ان ڪئميرا بريفنگ اجلاس ۽ اسلام آباد ۾ بم ڌماڪو

آمريڪا ۽ طالبان هڪ آهن، ڪي الڳ شيون ناهن

زرار پيرزادو

چارسده ۾ هفتو اڳ اي اين پي جي سربراهه اسفديار ولي خان تي ٿيل ناڪام آپگهاتي حملي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ بکر شهر ۾ هڪ ٻئي ايم اين اي تي ٿيل حملي ۽ هاڻي انتهائي هاءِ الرٽ ۽ ريڊ زون قرار ڏنل اسلام آباد ۾ (جتي پارليامينٽ کي دهشتگردي خلاف جنگ، قبائلي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن ۽ آمريڪا جي پاڪستان ڏانهن اختيار ڪيل پاليسي تي هلندڙ) ان ڪئميرا بريفنگ شين جي ٻئي ڏينهن واري اجلاس جي موقعي تي ڪالهه پوليس لائينز ۾ ٿيل بم ڌماڪو انهيءَ حقيقت جو اعلان بڻجي برپا ٿيو آهي ته هاڻي ”طالبان ۽ حڪومت وچ ۾ جنگ آهي“

اها صورتحال يقينن مجموعي طور تي انتهائي تشويشناڪ ۽ حڪومت کاءِ وري انتهائي خوفناڪ آهي. حڪومت کي ٻنهي پاسن کان خطرو آهي. جيڪڏهن اها دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سان سهڪار نٿي ڪري ته آمريڪا افغانستان ۽ عراق جيان مٿس بمباري ڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو ۽ جيڪڏهن اها آمريڪا جي چوڻ تي طالبان ۽ القاعده خلاف ڪارروائي ڪري ٿو ته طالبان آپگهاتي بم ڌماڪا ڪري حڪومتي رٽ کي چئلينج ڪري ٿو ۽ انجي حڪومتي ۽ رياستي نيٽ ورڪ کي ناڪام بڻائي ڇڏي ٿو. ۽ انهن ٻنهي صورتن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ملڪ ۽ عوام جو ٿئي ٿو.

حالتن اهو به ثابت ڪيو آهي ته ٻئي طاقتون آمريڪا ۽ طالبان حڪومت کان زور آهن. سو دهشتگردي خلاف جنگ پاڪستان ۽ موجوده حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي وئي آهي. پاڪستان لاءِ جند ڇڏائڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. جيڪڏهن حڪومت طالبان يا القاعده سان ڳالهيون ڪري ٿي ته اهي ڳالهين جي صورت ۾ ”طالبانائيزيشن وارو نظام“ مڙهڻ وارو جيڪو پنهنجو مفاد آڏو رکن ٿا سو به قبولڻ جوڳو جيئن ته ناهي انڪري اهي ڳالهيون ۽ معاهدا ناڪام وڃن ٿا پر جيڪڏهن حڪومت سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ٿي ته اهي باقاعدي حڪومت جا دشمن بڻجي ان کي ٽارگيٽ بڻائين ٿا.

هن ڪيس جو اهو پهلو البت ڏاڍو دلچسپ ۽ سوچڻ جوڳو آهي ته باوجود انجي ته طالبانائيزيشن خلاف نائين اليون واري واقعي بعد 2001 کان عالمي سطح تي آپريشن هلي رهيو آهي ۽ ان آپريشن ۾ آمريڪا، برطانيه ۽ پاڪستان يعني ٽي ملڪ حصو وٺي رهيا آهن پر پوءِ به طالبانائيزيشن گهٽجڻ بدران انتهائي طاقتور ۽ خوفناڪ روپ اختيار ڪري رهي آهي. اها طالبانائيزيشن جيڪا پهرين صرف افغانستان ۾ موجود هئي سا بعد ۾ عراق ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ به ڦهلجندي نظر آئي ۽ هاڻي انجو دائرو اسلام آباد ۽ لاهور جي شهرن تائين وڌي آيو آهي. ايم ڪيو ايم ته ڪراچيءَ ۾ به انجي موجودگيءَ جي نشاندهي ڪري چُڪي آهي. اهو به ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته جتي به طالبانائيزيشن کي ٽارگيٽ بڻايو وڃي ٿو ته اها اتي فوري ردعمل طور پنهنجي طاقت جو نماءُ ڪري ڏيکاري ٿي. مثال طور جيڪڏهن اڄڪلهه اسلام آباد ۾ حُڪومت پارليامينٽ اندر ان ڪئميرا اجلاس ڪري قبيلائي علائقن ۾ هلندڙ آپريشن بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي رهي آهي ته طالبان ڌماڪو ڪري ان عمل تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ ان ڪارروائي ذريعي اهو به ثابت ڪيو ويو آهي ته طالبان جڏهن به ۽ جتي به چاهين ته ڪابه ننڍي وڏي ڪارروائي ڪري سگهن ٿا.

هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخرڪار ايڏي عالمي سطح جي آپريشن باوجود طالبان ايڏا مضبوط ڇو آهن ۽ انهن جو نيٽ ورڪ رياستي ۽ حڪومتي نيٽ ورڪ کان مضبوط ڇو آهي؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ هتي هڪ نئون نقطو پيش ڪجي ٿو. پنهنجو خيال اهو آهي ته آمريڪا ۽ طالبان يا القاعده ڪي ٻه شئيون يا ٻه طاقتون ناهين اهي پاڻ ۾ هڪ آهن. طالبان ۽ القاعده جو پسمنظر ٻڌائي ٿو ته اهي آمريڪا جون پاليل ڌريون آهن جن ذريعي آمريڪا افغانستان مان روسي فوجين کي ڀڄايو ۽ هاڻي به انهن کي استعمال ڪندي انهن جي دشمني ۾ اهو پنهنجا هڪڙا سامراجي ۽ معاشي مفاد حاصل ڪري رهيو آهي. وقت اهو به ثابت ڪيو آهي ته نائين اليون وارو واقعو هڪ ناٽڪ هو ۽ اخبارن اندر ڪي اهڙا به ڪارٽون ڇپيا جن ۾ اسامه کي واشنگٽن هائوس ۾ لڪيل ڏيکاريو ويو آهي انهيءَ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ هڪ اهو به دليل رکجي ٿو ته نائين اليون واري واقعي کانپوءِ پاڪستان ۽ هندستان جا تعلقات هڪدم بهتر ٿي ويا. ان جو سبب يقينن اهو هو ته آمريڪا هن خطي ۾ پهريون پاڪستان ۽ هندستان کي ويڙهائي پنهنجي موجودگي جو جواز هٿ ڪيو هو پر نائين اليون وارو واقعو ڪرائي ان بعد ۾ طالبان ۽ القاعده ذريعي هن خطي ۾ موجود رهڻ جي پاليسي اختيار ڪئي آهي.

سو دهشتگردي خلاف جنگ آمريڪا جو ناٽڪ آهي. اهو دهشتگردي خلاف جنگ جي آڙ ۾ نه صرف ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ موجود رهي ڪري روايتي طاقتن روس، چين، هندستان جي ويجهو اچي انهن جي سرگرمين تي نظر رکڻ چاهي ٿو پر نئين اڀرندڙ ايٽمي مسلم ملڪن جهڙوڪ ايران، پاڪستان ۽ عراق وغيره کي به قابو رکڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن آمريڪا واقعي به طالبانائيزيشن ختم ڪرڻ چاهي ته اهو ڪم هو برطانيه ۽ پاڪستان جي مدد بنا به ڪري سگهي ٿو ۽ ائين اسامه بن لادن به آمريڪا لاءِ ڪو مسئلو ناهي آمريڪا کان اهو ڪنهن ريت به لڪيل ناهي. ان کي چڱيءَ ريت معلوم آهي ته اهو زنده يا لاش ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي. سو ان ڪئميرا بريفنگ سيشن ۾ ان پهلوءَ جو به جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان، آمريڪا ۽ طالبان جي ان ملي ڀڳت جو ڪيئن مقابلو ڪري.