نيٺ مدهوش جي مالڪي ٿي!

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

احمد خان مدهوش نه صرف سريلو شاعر آهي، پر هو انتهائي سٻاجهو انسان به آهي. هن جي شخصيت ۾ سندس جسم تي اوڍيل اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيءَ جي سموري سونهن موجود آهي. هر ڪنهن سان پيار ڪندڙ ۽ پاٻوهه سان ملندڙ، جوان دل رکندڙ سائين احمد خان مدهوش قول جو پڪو آهي. هن عمر ۾ به هو هر محفل ۽ مجلس ۾ شامل هوندو آهي. اوهان کيس دعوت ڏيو، سائين احمد خان مدهوش وقت تي پهچندو ۽ موجود هوندو. واعدي جو پڪو ۽ نوجوانن کان وڌيڪ سرگرم رهندڙ مدهوش، خبر ناهي هوش هوندي به، پاڻ کي مدهوش ڇو ٿو چوائي؟ جيتوڻيڪ مون کيس ڪڏهن به مدهوش ناهي ڏٺو. احمد خان مدهوش جو تعلق سنڌ جي قادرالڪلام سگهڙ جلال کٽي جي نسبت سان آهي. جيڪو هن جو پڙ ڏاڏو هيو. مدهوش جو والد حاجي خان شغلي جي نالي سان معروف هيو. اهوئي سبب آهي جو سندس خاندان ۾ ادب جو رنگ رچيل آهي.

احمد خان مدهوش سان منهنجي به نياز مندي آهي. جڏهن اخبارن ۾ خبر پڙهيم، ته سندس طبيعت ناساز آهي. تڏهن پريشاني ٿي. جو سائين مدهوش جي عمر هاڻي ڪنهن سٽ سهڻ جي لائق نه رهي آهي ۽ لطيف سائين چواڻي. ”جهونا ٿيا جهاز، سٽ نه سهن سڙهه جي“ سو مون ان وقت مدهوش صاحب کي فون ڪئي جيڪا سندس فرزند شڪيل کنئي کيس آڇ ڪيم ته، هو جناح اسپتال ڪراچيءَ اچي، مان ذاتي طور سندس علاج ڪرائيندس. ان جا به ڪجهه سبب آهن. مان نه ته ڪنهن فلاحي اداري ۾ آهيان. نه ئي ڪنهن اين جي اوز ۾ آهيان. نه ئي ڪنهن سرڪاري ادبي ۽ ثقافتي اداري سان واسطو آهي. پر سڄڻن سان ساٿ نڀاهڻ جي روايت جو امين رهيو آهيان. ذاتي طور مدهوش جو مون تي هڪ ٿورو آهي. جيڪو مون اهڙي طرح سان لاهڻ پئي چاهيو پر شڪيل ٻڌايو ته، هڪ ته ڪراچي پري آهي. ٻيو ته ادبي بورڊ وارن علاج جي آفر ڪئي آهي. ان ڪري اسان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ علاج واري آفر کي قبول ڪيو آهي. هونئن به سنڌي ادبي بورڊ ۾، ميڊم حميده کهڙو طرفان قائم ڪيل ”رائٽرس ويلفيئر فنڊ“ موجود آهي. جيڪو اڳوڻي سيڪريٽري اعجاز منگيءَ جي دور ۾ نه صرف استعمال نه ٿيو پر ان جي ڪا خبر چار ئي نه پئي ته ان فنڊ سان ڪهڙي ويڌن ٿي؟! اهڙي نموني سان ارباب رحيم جي دور ۾، ٻين شاعرن کي ته لکين رپيا منظور ٿي ملندا هيا. باقي ويچارا ڪجهه هزارن تي، سي به وڏي تڪليف کانپوءِ وڃي مال حاصل ڪندا هيا. ورنه ٻين شاعرن کي ته، سرڪار پاڻ دروازي تي وڃي پئسا پهچائي ايندي هئي. شل نه ڪنهن کي نزلو ۽ زڪام ٿئي. لکين رپين جو اعلان ڪيو ويندو هيو. ۽ شهرن ۾ مشاعرا ڪرائي پنج پنج هزارن جو هديو ڏنو ويندو هيو. پر سنڌي ٻوليءَ جي ويچارن شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪو والي وارث ئي نه هيو. جسماني تڪليفن سان گڏ، مالي مشڪلاتون الڳ هونديون هيون.

اهڙي دور ۾ به محترمه شمس جعفراڻي، هِتان هُتان ڪري، سرويچ سجاولي ۽ هڪ اڌ ٻين اديبن کي لکين رپيا ڏنا. جنهن ۾ محمد حسين ڪاشف به شامل آهي.

موجوده عوامي دور ۾، گهٽ ۾ گهٽ ادبي ۽ ثقافتي ادارن ۾، مستقل بنيادن تي فنڊ قائم ٿيڻ گهرجن، جتي سنڌ جي اديبن/عالمن/شاعرن/فنڪارن ۽ فنون لطيفه جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي نه صرف دوا درمل جو بندوبست ٿيڻ گهرجي. پر انهن جي سارسنڀال جو پڻ انتظام ٿيڻ گهرجي ۽ برابري جي بنياد تي بيمار ۽ نادار فنڪارن جي پرگهور لهڻ گهرجي ۽ انهن کي مناسب روزگار ڏيارائڻ جو پڻ بندوبست ٿيڻ گهرجي.

هڪ تجويز اها به آهي ته جيئن سرڪاري اسپتالن ۾ سرڪاري ملازمن جا خاص وارڊ ۽ سهولتون موجود آهن. اهڙي نموني سان سنڌ جي اربين/عالمن/فنڪارن، مصورن لاءِ پڻ خاص وارڊ ۽ خاص سهولتون هئڻ گهرجن. جيئن علمي ادب ۽ فن سان واسطو رکندڙ، هن حساس طبقيءَ جي نه صرف سار سنڀال لهي سگهجي، پر انهن جو علاج ۽ مالي ضرورتون پڻ پوريون ڪيون وڃن ۽ بنا ڪنهن پارٽي وابستگيءَ جي ملڪ جي هن حساس طبقي جو اهو به حق آهي ته انهن جي ٻارن ۽ پونئرن جي پڻ مدد ڪئي وڃي.

بهرحال سائين احمد خان مدهوش جي علاج جي سلسلي ۾، هينئر سنڌي ادبي بورڊ ۽ ثقافت کاتي پڻ حصو ورتو آهي. پر ان جي مالي مدد پڻ ڪئي آهي. اهڙي نموني سان سنڌ جي ٻن شاعرن اسير ملاح، سعيد ميمڻ ۽ ٻين جي علاج لاءِ پڻ بندوبست ڪيو وڃي.

اديبن ۽ فنڪارن لاءِ پڻ هڪ مستقل ٽرسٽ قائم ڪئي وڃي. جيئن فوري طور انهن جي اسپتالن ۾ داخلا ۽ دوائن جو بندوبست ڪيو وڃي. جيئن سڌريل ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. هونئن به اسان وٽ شاعر، اديب، فنڪار هميشه ضرورت مند رهيا آهن.

اسان ان تي ڏاڍا خوش آهيون ته آخرڪار سائين احمد خان مدهوش جي مالڪي ٿي ۽ اهڙي طرح ٻين اديبن ۽ فنڪارن جي پڻ مالڪي ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ عوامي حڪومت کي ڀرپور ڪوشش وٺڻ گهرجن. جنهن جي ڪري علم ۽ ادب ۽ فن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي سار لهي سگهجي.

سائين احمد خان مدهوش جي هن تڪڙي علاج لاءِ، متعلق ادارن جي تعريف پڻ ٿيڻ گهرجي. ان اميد سان ته هاڻي ڪوبه شاعر، اديب، فنڪار (بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل جي) ڪنهن تڪليف ۾ نه گذاريندو ۽ فوري طور ان جو علاج ڪرائي، هڪ نئون باب ۽ عنوان رقم ڪيو ويندو. صوفين واري هن سنڌ ۾، اهنج، عزاب ۽ ايذاءَ ختم ٿي ويندا.

اسان سائين احمد خان مدهوش جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون.

29siyal@yahoo.com