جو شدت سان احساس ٿيو ۽ لفظ اسلامي ۽ مسلم جي فرق جي به خبر پئي. ها وزيراعظم پاڪستان پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ٻئي لفظ استعمال ڪندو هيو. ايئن ئي محسوس ٿيو ته مسٽر جناح ان ۾ ڪابه مداخلت نه پئي ڪئي.

مون مسٽر جناح جي خط جو جواب نه ڏنو پر پنهنجي دِل ۾ ٻنهي لفظن جي فرق کي سمجهي ورتو هيم. نامور قانوندان هوندي مسٽر جناح اسلامي ۽ مسلم لفظن جي فرقن کان چڱيءَ ريت واقف هُيو. مون دل ۾ راءِ قائم ڪئي ۽ اُن تي اڄ به قائم آهيان ته مسلم حڪومت اها آهي جتي مسلمانن جي اڪثريت هُجي ۽ اُن مذهب جا ماڻهو اقتدار تي حڪمران هجن. ٻي صورت ۾ اسلامي قانون مطابق انتظام هجن ۽ انهن جي پابندي به ڪئي وڃي ته اُها رياست اسلامي هوندي. ڀَلِ ته اُن ۾ غير مسلم آبادي اڪثريت ۾ هُجي.

مسٽر جناح جو نظريو هوندو هو ته پاڪستان ۾ مسلم آباد وڏي اڪثريت ۾ آهي ۽ حڪومت جا انتظام به مسلمانن جي هٿِ وس آهن اُن ڪري هيءَ ”مسلم رياست“ آهي. ڇاڪاڻ ته سندس تعليم ۽ تربيت جديد حالتن ۽ قانونن مطابق ٿيل هئي اُن ڪري هو سمجهندو هوندو موجوده نظامِ حڪومت تيرهن چوڏهن سئو سال پهريائين جي طور طريقن سان نئين حڪومت ۽ نئين فضا لاءِ سازگار نه ٿيندا.

مسٽر جناح جي راءِ ۾ مسلم ۽ اسلامي ۾ ڪو فرق هُجي يا نه! ۽ ممڪن آهي ته اُن جي سمورين ڏکيائين تي هُن غور به ڪيو هُجي يا نه! پر هُن نه ئي پنهنجي هيٺين آفيسرن کي ڪجهه ٻڌايو ۽ نه ئي اها مداخلت ڪيائين پاڪستان کي ”مسلم رياست“ چئجي يا ”اسلامي رياست“.

حڪومت پاڪستان جي آئين ۾ پاڪستان جو ذڪر اسلامي رياست جي نالي سان آيو آهي ۽ اهو مسئلو سمورين ڏکيائين ۽ نتيجن سان جتي هيو اڄ به اُتي ئي آهي.