عوام جي سياست کان بيزاريءَ جي لهر

غني ڪانڌڙو

حڪومتي نظام هڪڙو هئڻ گهرجي؟ سرمائيداري نظام جي حمايتي سماجي ڏاهن آڏو اڃان تائين اهو سوال حل ٿي ڪو نه سگهيو آهي. اهو ان ڪري ته انهن آمريت ۽ جمهوريت کان اڳتي شايد تجربي ڪرڻ جي ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي آهي. سندن آڏو آمريت جي وصف اها ئي رهندي اچي ٿي ته بادشاهه ۽ شهنشاهه يا اهڙو ئي خاڪي وردي وارو طاقت ور شخص، سماجي تبديليءَ لاءِ اهي ڪنهن غيبي مدد جي آسري تي ڪنهن  شخصيت جو اظهار ڪندا هوندا آهن. جڏهن ته يورپ جي قبل مسيح دور جي سماجي ڏاهن به ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته اهڙي لائق شخصيت پيدا ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ سندن ڪيتريون ئي فارمولائون ملن ٿيون. سندن آڏو ٻيون نظام جمهوريت آهي جنهن جو به بنيادي تصور يوناني ڏاهن ڏنو هيو. جنهن کي سڌاري موجوده جمهوريت جي شڪل ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هڪ شخص ووٽ جي بنياد تي اڪثريت راءِ جو فيصلو مڃڻو ٿو پوي. پوءِ ڀلي اڪثريت راءِ فيصلي جي لائق هجي يا نه. هڪ ڏڏ جاهل شخص به هڪ ووٽ ڏيڻ جي لائق هجي ٿو ته هڪ سماجي علم جي اعليٰ ڊگري رکندڙ به ساڳي طرح هڪ ووٽ وجهڻ جو حقدار رهي ٿو. يعني سماج شعوري طور ڪيترو به ترقي ڪري وڃي تڏهن به جاهل ۽ عقلمند ۾ فرق ڪو نه ٿو رکيو وڃي. اهڙيءَ طرح سماج جي ڪوانٽٽي کي ڪوالٽيءَ تي فوقيت ڏني وڃي، جنهن ڪري باشعور فردن جي همت افزائي نه ٿيڻ ڪري اهي حڪومتي انتظامي ڍانچي ڏانهن توجهه جهڪو ٿا ڪري ڇڏين. اهو ئي سبب هوندو آهي ته جمهوري نظام اعليٰ حڪمرانن پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ان جو مثال آمريڪي جمهوريت جي ٻه سو سالا تاريخ آهي.

جڏهن تخليق جي همت افزائي ڪانه ٿيندي ته اڪثريت جو لاڙو اوڏانهن ڪيئن ٿيندو؟ اهو آهي بنيادي نقطو. جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي هميشه ضرورت رهي آهي. ڏاهپ جو قدر ڪيو ويندو يا ٻڌو ويندو ته ڏاهپ پسندي پيدا ٿيندي. هر فرد جو انساني رتبو ڀلي هڪ جهڙو هجي پر شعوري طور هڪ جهڙائي ٿيڻ موجوده دور تائين شايد ممڪن ڪونهي. گڏهه ۽ گابو ڀلي قد بت ۾ هڪ جهڙا هجن، پر هينگ ۽ رنڀ ۾ فرق ضرور هوندو آهي.

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ وڌيڪ وقت آمريت کي ڏنو ويو آهي يا ان پنهنجي جاءِ پاڻ ٺاهي آهي؟ اهو آهي بنيادي سوال اسان جي ملڪي سياست کي سمجهڻ لاءِ جنهن تي اختلاف ٿيندا آيا آهن. ملڪ جي اڌ صديءَ کان وڌيڪ تاريخ ٻڌائي ٿي ته چوڪيدار چورن کي ڀڄائڻ لاءِ طاقتور ٿيڻ جو بهانو ٺاهي گهر مالڪن کي يرغمال بڻائيندو آيو آهي. يعني آمريت لاءِ ڪنهن اجازت ناهي ڏني پر هڪ مخصوص طاقتور طبقي عوام جي اٻوجهائپ منجهان ناجائز فائدو ورتو آهي يا ان کي هڪ رٿابندي تحت اٻوجهه رکندو آيو آهي. انگريزن جو هڪ ئي قوم منجهان فوجي طاقت چونڊڻ جو مطلب ئي اهو هو  ته جيئن مستقبل ۾ آمريت مڙهڻ ۾ آساني ٿئي ۽ ان معرفت ملڪ کي مرضي مطابق هلائي سگهي. آمريت مڙهڻ جي ان رٿابنديءَ ڪري جمهوريت کي هر هر گهٽا ڏنا ويا. سماجي ڏاهن آڏو جمهوريت جي مقابلي ۾ مثبت سماجي شعور رکندڙ آمريت بهتر رهي آهي. ان لاءِ وري به شرط اهو رکيو ويو آهي ته عوام جي مرضيءَ مطابق لائق شخص کي آمريت جون واڳون ڏنيون وڃن، پر اسان عوام کي گاهه ئي ڪو نه وڌو ويو. زبردستي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ آمريت جي حق ۾ دليل بازي ڪئي وڃي ٿي جيڪا ڳالهه يا حرڪت عوام جي برداشت کان ٻاهر آهي. گهر مالڪ جي مرضيءَ مطابق چوڪيدار رکيو ويندو آهي، پر اسان وٽ ان جي بلڪل ابتڙ چوڪيدار جي مرضي مطابق گهر مالڪ تبديل ڪيو ٿو وڃي. جڏهن به گهر مالڪ ۽ چوڪيدار جي وچ ۾ اختلاف ٿيندا آهن ته هميشه گهر مالڪ تبديل ڪيو ويندو آهي. جنهن لاءِ گهر جي ٻين ڀاتين جي رضامندي جي ڪابه ضرورت ناهي  محسوس ڪئي ويندي. جڏهن به عوام پنهنجي مرضي جي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته کيس اهڙي ته چيڀٽ ڏني وئي آهي جو سالن تائين ويچارو پٽيون ڪرائڻ ۾ پورو هوندو آهي. ٻئي پاسي سوچڻ جو کيس وقت ئي ڪو نه هوندو آهي. اهي ايزاءَ فرقي وار تفرتون پکيڙڻ، قومن ۾ ٽڪراءَ پيدا ڪرڻ، هٿرادو مهانگائي پيدا ڪرڻ، شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ، پنهنجي منظور نظر، دولت مند طبقي کي رئايتون ڏيڻ، عوام جي مٿان ٽيڪسن جوڳاٽي ٽوڙ بار وجهڻ، ترقي جي هر موڙ تي رڪاوٽون وجهڻ وغيره جي شڪلين ۾ ڏنا وڃن ٿا. ٻاهرين دنيا جا ملڪ پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڏنل قرضن جي واپسي جي دڙڪي يا وڌيڪ قرض ڏيڻ جي دلاسي تي چوڪيدار جي معرفت پنهنجي مرضيءَ جو فرمانبردار گهر مالڪ يا آمر مقرر ڪري سگهن ٿا جنهن لاءِ هر وقت ماحول ۽ حالتون سازگار ملن ٿيون. چوڪيدار ٽولي اندر سندن منظور نظر هر وقت حڪم ادوليءَ لاءِ تيار هوندا آهن. چوڳو ڏيندڙ جيڪڏهن هم مذهب هوندو ته هندستان دشمن ٿي ويندو. پر جيڪڏهن هن هم نظام هوندو ته سڀ روسي ڪافر ٿي ويندا. پاڙيسري وياج خور، هيروئني، دهشتگرد قريبي ڀائر ٿي ويندا. ڪويت، دبئي، سعودي عرب يا عراق جو چوڳو هوندو ته ايراني شيعا ٿي ويندا وغيره. مطلب ته صرف چوڪيدارن جي مفادن تحت ملڪي پاليسيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. عوام جي ڪهڙي راءِ آهي؟ تنهن جي کين ڪابه ڳڻتي ناهي. ساڳي طرح ملڪي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته چوڳو ڏيندڙن ۽ چوڪيدارن جا مفاد هڪ جهڙا رهيا آهن، جنهن منجهان اهو اندازو هڻڻ ڏکيو ڪونهي ته چڪيدار ڪنهن جي آشيرواد تي هلن ٿا. اڌ صديءَ دوران جيترو به قرض ڏنو ويو آهي، اهو هڪ لالچ مثل نظر ٿو اچي ته جيئن سامراجي مفادن تحت ملڪ کي هلائي سگهجي.

سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اسان سامراجي مفاد پورا ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو آهي؟ اسان جا هم عمر ملڪ ترقيءَ جون اعليٰ ڏاڪڻيون چڙهي ويا آهن پر اسان اڃان تائين انگريزن جي وڇايل ڄار منجهان جند آزاد ڪرڻ جو سوچيو به ڪونهي. اسان کي هروڀرو ان ڍگر تي ڇو ٿو هلايو وڃي؟ اوڌر ڏيڻ جو اهو مطلب ڪونهي ته پنهنجو نظريو ۽ ايمان وڪڻي ڇڏيون.

بين الاقوامي سماجي ترقيءَ جي موجوده ڏاڪي تي اهو ممڪن ئي ڪونهي ته عوام کي ايترو نظرانداز ڪيو وڃي ۽ اهو برداشت ڪندو رهي. جيڪڏهن اسان کي مٿان مٿان عوام جي برداشت محسوس ٿي رهي آهي ته اها اسان جي ڀل آهي. اندران ئي اندران عوام ۾ بنا سڏايل مهمان وانگي حڪمرانن خلاف نفرتون وڌي ويون آهن. برداشت جو لاوو ڦاٽڻ تي اچي پهتو آهي. ان کان اڳ جو اهو ڌماڪو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي، بهتر اهو آهي ته دنيا جي ٻين اڪثر ملڪن وانگي کيس به گهر مالڪ طور تسليم ڪيو وڃي ۽ اهو حق سدائين لاءِ مڃيو وڃي. اقتدار کان پري رکڻ واريون چالون ۽ حرفتون پراڻيون ٿي ويون آهن. نيون اٽڪلون تخليق ٿي ڪو نه ٿيون سگهن. ڇاڪاڻ ته ان ڪم لاءِ ايترو ئي تخليق ڪري سگهجي ٿو. ان کان وڌيڪ برداشت ڪرائڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڌماڪو ٿيندو. منفي ۽ جڙتو آمريت وٽ ڏنڊي کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو. جڏهن ته عوام رضاڪارانا طور مقرر ڪيل کي ئي برداشت ڪري سگهندو آهي. موجوده دور واري سياست کان عوامي بيزاري واري لهر هڪ قسم جي اخلاقي مار آهي جيڪا حڪمرانن کي ملي رهي آهي نه ته مالڪيءَ تان ڪير ٿو دستبردار ٿئي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته مالڪيءَ واري حق جي لطفن ۽ مزن کان عوام واقف ڪونهي پر قبضي گيرن کي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ به نه رهڻ گهرجي. سندن اڌ صديءَ جي رٿابنديءَ ڪري هر موڙ تي عوام کي ٿڏا هنيا ويا آهن. جيئن پاڻ لالچ تحت گهر تي قبضو ڪيو ٿا اچن. تيئن ئي جيڪڏهن عوام کي به لالچ ڏيندا اچن ها ته اڃان به وڌيڪ عرصو حڪمراني ڪري سگهن ها، پر لڳي ٿو ته لالچ جو مقدار جهڪو ٿي رهيو آهي، جنهن سان شايد سندن ئي پيٽ ڪو نه ٿو ڀرجي يا شايد لالچائڻ واري مال تي چوڪيدار ۽ مالڪ ڪونه ٿا ٺهن. چوڪيدار جي هٿ ۾ ڏنڊو آهي جنهن کان مالڪ شايد ڊڄي ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي طاقت جو اندازو ڪونهي ۽ رُسي ويهي رهيو آهي ته شايد چوڪيدار پرچائيندو پر اها سندس غلط فهمي آهي.