|
طالبان افغانستان ۾ گوريلا جنگ وڙهي رهيا آهن. طالبان جي ان
گوريلا جنگ کي ڪي لبرل ۽ ذهني انتشار جو شڪار کاٻي ڌر جا ماڻهو
قومي آزادي جي جنگ قرار ڏئي رهيا آهن. هر ماڻهو جو اهو جمهوري
حق آهي ته اهو جيڪا ڳالهه صحيح سمجھي ٿو سا چئي ڏي پر مسئلو
اهو آهي ته راءِعامه ٺاهيندڙ ڪيترائي ماڻهو غير جانبدار طور تي
معروضي انداز ۾ تجزيو ڪرڻ بنا سياسي اسطلاح استعمال ڪن ٿا جنهن
نتيجي ۾ عوام کي غلط پيغام ملي ٿو.
اسان جا صحافي ۽ ڪجهه تجزئي نگار عام طور تي ان قسم جون
ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي بظاهر عوامي نوعيت جون محسوس ٿين ٿيون.
انهن جي اها دعويٰ آهي ته طالبان حقيقت ۾ هڪ اهڙي جنگ وڙهي
رهيا آهن جنهن جو مقصد غير ملڪي فوج کي پنهنجي ملڪ مان ٻاهر
ڪڍڻ آهي ان لاءِ اها قومي آزادي جي جنگ آهي. سو هر اها ڳالهه
جنهن مان آمريڪي دشمني ظاهر ٿئي سا سٺي لڳندي آهي. پر ان کي
سامراج دشمني تصور ڪرڻ غلط آهي. ان قسم جي سوچ رکندڙ ماڻهو
افغانستان ۾ طالبان جي جنگ کي انتهائي سڀاويڪ انداز ۾ وڌائي
پيش ڪندا آهن. اهي ماڻهو اول ته گهرائي ۾ وڃي ڪري مسئلي جو
جائزو ناهن وٺندا ۽ اهي ان اهم نقطي کي به وساري ڇڏيندا آهن ۽
غير ملڪي فوج افغانستان کي بيٺڪيت بنائڻ لاءِ ناهي آئي پر هڪ
چونڊيل حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اتي موجود آهي.
سو پهريون ته سياسي سائنسدانن کي گهرجي ته افغانستان جي مسئلي
تي ڳالهائڻ کان اڳ انهن حالتن جو جائزو وٺن جنهن نتيجي ۾ اتي
جنگ جي شروعات ٿي. ٻيو ته اهو سوال به غور طلب آهي ته اها نام
نهاد آزادي جي جنگ افغانستان کي ڪيڏانهن ڌڪي رهي آهي. سوچڻ جي
ٽين ڳالهه اها آهي ته نام نهاد جنگ آزادي سان افغان عوام خاص
طور تي غريبن کي ڇا حامل ٿيندو؟ پنجون مسئلو جنهن تي ڌيان ڏيڻ
گهرجي سو اهو آهي ته اهي ماڻهو ڪيئن وڙهي رهيا آهن؟ ڇهين ڳالهه
اها آهي ته ڇا افغانستان جي عوام جي اڪثريت ان جنگ جي حمايت
ڪري ٿي؟ ان کان علاوه به ڪيترائي سوال آهن پر مناسب اهو هوندو
ته اسان في الحال ڄاڻايل اهم سوالن تي ئي ڌيان ڏيون.
انهيءَ حوالي يا اچو ته سڀ کان پهرين افغانستان جي تازي تاريخ
جو جائزو وٺون. افغانستان ۾ اپريل 1978ع جي انقلاب جي قيادت
ڪميونسٽ پارٽيون ڪري رهيون هيون. انقلاب جي شروعاتي ڏهاڙن ۾
متعارف ڪرايل سڌارن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ تعليم کي لازمي قرار
ڏيڻ، ڪنوار خريدڻ جي ورايت ”ولور“ جو خاتمو، وياج جي قرض ڏيڻ
جي ظالماڻي نظام ۾ اصلاح ۽ عورتن جي حقن جي بحالي جهڙا اپاء
شامل هيا. انهن سمورن سڌارن ۾ ڪا به شئي اهڙي نه هئي جنهن کي
ڪنهن به طور تي غير اسلامي قرار ڏجي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي
ته پاڪستان افغانستان جي داخلي معاملن ۾ مداخلت جو فيصلو ڪيو ۽
ان مقصد لاءِ نام نهاد اسلامي مجاهدن جا گروپ جوڙيا ويا جن جي
قيادت گلبدين حڪمت يار کي سونپي وئي جنهن جا آءِ ايس آءِ سان
پراڻا لاڳاپا هيا. پوءِ ائين ٿيو جو جنرل ضياءُالحق آمريڪي ۽
سعودي حڪومت کي به ان معاملي ۾ گهليو ويو ۽ افغانستان ۾ دخل
اندازي وڌائي وئي. افغان حڪومت کان هڪ غلطي اها ٿي جو ان
پنهنجي دفاع لاءِ سوويت فوج جي مدد طلب ڪئي. سوويت يونين
پنهنجي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ اهڙي بغاوت کان پريشان هو جنهن
جي سرپرستي آمريڪا ڪري رهيو هو سو هن فوري طور تي پنهنجي فوج
افغانستان موڪلي ڇڏي. اها اهڙي غلطي هئي جنهن جي سوويت يونين
کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي. خود افغان ڪميونسٽ به پنهنجي ڄنڊاپٽ
ڪري صورتحال تي گرفت وڃائي ويٺا.
پاڪستان، آمريڪا ۽ سعودي عرب جي مدد سان افغان انقلاب خلاف
وڙهندڙ عنصرن کي ڪاميابي حاصل ٿي وئي ۽ سوويت فوج کي افغانستان
مان واپس وڃڻو پيو پر پوءِ اهو ئي ٿيو جنهن جو خدشو هو.
صورتحال ڪجهه ائين هئي جو مجاهدن جي مختلف گروپن جي وچ ۾ ڀرپور
جنگ شروع ٿي وئي ۽ افغانستان عملي طور تي مختلف ويڙهاڪ ڪمانڊرن
جي علائقن ۾ ورهائجي ويو. ان سان گڏوگڏ پاڪستان انٽيليجنس
ايجنسيون ڪابل ۾ پنهنجي پسند جي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ۾مصروف
رهيون. ان راند ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪنهن کي پهتو؟ اهو
افغانستان جو غريب عوام ئي هو. جنهن کي ان صورتحال سبب وڌيڪ
نقصان برداشت ڪرڻو پيو. افغان تاريخ جي ان باب کي ياد ڪرڻ ان
لاءِ به ضروري آهي جو هاڻ به افغانستان ۾ مقرر ٿيل غير ملڪي
فوج افغان حڪومت کي مؤثر طور هلائڻ جي قابل بڻائي هلي وئي ته
افغانستان هڪ ڀيرو وري قبائلي ويڙهاڪن جي وچ ۾ گهرو ويڙهه جو
شڪار ٿي ويندو.
پوءِ وري پاڪستان جي سرپرستي ۾ طالبان اچي ويا ۽ انهن ملڪ جو
80 سيڪڙو علائقو فتح ڪري اها شريعت لاڳو ڪري ڇڏي جنهن کي اهي
پاڻ صحيح سمجهندا هيا. طالبان بيشڪ پنهنجي هيٺ آيل علائقن ۾
امن قائم ڪيو پر اهڙي حڪومت قائم ڪئي جيڪا مذهبي ۽ نسلي فاشزم
تي ٻڌل هئي. طالبان جي دور ۾ ٻين فرقن ۽ مذهبن جي اڻ سهپ اوج
تي پهچي وئي هئي. ڇا اسان کي اها ڳالهه وسارڻ گهرجي ته طالبان
سڄي دنيا جي اپيلن باوجود ٻڌ جي مجسمن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
اهي طالبان ئي هيا جن پاڪستان ۽ خود افغانستان ۾ شيعن جو خون
ڪيو ۽ سپاهه صحابه جهڙن انتها پسند شيعا دشمن گروپن کي
افغانستان ۾ پناهه ڏني هئي. طالبان جو حڪومتي نمونو اهڙو
ظالماڻو هو جو سڄي دنيا ۾ اسلام بدنامي جو سبب بڻيو. طالبان جي
دور ۾ مردن کي ڏاڙهي رکڻ ۽ عورتن کي مٿي کان پير تائين پنهنجو
جسم برقعي ۾ لڪائڻ تي مجبور ڪيو ويندو هو. جڏهن ته عورتن تي
تعليم جا دروازا مڪمل طور بند ڪياويا هيا. طالبان معاشي نطام
به اهڙو رائج ڪيو جو افغان عوام جي زندگي وڌيڪ عذاب ۾ مبتلا ٿي
وئي. انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ خراب ڳالهه اها هئي جو طالبان
القاعده جي جهادين کي عالمي اسلامي انقلاب برپا ڪرڻ لاءِ
افغانستان ۾ پناهه ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪيو. ان قسم جي معاملن جي
فهرست ايڏي ڊگهي آهي جو ان کي نطر ۾ رکيو وڃي ته قومي آزادي جي
محاذ تي طالبان جي ڪا جڳهه نٿي بڻجي.
افغانستان ۾ هن وقت موجود غير ملڪي فوج هن ملڪ کي بيٺڪيت بڻائڻ
نه آئي هئي پر انجي آمد جو اصل سبب طالبان جون احمقاڻيون
پاليسيون هيون. پاڪستان ۽ عالمي طاقتن طالبان کي ان ڳالهه لاءِ
ڪافي مهلت ڏني هئي ته اها دهشتگردن کي دنيا جي ٻين ملڪن مان
برآمد ڪرڻ واري رستي تان هٽي وڃي. طالبان ۽ انجي القاعده سان
تعلق رکندڙ دوستن طرفان تيار ٿيل عظيم دهشتگردن مغربي ملڪن ۾
ئي ڪافرن کي تباهه نه ڪيو پر انهن مسلم ملڪن ۾ به اهڙي تباهي
پکيڙي.
موجوده افغان حڪومت کي صرف امريڪي ڇاڙتو قرار ڏئي ڪري نظرانداز
نٿو ڪري سگهجي جيئن ڪي تجزئي نگار ڪوشش ڪندا آهن اسان کي اها
ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته افغانستان ۾ انتهائي خراب حالتن ۾
چونڊون ٿيون هيون جن ۾ سموريون نسلي برادريون ۽ علائقن سان
تعلق رکندڙ ماڻهن حصو ورتو هو. انهن چونڊن جي هڪ اهم ڳالهه اها
هئي ته ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون به چونڊيون هيون جن کي ماضي ۾
گهران نڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي هئي. ان لحاظ کان موجوده
افغان حڪومت عوام جي چونڊيل آهي.
اهو صحيح آهي ته افغانستان ۾ ٿيل چونڊ ۽ ملڪ جي حڪومت حقيقت ۾
ائين جمهوري ناهن جيئن هئڻ گهرجن پر ان حقيقت کي به وساري نٿو
سگهجي ته افغانستان ۾ جمهوري عمل جي شروعات ٿي چُڪي آهي. اهو
جمهوري عمل هن وقت ڀلي ڪيڏو به خراب ڇو نه لڳندو هجي پر يقيني
طور تي اهو ملا عمر جي آمريت جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهي.
طالبان جيڪڏهن افغان عوام سان محبت ڪن ٿا ۽ جمهوريت جو احترام
ڪن ٿا ته انهن کي گهرجي ته اهي افغانستان ۾ 2009ع ۾ ٿيندڙ
چونڊن ۾ حصو وٺن. اڄ جي دنيا ۾ اهو ئي واحد مهذب سياسي طريقو
آهي. افغانستان هڪ ڀيرو مستحڪم ٿي وڃي ۽ انجي فوج امن امان
برقرار رکڻ جي قابل ٿي وڃي ته ڪو سبب ناهي جو سڄي دنيا غير
ملڪي فوج جي نيڪال جي حمايت نه ڪري. ٻيو سوال اهو آهي ته
طالبان ڪهڙن ماڻهن لاءِ وڙهي رهيا آهن؟ هڪ اهم ڳالهه جنهن کي
اسان جا سياسي مبصر نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن سو آهي افغانستان
جي آبادي ۾ مختلف نسلي گروپن جي شرح افغانستان ۾ پشتون 42
سيڪڙو، تاجڪ 27 سيڪڙو، هزارا 9 سيڪڙو، ازبڪ 9 سيڪڙو، ايمڪ 4
سيڪڙو، ترڪمان 3 سيڪڙو، بلوچ 2 سيڪڙو ۽ ٻين نسلي برادرين سان
تعلق رکندڙ ماڻهن جو تناسب 4 سيڪڙو آهي.
انهن انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 58 سيڪڙو افغان آبادي پشتون
ناهي ۽ اها به حقيقت آهي ته جن ماڻهن کي پشتون چيو ويندو آهي
انهن ۾ به پشتون ٻوليون ڳالهائيندڙن ۾ ورڇ هجي ٿي. طالبان جي
ڳري اڪثريت پشتون ڳالهائيندڙ افغانن جي آهي. انهيءَ لاءِ
مهرباني ڪري اهڙي تصوير ڪشي نه ڪيو جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ته
طالبان افغان عوام جي اڪثريت جي امنگن جي نمائندگي ڪن ٿا.
افغان صدر حامد ڪرزئي اهم پشتون قبيلي پوپلزئي سان تعلق رکي
ٿو. انجي والد کي طالبان ڪوئيٽا ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ حامد
ڪرزئي موجب انجي والد جي قاتلن کي آءِ ايس آءِ جي سرپرستي حاصل
هئي. ٻيا به ڪيترائي پشتون قبيلا طالبان جي مخالفت ڪندا آهن.
اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته افغانستان ۾ صورتحال ايتري
خراب ناهي جيتري هتي ٻڌائي پئي وڃي. انجو بنيادي سبب اهو آهي
ته طالبان کي گهڻي حمايت افغانستان ۾ حاصل آهي جڏهن ته اتر ۽
مغربي افغانستان جا ڪيترائي اهڙا شهر آهن جتي طالبان جي حامين
جي تعداد تمام گهٽ آهي. ٽيون سوال: اسان کي اهو به ڏسڻ گهرجي
ته طالبان جيڪڏهن پنهنجي نام نهاد قومي جنگ آزادي کٽي ويا ته
اهي عوام کي ڇا ٿا ڏئي سگهن. طالبان جي اڳوڻي ڪارڪردگي کي نظر
۾ رکندي ان سوال جو واحد جواب اهو آهي ته افغانستان جنهن جي
حالت انتهائي خراب آهي اتي ترقي جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي. پر
اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون.
جيڪڏهن اسان عام افغان عوام سان دلچسپي رکندا هجون ته پوءِ
اسان کي گهرجي ته طالبان جي رجعت پرست تحريڪ کي وڌائي چڙهائي
پيش ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيون. اسان کي ان معاملي ۾ اهڙو رويو
اختيار نه ڪرڻ گهرجي ته اسان آمريڪي دشمني ۾ ڪنهن اهڙي پاليسي
کي هٿي ڏيڻ لڳيون جيڪا افغانن ۽ هن خطي جي عوام جي مفادن جي
خلاف هجي.
افغان مسئلي جو حل اهو آهي ته اتي هڪ چونڊيل حڪومت هجي، اسان
کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته هيءُ اهڙو ڪم آهي جيڪو افغانستان جا
ماڻهو اڪيلي سر نٿا ڪري سگهن. کين ان مقصد لاءِ عالمي حمايت جي
ضرورت آهي. آمريڪي قيادت ۾ غير ملڪي فوج جي افغانستان ۾
موجودگي ڪا سٺي ڳالهه ناهي. بهتر اهو ٿيندو ته افغانستان ۾
مسلم ملڪن جي فوج اقوام متحده جي نگراني ۾ مقرر ڪئي وڃي. هن
وقت به افغانستان ۾ غير ملڪي فوج جي نگراني اقوام متحده ئي ڪري
رهي آهي. اها به حقيقت آهي ته ابتدائي مرحلي ۾ افغانستان ۾
ڀرتي لاءِ مسلم ملڪن کي پنهنجي فوج موڪلڻ جي دعوت ڏني وئي هئي
پر مسلم ملڪن اها دعوت قبول نه ڪئي.
افغانستان ۾ استحڪام صرف هن ملڪ لاءِ ئي نه پر سڄي دنيا لاءِ
اهميت جوڳي آهي. طالبان ۽ القاعده طرفان هلندڙ دهشتگرد
يونيورسٽي هر صورت ۾ بند ڪئي وڃي. دهشتگردي سبب افغانستان
کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ پاڪستان آهي ڇاڪاڻ ته
طالبان جي جنگ اسان جي ملڪ اندر پکڙجي چُڪي آهي. هڪ مسئلو اهو
به آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جنهن دهشتگردي جي پرورش ڪئي هئي
سا اهو به خواب ڏسي رهي آهي ته اهي ئي دهشتگرد هڪ ڏينهن ڪشمير
مسئلو حل ڪرائڻ ۽ ڪابل ۾ هڪ پسنديده حڪومت جي جوڙجڪ ۾ مدد
ڪندا.
ان پراڻي پاليسي جو وقت گذري ويو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي
ته اسان پنهنجي پارليامينٽ ۾ کُلي ڪري ان ڳالهه جو اعلان ڪيون
ته پاڪستان ان پاليسي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي جنهن اسان کي هڪ
طوفان ۾ ڦاسائي وڌو آهي ٻيو ته اڳتي ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان
ڳالهه جي اجازت نه ڏني ويندي ته هو اسان جي پاڙيسرين جي معاملن
۾ دخل اندازي لاءِ اسان جي سرزمين استعمال ڪري. اسان اهو به
برداشت نه ڪنداسين ته ڪير پنهنجي مرضي سان سرحدون پار ڪري.
افغانستان سان نرم سرحد جي روايتي پاليسي کي به تبديل ڪرڻو
پوندو ته جيئن ڪو اسان تي طالبان کي پناهه گاهون مُهيا ڪرڻ جو
الزام لڳائي نه سگهي ۽ نه ئي افغانستان طرفان ڪو پاڪستان ۾ دخل
اندازي ڪري سگهي.
سموريون جهادي تنطيمون جيڪي ملڪ اندر کلي عام ڪم ڪري رهيون آهن
انهن جو آفيسون بند ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي. سو حالتن جي تقاضا
اها آهي ته اسان پنهنجن پراڻن اوزارن کي دفن ڪري ڇڏيون مان
پنهنجن لبرل ۽ ليفٽسٽ دوستن کي جيڪي طالبان جو دفاع ڪري رهيا
آهن تن کي اهو چوڻ چاهيندس ته مهرباني ڪري احتياط سان ڪم ڪن ۽
سامراج دشمني ۽ مذهبي فاشزم جو صحيح پسمنظر ۾ جائزو وٺن.
Ayazbabar@ymail.com |